Home / ويندي ويندي / سنڌين وٽ ڪهڙي چاٻي آهي
above article banner

سنڌين وٽ ڪهڙي چاٻي آهي

 

سو، نيٺ گورن جو منٿ ميڙ قافلو ڪراچي جي قبائلي جهڳڙن کي روڪڻ لاءِ پهريائين نائين زيرو ۽ پوءِ شاهي سيد جي گهر تي پهچي ويو. برطانيا جي نائب هاءِ ڪمشنر پهريائين متحده جي قيادت سان ملاقات ڪئي، جتان جاري ٿيل پڌرائي موجب مجموعي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. شاهي سيد وٽ ته برطانيا جو نائب هاءِ ڪمشنر کُلي پيو، جتي هن ڳالهايو ته “مستحڪم ڪراچي عالمي مفادن وٽان آهي.” معنيٰ ڪراچي ۾ هڙتالون نه هونديون ته ناٽو سپلاءِ جو روٽ کولڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي.

اسان سمجهون ٿا ته گورن جو پٺاڻن ۽ متحده وارن وٽ ڪراچي ۾ جهيڙي ٽارڻ لاءِ لنگهي وڃڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانهي، ها، ان ۾ هڪ ڳالهه آهي ته هي جيڪو رحمان ملڪ روز اچي پيو ڊز هڻي ته ڪراچي ۾ گڙٻڙ ڪا ٽئين قوت ڪرائي رهي آهي، ان تي لت اچي وئي. اها ايئن ته گورا ڪي وائڙا ڪونهن جو ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ٽين ڌر بجاءِ پهرين يا ٻي ڌر وٽ اچن ها. کين سڀ خبر اهي ته ڪير پيو ٿو لاش ڪيرائي. ان ڪري هو سڌا نائين زيرو تي ۽ پوءِ مردان هائوس تي پهتا. ڪنهن پراسرار ٽين ڌر وٽ نه ويا. هاڻ ڏسون، نائين زيرو وارا در لنگهي آيل گورن کي مان نه ڏين. گورن وٽ به پوءِ هڪ “مهمان” ترسيل آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ وارا اڃا ڪاغذ کنيو عمران فاروق جا قاتل ڳوليندا ڦوليندا وتن.

پر ان ۾ هڪ ڳالهه چڱي به آهي ته خراب به. چڱي اها ته گورا اسان سنڌين کي ڪنهن به گڙٻڙ جو ذميوار نه ٿا سمجهن. خراب اها ته اهي اسان کي ان لائق به نه ٿا سمجهن جو اسان ڪا گڙٻڙ به ڪري سگهون.

نه ته ڪراچي سنڌين جي وطن جي راڄڌاني آهي. ڪراچي ۾ هونئن ته سنڌي ايترو منظم ڪونهي جو پهرين يا ٻين ڌر جيان ڪو وارو وڄائي سگهي، پر ايترو به ويل ڪونهي. تازو ئي بندر روڊ تي لکين سنڌين گڏجي “آزادي مارچ” ڪيو. ان کان علاوه پ پ سنڌين جو ووٽ رکندڙ جماعت آهي. ڪراچي جي امن لاءِ گورن جو منٿ ميڙ قافلو وزيراعليٰ هائوس هليو وڃي ها.

پر ڇا ڪجي، گورن وٽ سنڌين جي حيثيت ثقافتي ٿيندي وڃي. اجرڪ، ٽوپي، صوفي، گيڙو رنگ. ايئن، جيئن ڪو آسٽريليا گهمڻ وڃي ته اتي کيس آسٽريليا جي اصلوڪن (Aborigines) ماڻهن جي ثقافت ڏيکاري خوش ڪيو وڃي. سنڌي کي پنهنجي سياسي حيثيت به مڃرائڻي پوندي. پ پ وارن جا ته حال ساريا پيا آهن. سندن اسيمبلين ۾ پير ئي ڪو نه ٿا کپن. تنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم وارن کين ڪيئن اسيمبلين مان ڊوڙايو سو اوهان ۽ اسان پئي ڏٺو. دنيا مطلب جي به آهي ته طاقت جي به. گورن جي ڪنهن سان به مٽي مائٽي ڪونهي. کين ڪراچي جو امن ان لاءِ کپي جو NATO فورسز جي سپلاءِ هتان آهي. ڪراچي بند معنيٰ سپلاءِ بند. ۽ کين اها به خبر آهي ته ڪراچي جي امن جي چاٻي ڪنهن وٽ آهي. ڪنهن وٽ به هجي بهرحال سنڌين وٽ ناهي. جڏهن سنڌين وٽ نه ڪو ڪارڊ هجي نه چاٻي ته عالمي مطلب ۽ مفادن جا در سندن مٿان ڪيئن کلندا؟ اوهان به سوچيو، اسان به سوچيون ٿا.

۽ اهو به سوچيو ته ناٽو سپلاءِ جو روٽ کڻي ڪراچي مان شروع ٿئي ٿو، پر پوءِ ست اٺ سئو ڪلوميٽر اتان گذري ٿو، جتان رڳو سنڌي ٽوپيون ۽ مٿا آهن. گورن کي سنڌين جي اها Strategic پوزيشن پاڻ ئي سمجهڻ گهرجي يا سنڌين کي ڪو نياپو ڪا دانهن ڪرڻ گهرجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو