Home / ڪور افيئر / سنڌ جو مزاحمتي ڪردار بشير خان قريشي
above article banner

سنڌ جو مزاحمتي ڪردار بشير خان قريشي

اپريل جو مهينو سنڌ واسين لاءِ انتهائي نڀاڳو مهينو ثابت ٿيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو به اپريل ۾ سنڌ واسين کان وڇڙيو. سائين جي ايم سيد اپريل ۾ ڏهاڳ ڏيئي ويو. ان کانپوءِ شهيد سرائي قربان پنهنجن ساٿين سميت سنڌ تان صدقي ٿيو ۽ هاڻ تازو بشير قريشي پڻ اپريل جي مهيني ۾ سنڌ ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو. بشير قريشي هڪ بي قرار روح جو مالڪ هيو، ۽ انهي بي قرار روح کي مادر وطن جي هنج ۾ شايد قرار اچي ويو هجي. بشير قريشي سيد ۽ سنڌ جو عاشق هيو، عشق ابدي هوندو آهي. اهو زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد هوندو آهي.

بشير قريشي ۾ بي شمار خوبيون هيون. هو دوستن جو دوست ۽ سنڌ جي ويرين جو ويري. هن جي خاص خوبي، جرئت، جهدوجهد ۽ جفاڪشي هئي. هن مارچ ۾ سنڌ جي ڳوٺ، ڳوٺ واهڻ وستي ۾ سنڌي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ جيڪا جهدوجهد ڪئي، اهڙي جهدوجهد شايد ذوالفقار علي ڀٽو به نه ڪري سگهيو هجي. انهي ڪري هو غافل سنڌين کي بي شمار تعداد ۾ ڪراچي ۾ گڏ ڪري سگهيو. مونکي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو ڪيترن سالن کان تجربو رهيو آهي، انهي تجربي ۾ ڪڏهن ڪڏهن آئون ٿڪجي پوندو هوس، ۽ تقرير ڪرڻ کان انڪار ڪندو هوس، پر هو اياز جي شعر وانگر

ڪڏهن نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

ڪڏهن به ٿڪبو نه هو، آئون اِهو ڪو نه ٿو چوان ته هو نڪرو ما لومبوبا وانگر جادوئي اثر رکندڙ مقرر هو پر سنڌ جي ماڻهن جي نفسيات مطابق مادر وطن سنڌ جي خوبين، خاصيتن تي ڳالهائيندو هو، هو بي پناهه جرئتمندي سان ڳالهائيندو هو ۽ سنڌي ماڻهو جرئت مندي جا تاريخي طرح عاشق رهيا آهن، ۽ هن پنهنجي لفظن ذريعي سنڌين جي دلين ۾ اُها حرارت پيدا ڪئي جو سنڌ جو ستل شينهن جاڳي پيو، آئون ڪڏهن، ڪڏهن جلسي ۾ ماڻهن جي ان ولولي کي ڏسي نياز همايوني جو هي شعر پڙهندو هوس

سنڌ جي مڪلي، ساموئي جو قسم

شاهه جي سسئي، ماروي جو قسم

ڪنهن جهانگين جي جهولي ڏيئي

جهولي کي ٻاگهي جي ٻولي ڏيئي

سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي،

رات جي سانت ۾ ڪنهن ستاري مثال

صبح جي نور ۾ ڪنهن نظاري مثال

ماءُ جي روح ۾ راس لولي جيئان

ڪنوار جي ذهن ۾ ڪنهن پرولي جيئان

سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي.

ته ان جلسي ۾ شعر تي تنقيد نه ڪندو هو پر جڏهن گاڏي ۾ روانا ٿيندا هئاسين ته، هن جي عادت هوندي هئي ته پاڻ ڊرائيونگ نه ڪندو هو، پر هن جو پسنديده ڊرائيور غفار ڊرائيونگ ڪندو هو پر جڏهن آئون گڏ هوندو هوس ته سندس سيٽ تي مونکي ويهاريندو هو ۽ ڊرائيونگ پاڻ ڪندو هو، ۽ ان وقت چوندو هو ته، نياز جو شعر ته شاندار، پر ان شعر جي مفهوم وانگر سنڌ جاڳي ناهي، ۽ جڏهن سنڌ ڪنوار جي ذهن ۾ پرولي وانگر جاڳي تڏهن سنڌ ڄام نظام الدين جي ٿي ويندي، ۽ غلامي جا ڳٺ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا. بهرحال ڪوشش ڪريون ٿا ته، سنڌ ماءُ جي وانگر جاڳي پوي ته پوءِ وارا نيارا ٿي ويندا، بهرحال پنهنجو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ رزلٽ سنڌي عوام جي دلين ۾ آهي، بهرحال منهنجا هُن سان اختلاف به رهيا پر انهن اختلافن ڪڏهن به دشمني جو رنگ اختيار نه ڪيو. آئون جڏهن سندس تڏي تي پهتس، ان وقت ۾ مون ماڻهن جو جيڪو هجوم ڏٺو، ان وقت مون محسوس ڪيو ته، هُن جي محنت رائيگان نه وئي آهي. آخر ۾ آئون اِهو چوندس جيڪو مارڪس جي وفات تي اينگلز چيو هو ته “هن تاريخ تي مارڪس مئو ناهي، پر دنيا جي سڀ کان وڏي سوچيندڙ دماغ، سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ آئون بشير خان لاءِ چوندس ته، ان تاريخ سنڌ لاءِ ڌڙڪندڙ، خوبصورت ۽ بهادر دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو