Home / ڪور افيئر / سنڌ، جنهن جي پڄاڻي نه آ
above article banner

سنڌ، جنهن جي پڄاڻي نه آ

لفظ “آزادي” پنهنجي معنيٰ ۾ جيترو وڏو آهي، اوترو ئي ڳرو پڻ. آزادي پنهنجن متوالن کان جتي صدين جي سگهه، انتها جي Commitment ، هماليه جيڏي حوصلي ۽ قرباني جي تقاضا ڪري ٿي، گڏوگڏ آزاديءَ جي منزل طرف ويندڙ سڀني رستن جي وک وک ڪنڊن سان ڍڪيل هجي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته انهن قومن کي ئي آزاديءَ جي سونهري سپني جي ساڀيان ملي، جن پنهنجي ڪمزوريءَ کي سگهه ۾ بدلائي، ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر کي رستي جي رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ۽ ان ويڙهه جي سموري عرصي جي هر مرحلي ۽ هر لمحي تي ثابت قدم ٿي ڏيکاريو.

70ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات توڙي ناانصافين، ڏاڍ ۽ جبر خلاف نئين سياسي صف بندي شروع ٿي ۽ ان جڏهن تحريڪ جي شڪل ورتي ته سنڌي نوجوانن جي هڪ اهڙي کيپ تيار ٿي اڀري آئي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ باشعور، پنهنجي مقصد سان حد درجي جي ڪميٽيڊ ۽ وڌيڪ Aggressive هئي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جهڙي فڪري امام جي شاگرديءَ ۾ سن واري درسگاهه ۽ سنڌ جي ڪاليجن، يونيورسٽين، جيلن ۽ روڊن رستن تي پچي راس ٿيل اهڙن نوجوانن جو انگ تمام گهٽ هو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ان ڪاوڙيل نسل فقط ٻن ڏهاڪن اندر ئي سنڌ جي سياست جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻ سنڌ اندر هر سياسي پارٽيءَ لاءِ قومپرستيءَ جو رنگ لازمي ٿي پيو آهي.

سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر جي واٽ جو پانڌيئڙو ٿيڻ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جوکم کان گهٽ ناهي، پر ڪمال ته اهو آهي جو ان فڪر کي سنگين ڏاڍ، جبر باوجود ان ڪاوڙيل نسل سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر وستي واهڻ ۾ مقبول بڻائي ڏيکاريو ۽ ان ڪامياب سفر جي سرواڻي سنڌ جي محبوب اڳواڻ ۽ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشيءَ کي نصيب ٿي. 23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٿيل جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪيل “فريڊ مارچ” ۾ لکين سنڌين جو گڏ ٿيڻ قومپرست سياست جي وڌندڙ مقبوليت جو هڪ وڏو مظهر آهي.

سائين جي ايم سيد نه رڳو تاريخ جي گمنام ۽ ميساريل قبرن مان عظيم سنڌ کي ڳولي ڦلهوري قوم آڏو پيش ڪيو، پر ورهين جا ورهيه پورهيو ڪري ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي سنڌ کي هڪ عظيم فڪر ۽ نظريو پڻ ڏنو ۽ ان فڪر ۽ نظريي کي سنڌين وٽ مقبول ڪاوڙيل نسل جي ان نوجوانن جي کيپ بڻايو، جيڪي سن واري درسگاهه ۾ سائين جي شفقت ۽ تربيت ماڻي، جيلن ۽ عقوبت خانن مان ڪڙهي سنڌ جي سياسي اُفق تي اڀري آيا ۽ سنڌ جي سياسي اُفق جي “شهباز” شهيد بشير خان قريشيءَ سن مان جبل جيڏو بار کڻي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ جهرجهنگ جهاڳي واهڻ وستي ۽ روڊن رستن کي ڳاڙهن جهنڊن ۽ سائين جي فڪر سان واسي ڇڏڻ بعد فقط ڏيڍ ڏهاڪي اندر ئي “آجپي جي آواز” کي عالمي ايوانن جي گونج بڻائي ڏيکاريو. بشير قريشي جسقم کي سنڌ جي سڀ کان مقبول سنڌ پرست سياسي پارٽي بڻائڻ بعد هو جڏهن عوام جو محبوب اڳواڻ ٿي اڀريو ته هن رياست جي نظرياتي رکوالن لاءِ کيس وڌيڪ برداشت يقينن ناممڪن هوندو.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو موت جيتوڻيڪ اڃا تائين ڪيترن ئي مونجهارن جي ور چڙهيل آهي، پر سندس موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هلندڙ جاچ ۾ سرڪار جي گوٿنات ۽ معاملي کي منجهائڻ واري روش سبب سنڌ واسين جو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي ته بشير خان جو موت فطري نه هو، پر هي هڪ سياسي قتل آهي. ان معاملي ۾ خاص طور تي سنڌ سرڪار جيڪا لڪ لڪوٽي کيڏي، ان خود پ پ سرڪار لاءِ عام سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪاوڙ ڀري، ته ساڳي وقت ان راءِ کي به تقويت ڏني ته جيڪا پارٽي ۽ سرڪار عالمي پائي جي پنهنجي محبوب اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه سندس قتل جي جاچ به درست ۽ مڪمل طور نه ڪري سگهي، ان پارٽيءَ ۽ سرڪار مان سنڌ جي هڪ قومپرست اڳواڻ جي قتل جي منصفاڻي جاچ جي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي.

تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو جو سنڌ جي ٻن دلير ۽ عوام جي محبوب اڳواڻن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد بشير احمد قريشيءَ جي ڪيسن ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي عملي سياست جي شروعات آمر ضياءَ جي ڪاري حڪومتي دور ۾ ڪئي ۽ ٻنهي جي زندگين جو انت پيپلز پارٽيءَ جي عوامي ۽ جمهوريت حڪومتي دورن ۾ ٿيو!

مير مرتضيٰ جي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ قتل کان هڪ سال بعد ملڪ اندر 1997ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ پ پ کي جتي ٻين صوبن ۾ سوڙهو ڪيو، اتي سنڌ اندر شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت وارو طوق ڳچيءَ ۾ هجڻ سبب پ پ کي عام چونڊن جي نتيجي ۾ عوام پاران موٽ نه ملي، جنهن سبب پ پ کي سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جون فقط 17 سيٽون نصيب ٿيون.

هاڻ جڏهن عام چونڊن ۾ فقط ڪجهه مهينا رهجي ويا آهن ته بشير قريشيءَ جي شهادت واري واقعي بعد سڄي سنڌ مان آيل سخت ردعمل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ کي سنڌ جي عوام پاران ڪهڙي موٽ ملندي. سنڌ جي سورهيه اڳواڻ جي قتل واري واقعي تي پ پ ڀلي بي حسي ۽ عدم دلچسپي ڏيکاري، پر اهو پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته هي قتل پ پ کي مستقبل ۾ تمام ڳرو پوڻو آهي. جيئري بشير خان کان شهيد بشير خان جن جن ڌرين کي به ڏکيو پوندو، انهن مان پ پ به هڪ آهي.

23 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل “فريڊ مارچ” دنيا آڏو جيڪو نظارو پيش ڪيو، ان مان صدين جي سگهه، وڏي جاکوڙ ڪري لکين ماڻهن کي ڪٺو ڪندڙ قيادت جي Commitment ۽ سنڌ واسين جي ثابت قدميءَ اهو واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا 5 ڪروڙ رهواسي پنهنجي مادرِ وطن جي جاگرافيائي وحدت تي ڪا به ميري اک ۽ سوديبازي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ سنڌي پنهنجن وسيلن تي مالڪيءَ ۽ حقِ حاڪميت تان ڪنهن به ريت دستبردار نه ٿيندا.

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي وڌندڙ جيو-پوليٽيڪل اهميت سبب سڄي دنيا جون اکيون هن شهر تي کتل آهن ۽ هن شهر تي قبضي جي جنگ ۾ ويڳاڻا بڻيل اصل ڌرتي ڌڻين جي 23 مارچ واري لکين ماڻهن جي ڪٺ مان خطي اندر مک کيڏارين توڙي عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام مليو ته سنڌ جا اصل ديس ڌڻي ئي هن خطي اندر مک اهميت رکن ٿا ۽ دهشت گرديءَ خلاف جنگ لاءِ گهربل رسد پڻ هر مرحلي تي سنڌين جي مرضي ۽ منشا جي محتاج بڻجي سگهي ٿي.

23 مارچ واري تاريخي ريلي منعقد ٿيڻ بعد سنڌين جي ان شاندار ميڙ جو جائزو وٺڻ وارو آمريڪي ڪانگريس ميمبرن (روهرا بيڪر ۽ ٻين) جو تڪڙو آيل ردعمل اهو واضح ڪري ٿو ته بشير خان جي اڳواڻيءَ ۾ گڏ ٿيل هن تاريخي ميڙ نه رڳو مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪراچيءَ جي ڪوڙن والي وارثن جي پيٽ ۾ وٽ وجهي ڇڏيا هئا، پر آمريڪا سميت عالمي برادريءَ جي پڻ سنڌين جي هن وڏي سياسي اُٿل پٿل تي گهري نظر آهي.

ان صورتحال ۾ هڪ پاسي افغان سرحد تي طالبان ۽ افغان ويڙهاڪن سان منهان منهن ٿيل ۽ آمريڪا جي مسلسل دٻاءَ هيٺ آيل توڙي بلوچستان ۾ بلوچ ويڙهاڪن سان مصروف اسٽيبلشمينٽ 23 مارچ واري ريلي ۽ بشير قريشيءَ پاران ڪيل تقرير کانپوءِ سنڌ اندر پاڻ خلاف هڪ نئون محاذ کلندي محسوس ڪيو، هوڏانهن ٽي وي تي اچي شعر پڙهي ۽ مُڪون ڏيکاري سنڌين کي اهو ڌمڪي آميز پيغام ڏنو ويو ته هو ڪراچيءَ اندر سنڌين جي وڌندڙ آباديءَ کي روڪڻ کان ته لاچار آهن، پر سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ سياسي طور انٽريءَ سندن سُک ڦٽائي ڇڏيو آهي. بشير قريشيءَ جي قتل جون Beneficiaries پڻ اُهي ساڳيون ڌريون آهن، جيڪي سمجهن ٿيون ته سنڌ جي لکين ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندڙ بشير خان قريشيءَ جي موت بعد سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پئدا ٿيل خال جي نتيجي ۾ هڪ پاسي هنن لاءِ کليل نئون محاذ بند ٿي ويندو ته ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سياست ۾ پٺاڻن جي وڌندڙ اثر سبب اڳ ئي پريشان ڌرين جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ۾ سياسي طور منظم ٿيندڙ سنڌين جي حوصلاشڪني ٿيندي، پر انهن ڌرين جون خوشفهميون درست ثابت ٿين، اهو ضروري ناهي.

بشير خان قريشيءَ جي قتل جي جاچ ساک وارن عالمي ادارن کان ڪرائڻ بعد ئي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ گهرجي، پر جيئي سنڌ قومي محاذ کي پنهنجي طور بشير خان قريشيءَ جي قتل کان اڳ وارين حالتن جو باريڪ بينيءَ کان جائزو وٺڻ کپي. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران متحده جي رابطا ڪميٽيءَ جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ وفاقي وزير فاروق ستار تقرير ۾ هڪ مبهم ڳالهه چئي هئي ته “سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ جيڪڏهن اتحاد نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان بلوچستان وانگر چچريل لاش ملڻ شروع ٿي ويندا.” ڊاڪٽر فاروق ستار کان سنڌ جي گهڻ گهرن کي سندس ان بيان جي وضاحت گهرڻ گهرجي ته ان بيان مان سندس اشارو ڪهڙي طرف هو ۽ آخر کيس ڪهڙو کٽڪو ٿي پيو هو جو هو اها ڳالهه چوڻ تي مجبور ٿيو.

هن ڪيس جي جاچ جي حوالي سان پ پ سرڪار جي روش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها لکين سنڌ واسين جي جذبن جو ڪيترو احترام ڪري ٿي. سنڌ سرڪار جي بي حسيءَ تي بشير خان کي پنهنجو دلير ڀاءُ ۽ اوکيءَ ويل ڏڍ سڏيندڙ صوبائي وزير سسئي پليجو ئي چپ سُبي ڇڏيا آهن ته رحمان ملڪ پارن تي ڪهڙي ميار! هن ڪيس ۾ سرڪار جي عدم دلچسپي ۽ بي حسيءَ کي ڇا سمجهجي؟ ڇا ٻوڏن، ڪرپشن، بدامني، بيروزگاري ۽ مهانگائي حوالي ٿيل سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سرڪار جيڪا روش رکندي آئي آهي، هن ڪيس ۾ به اهڙي ئي روايتي سستي ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي؟ يا لاشن تي سياست ڪرڻ واري نفسيات قومپرست سياست کي هڪ “وڏو شهيد” ملڻ کان خوفزده آهي يا اڃا ئي ڪي ٻيون مجبوريون آهن؟

بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي تي سڪتي ۽ صدمي ۾ ورتل سندس پارٽي جسقم صورتحال کي مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ سان گڏ هن ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ درست رخ ۾ قدم کنيا آهن، جسقم پاران بشير قريشيءَ جي موت جي جاچ گڏيل قومن کان ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، خبر ناهي UNO هڪ پارٽيءَ جي اپيل کي ڪهڙي موٽ ڏيندي، پر جسقم کي ان سلسلي ۾ ڪجهه عرصي کان سنڌ جي صورتحال ۾ دلچسپي وٺندڙ آمريڪي ڊپلوميٽس سان پڻ لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي. جيئن آمريڪي ادارن 23 مارچ واري ريليءَ جو گهرائي سان جائزو ورتو، ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شهيد بشير خان قريشيءَ جي موت واري معاملي تي پڻ آمريڪا توڙي ٻي عالمي برادريءَ جي گهري نظر هوندي.

سنڌ اندر وڏي عرصي کان قيادت جي فقدان وارو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي، بشير خان قريشي پنهنجي ڪمٽمينٽ، ثابت قدمي ۽ تحرڪ وسيلي قومپرست سياست کي جنهن ريت عوام وٽ مقبول بڻائي ويو، هو “ليڊرشپ جي کوٽ” واري مايوس ڪن سوال جو هڪ پراميد جواب ضرور هو. هاڻ سندس پڄاڻان سنڌ جي عوام ۽ قومپرست ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙي آهي، پر جسقم جي موجوده قيادت وٽ آصف بالادي جهڙا قابل، ڪميٽيڊ ۽ جاکوڙي جڏهن ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ ۽ آڪاش ملاح جهڙا سرگرم اڳواڻ موجود آهن، جن مان اميد رکي سگهجي ٿي ته هو جسقم جي سگهه کي برقرار رکندي بشير خان جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائيندا. شرط اهو آهي ته جسقم جي موجوده قيادت کي پنهنجي شهيد سرواڻ جي لائين تي هلندي نه رڳو عوامي سطح تي تمام متحرڪ رهڻو پوندو، پر سنڌ جي سياست ۾ قبيلائي تڪرار کان ويندي سرڪاري ملازمن جي بحاليءَ سميت ننڍن ننڍن اشوز تي ڪردار ادا ڪرڻ وارا Trends جيڪي بشير خان قريشيءَ متعارف ڪرايا، انهن تي پڻ ڪاربند رهڻو پوندو.

شهيد بشير خان قريشيءَ کي رستي تان هٽائي سڄي سنڌي قوم تي وار ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ان وار کي ڪڏهن به نه وساريندي. جيئن ڪي مرڻا قومن کي جيئاري ويندا آهن، ايئن بشير خان جو وڇوڙو سنڌ لاءِ ڪنهن ڇرڪ کان گهٽ ناهي. ياد رکڻ گهرجي ته فردن کي ته موت جي ننڊ سمهاري سگهجي ٿو، پر نظرين کي مارڻ ممڪن ناهي. قربانيون نظرين جو جيئدان هونديون آهن.

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙهه،

ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ،

هڪڙو بلاول هو، جيڪو ڪٽجي مئو،

هڪڙو سيد آ، جنهن جي پڄاڻي نه آ.

irfanbughio@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو