Home / افيئر / سنڌ جو ڪوئلو: مالڪي ڪيئن ڪجي
above article banner

سنڌ جو ڪوئلو: مالڪي ڪيئن ڪجي

پاڪستان دنيا جو ستون نمبر آبادي رکندڙ ملڪ آهي. جڏهن ته ڪوئلي جي ذخيرن ۾ پاڪستان جو دنيا ۾ ڇهون نمبر آهي، جتي 185 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ ڪوئلي جا ذخيرا ملڪي ذخيرن جو 95 سيڪڙو آهن. ساڳي وقت سنڌ 72 سيڪڙو گئس ۽ 56 سيڪڙو تيل پيدا ڪري رهي آهي. ملڪي ڪوئلي جي ذخيرن جو 95% سيڪڙو سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ٿر ۾ هئڻ جا حال ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي اقتصادي، سماجي ۽ سياست ۾ به تبديلين جا واضح اثر ظاهر ٿيندا.

هن وقت توانائي حاصل ڪرڻ جا مکيه ذريعا تيل، گئس ۽ ڪوئلو آهن. دنيا ۾ هن وقت به 41 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪوئلو صرف هڪ سيڪڙو استعمال ٿئي ٿو، اُهو بجلي پيدا ڪرڻ ۾ نه پر سرن جي بٺن جي ٻارڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. اَجگر جيڏي 18 ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ملڪ پاڪستان هن وقت سڀ کان وڌيڪ ٻن مسئلن دهشتگردي ۽ توانائي جي شديد بحران جو شڪار آهي. جنهن جا اثر وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، لوڊ شيڊنگ جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن. ملڪ مان پيدا ٿيندڙ تيل مان ملڪي ضرورتن جو صرف 19 سيڪڙو پورائو ٿئي ٿو، جڏهن ته باقي 81 سيڪڙو تيل سعودي عرب، ڪويت ۽ ايران مان آمريڪي ڊالرن ۾ خريد ڪيو ويندو آهي، جنهن تي هر سال ملڪي خزاني ۾ موجود آمريڪي ڊالر خرچ ٿيندا آهن. پاڪستان اڄ کان پنج سال اڳ گئس ۾ خود ڪفيل هو، يعني ملڪي ضرورتون ان پيداوار مان ئي پوريون ٿينديون هيون. انهيءَ جي ڪري ئي پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ 26 لک سي اين جي استعمال ڪندڙن گاڏين وارو ملڪ قرار ڏنو ويو هو. انهيءَ لاءِ ملڪ ۾ اڄ به 32 سو کان وڌيڪ CNG اسٽيشنون گاڏين کي گئس فراهم ڪري رهيون آهن. هن وقت گئس جي پيداوار ملڪي گهرج جي ڀيٽ ۾ ڏينهون ڏينهون گهٽ ٿي رهي آهي. ساڳي وقت بجليءَ جي 66 سيڪڙو پيداوار ٿرمل منصوبن يعني تيل ۽ گئس مان ٿي رهي آهي ۽ اُهوئي بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو سبب آهي جو ٻاهران گهرايل تيل مان بجلي پيدا ٿئي ٿي. گئس جي پيداوار جو وڏو حصو به بجليءَ تي خرچ ٿي رهيو آهي، ملڪ جي وڌندڙ آباديءَ جي ڪري به هڪ ئي وقت گئس، تيل ۽ بجليءَ جي کپت ۾ به تيزيءَ سان واڌ اچي رهي آهي. ۽ اُهو ئي سبب آهي جو سڄو ملڪ توانائي جي حوالي سان ٻڏي رهيوآهي. ۽ اُها توانائي جي ڪري پيدا ٿيل اوندهه ملڪ جي مستقبل ۾ به اڃا به وڏن توانائي سان لاڳاپيل بحرانن کي جنم ڏيندي.

 

بلوچستان ۾ بغاوت جهڙي صورتحال جو سبب به اتان جي قدرتي وسيلن خاص طور گئس جي مالڪيءَ وارو سوال مکيه ڪارڻ آهي، ياد رهي ته بلوچستان مان صرف گئس پيدا ٿئي ٿي ۽ تيل جي پيداوار هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. بلوچستان اڄڪلهه آمريڪا جي Think Tank جي اوليت ۾ شامل آهي، ۽ اُهو ئي بلوچستان هن وقت گئس جي صرف 19 سيڪڙو پيداوار ڏئي رهيو آهي، جيڪو اڄ کان 4 سال اڳ 23 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ هو. ۽ گذريل پنجن سالن کان وٺي سنڌ مان 72 سيڪڙو گئس پيدا ٿي رهي آهي. پر سنڌ جي گئس جي اهميت اڃا تائين ملڪ جي ايوانن توڙي ميڊيا ۾ به پنهنجي جڳهه والاري نه سگهي آهي.

اهو عجيب اتفاق هو جو 1993ع ۾ “سنڌ آئل ڊولپمينٽ اٿارٽي” ٿر ۾ مٺي پاڻيءَ جي ڳولا ڪري رهي هئي ته حادثاتي طور اُها خبر پئي ته ٿر جي ڀٽن هيٺان ته رڳو ڪوئلو آهي. جنهن تي پ پ جي حڪومت انهيءَ جي کوٽائي لاءِ ڪجهه قدم کنيا، پر 1996 ۾ پ پ جي حڪومت ختم ٿيڻ تي ان کانپوءِ جي حڪومتن ان سنڌ جي معدنيات مان متوقع ترقي ۽ خوشحالي لاءِ کوٽائي ۽ توانائي جي استعمال  لاءِ ڪا به خاطر خواهه اڳڀرائي نه ڪئي.

2002ع ۾ پهريون دفعو چين جي شين وان گروپ ٻن سالن تائين 132 انجنيئرن، ٽيڪنيشن، جيولاجسٽن ۽ ٻين ماهرن گڏجي ٿر ۾ ڪوئلي جي هڪ بلاڪ تي ڪم ڪيو ۽ صرف ان هڪ بلاڪ مان 2004 تائين 3 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو، ۽ في يونٽ صرف 5.6 سينٽن ۾ مهيا ڪرڻ جو اگهه مقرر ڪيو، پر پاڪستان جي تنهن وقت جي حڪمرانن انهيءَ تي ضد ڪيو ته بجليءَ جو في يونٽ 5.3 سينٽن ۾ ڏنو وڃي. جنهن لاءِ چين جو اُهو گروپ راضي نه ٿيو ۽ واپس چين هليو ويو جنهن کانپوءِ جرمنيءَ جي هڪ ڪمپني فزيبلٽي تيار ڪئي ۽ چيو ته هو ٿر ۾ بجليءَ جو پهريون ڪمرشل پروجيڪيٽ لڳائي بجلي فراهم ڪندا جنهن جو اگهه في يونٽ 7.6 سينٽ هوندو، جيڪو چائنا واري آفر کان وڌيڪ مهانگو هو. ۽ ايئن ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به حڪومت سنجيده نظر نه آئي. ملڪ ۾ توانائي جو بحران وڌندو ويو. 2008 ع ۾ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ڪوئلي مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٽن وڏن پرائيوٽ ادارن کي سيڙپ ڪاري لاءِ آماده ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، جن ۾ اينگرو ڪمپني، جي ايس (جهانگير صديقي) ۽ لڪي سمينٽ گروپ شامل هئا. 2009ع ۾ سنڌ حڪومت سان گڏجي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ “سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني لميٽڊ” ۽ ٻين ٻاهرين ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويا، جن ۾ چين جي گلوبل مائننگ ڪمپني، برطانيه جي اوريڪل ڪول مائننگ، ۽ چين جي ٻي سڀ کان وڏي توانائي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ “چائنا ٿري گورجيس ڪمپني شامل آهن، جن ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ابتدائي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. مٿيون ڪمپنيون مرحليوار 2016ع تائين 400 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جون دعويدار آهن.

اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني حڪومت سان گڏجي بلاڪ II ۾ ڪم پڻ شروع ڪري ڏنو آهي، اينگرو ڪمپني قادر پور گئس پلانٽ مان پڻ پهرين ئي 220 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو منصوبو به شروع ڪيو آهي.

اينگرو ڪپمني دائود ميمڻ گروپ جي آهي جيڪا 1957ع کان وٺي ماڙي گئس فيلڊ، ميرپور ماٿيلو ۾ يوريا ڀاڻ ۽ ٻين مصنوعات جا وڏا پروجيڪٽ هلائي رهي آهي، هن وقت ان جي مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو تعداد 39 هزار آهي. هن گروپ جو چيئرمين حسين دائود آهي. هاڻي بجلي ۽ گيس جي حصول لاءِ پاڪستان وٽ ٻيو ڪو به چارو نه آهي سواءِ جو هو ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ڪري ملڪ ۾ توانائي جي بحران تي قابو پائي سگهي. ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون وڌندڙ قيمتون، وري مهانگو تيل خريد ڪري بجلي پيدا ڪئي وڃي، يا گئس جو بجليءَ جي ٺاهڻ تي استعمال ڪيو وڃي، يا وري گيس گهرو استعمال ۽ صنعتن توڙي CNG اسٽيشن تي استعمال ڪري عام ماڻهو کي فائدو پهچايو وڃي، اُها هڪ وڏي حقيقت آهي ته هاڻي ٿر جو ڪوئلو ئي هن ملڪ جي مستقبل سان لاڳاپيل آهي.

ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ ۽ ان مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ سست رفتاريءَ ۾ جيڪي اهم رڪاوٽون سامهون اچي رهيون آهن انهن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، روڊ، ٽرانسميشن لائين ۽ پاڻي جي فراهمي شامل آهن. انهن منصوبن لاءِ ڪو به ٻاهريون ملڪ سيڙپڪاري نه ڪري رهيو آهي، ملڪي توڙي ٻاهرين ڪمپنين جي پهرين گهر آهي ته ڪمپنين کي اُهي ذڪر ڪيل سهولتون فوري طور تي مهيا ڪري ڏنيون وڃن، انهن منصوبن کي پورو نه ڪرڻ ۾ مرڪزي حڪومت جي ڪن ادارن جي لاپرواهي ۽ بي دلي به شامل آهي. جيستائين روڊ جو تعلق آهي ته ان تي ڪم هلي رهيو آهي، ڪراچي، گهارو، کان هڪ ڪشادو روڊ تعمير ٿي رهيو آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن کان ڪمپنين جي لاءِ ڊيگهه ۽ وزن ۾ ڳوري مشينريءَ کي ٿر تائين پهچائڻ ۾ مدد ڏيندو. ٿر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ نارا ڪئنال مان واهه کوٽي ٿر تائين پاڻي پهچائڻ سان گڏ ايل بي او ڊيءَ جي سمنڊ ۾ ويندڙ اضافي پاڻيءَ کي ٿر جي ڪوئلي وارين ڪمپنين جي استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ پڻ غور ٿي رهيو آهي.

ٽرانسميشن لائين لاءِ مٽياري ٿر ۽ رحيم يار خان تائين جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تي 60 ارب روپين جو خرچ ايندو، جنهن جو 40 سيڪڙو سنڌ حڪومت ادا ڪندي، باقي رقم لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

جيستائين ايٽمي سائنسدان ثمر مبارڪ جو “انڊر گرائونڊ فڪيشن” جي منصوبي جو تعلق آهي ته اُهو هن وقت تائين صرف تجرباتي پائلٽ پروجيڪٽ آهي. هڪ عام خيال آهي ته اُها “گيس فڪيشن” ڪمرشل بنيادن تي ٿيڻ تقريبن ناممڪن آهي.

هاڻي جڏهن آئين ۾ ڪيل 18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي قدرتي وسيلن جي مالڪيءَ جا ڪجهه اختيار مليا آهن. ان کانپوءِ سنڌ جي حڪومت تي به اُها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته کيس ٿر جي ڪوئلي، سنڌ جي گئس ۽ ٻين وسيلن جي مالڪي سنڀالڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا ۽ اهڙي طرح سنڌ جي قوم پرست جماعتن کي پنهنجيون حڪمت عمليون نئين سر جوڙڻيون پونديون.

سنڌ حڪومت آڪٽوبر 2011 تي ڪراچيءَ ۾ “ٿر ڪول عالمي ڪانفرنس” ڪوٺائي جنهن ۾ وزير اعظم سميت، 800 مندوبين شرڪت ڪئي جنهن ڪانفرنس ۾ ٿر ڪول جي باري ۾ واضح حقيقتن، توانائي جي معاملن ۽ سيڪيورٽيءَ جي معاملن تي تفصيل سان ڳالهايو ويو. هن ٿرڪول تي منعقد بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي گهڻ قومي ڪمپنين جي نمائندن، پاڪستان جي صعنت ڪارن، سفارتڪارن، سائنسدانن، ٿر ۾ سيڙپ ڪاري ۽ روزگار جي خواهشمندن، ملڪ کان ٻاهر رهندڙ مالدار پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي ڪوئلي تي وڏي ۾ وڏي ڪانفرنس هئي ۽ پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم موقعو هو.

افسوس جو انهيءَ عالمي سطح جي ڪانفرنس ۾ سنڌين جي شرڪت اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هئي، جنهن ۾ ڪنهن به سياسي يا قوم پرست پارٽيءَ جي نمائندي شرڪت نه ڪئي. ڪنهن به سنڌي اخبار جي ايڊيٽر، ڪالم نگار، سنڌ دوست ٽيڪنوڪريٽ، اين جي اوز جي نمائندي يا ڪنهن ناليواري صحافي شرڪت نه ڪئي.

ڏک جهڙي ڳالهه ته ڪراچيءَ ۾ هر سنڌي اخبار توري چينلز جون آفيسون ۽ ڪيترا ئي صحافي مقرر ٿيل آهن پر انهن مان صرف هڪ يا ٻن ڄڻن شرڪت ڪئي، ۽ دلچسپ ڳالهه ته اُهي به صبح جو 9 وڳي شروع ٿيل ڪانفرنس ۾ مانجهاندي مهل شريڪ ٿيا ۽ ان ڪانفرنس جي رپورٽنگ به سنڌي اخبارن ۽ چينلز تي غير اهم نموني سان ٿي هئي. هن عالمي ڪانفرنس ۾ ملڪ توڙي ٻاهر کان آيل مندوبين سنڌ جي هن ٿر واري علائقي کي “پرامن ترين” علائقو ڄاڻايو هو. برطانيا جي هڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ ته ايئن چيو ته ايندڙ 20 کان 25 سالن تائين ٿر جي هن علائقي جي رونق ۽ اهميت هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙي هوندي. اُتي سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر سميت سنڌ جي اجرڪ، ميهڙ جي مائي ۽ ميندي، هالا جي جنڊي، نصرپور جي کيسن ۽ لاڙڪاڻي جي شهيدن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو.

ٿر ڪول جي هن عالمي ڪانفرنس ۾ هڪ بهترين موقعو هو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جا نمائندا، ماهر، سماج سڌارڪ اڳواڻ، سنڌي دانشور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي اتي موجود ٿر ۾ سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان ملي کين ٿر جي ترقي ۽ سنڌين جي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ لاءِ آماده ڪري پي سگهيا، پر سنڌين جي ئي شهر ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هن تمام وڏي موقعي مان ڪو به فائدو نه وٺي سگهياسين.

هاڻي جڏهن ٿرڪول پروجيڪٽ تي ڪم به شروع ٿي چڪو آهي، ته سنڌ واسين کي به گهرجي ته هو روايتي ڪن لاٽار ۽ احتجاج، ڌرڻن، لانگ مارچ ۽ پريس بيانن کان به اڳتي سوچين. ان لاءِ باقائده سروي، تحقيق ۽ معلومات سان ٿر جي ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ روزگار لاءِ ۽ ٿر جي ترقي لاءِ ٺوس پلاننگ ڪرڻي پوندي.

۽ اُها معلومات گڏ ڪري وقت به وقت سنڌ جي ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي. ڇو ته مستقبل ۾ سنڌ جي قدرتي وسيلن خاص طور ڪوئلي ۽ گئس جي اهميت وڌي ويندي، جيڪا ايندڙ وقت جي سياست ۽ سماجيات تي به گهرا اثر وجهندي.

۽ اُهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي قيمتي گئس ۽ تيل جي گذريل 30 سالن کان ڀيل ٿيندي رَهي، پر اسان سنڌ وارن کي صرف چار سال اڳ معلوم ٿيو ته سنڌ ملڪي پيداوار جي 72 سيڪڙو گئس ۽ 56 سيڪڙو تيل پيدا ڪري ٿي.

هاڻي جڏهن 185 ارب ٽن ڪوئلو سنڌ جي ڌرتي هيٺان موجود آهي ته ان جي مالڪي ۽ عام ماڻهو کي هر قسم جي آگاهي ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ۽ بهتر حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. ۽ ان ۾ هاڻي ڪوتاهي ۽ دير ڪرڻ قومي ڏوهه جي برابر هوندو، ان سلسلي ۾ ڪجهه ٺوس تجويزون عرض رکجن ٿيون.

سنڌ جي هر سياسي پارٽي خاص طور قوم پرست پارٽين کي پنهنجي پارٽين جي منشورن ۾ سنڌ جا قدرتي وسيلا خصوصن گئس، ڪوئلو ۽ تيل کي اَوليت جي بنياد تي رکيو وڃي ۽ هر پارٽي قدرتي وسيلن لاءِ هڪ ونگ قائم ڪري، جيڪا انهن وسيلن جي مڪمل ڄاڻ گڏ ڪري ان کي پنهنجي پارٽي اجلاسن ۾ قيادت ۽ ورڪرن کي اپ ڊيٽ ڪنديون رَهن.

هر سنڌي اخبار پنهنجي پڙهندڙن لاءِ قدرتي وسيلن، ڪوئلو، گيس ۽ تيل متعلق تازي معلومات ڏيڻ لاءِ هفتيوار صفحو شايع ڪن.

هر سنڌي اخبار ۽ چينل گهٽ ۾ گهٽ هڪ نمائندو قدرتي وسيلن جي ڄاڻ ۽ رپورٽنگ لاءِ مقرر ڪن.

هر TV چينل کي گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ دفعو قدرتي وسيلن تي هڪ ڪلاڪ جو پروگرام ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ شعبي جي ماهرن کي گهرائي، پنهنجي ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي تازه ترين ڄاڻ کان آگاهي ڏين ۽ اهڙي معلومات ۾ ٿر ڪول منصوبن، ڪمپنين ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ، روزگار جي انگن اکرن، پيداوار واري معلومات مهيا ڪئي وڃي.

ٿر جي علائقن ۾ جتي ڪوئلو ۽ ان جي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي اتي جي اخباري ۽ چينلز جي نمائندن کي ڪوئلي، ڪمپنين، ماحولياتي اثرن، تي فني تربيت ڏياري وڃي. ادارن طرفان جيئن هو صحيح رپورٽنگ ذريعي ڄاڻ پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائي سگهن.

سياسي پارٽين، اين جي اوز ۽ ٻين گروپن کي احتجاجن ۽ مظاهرن سان گڏ، تحقيق ۽ انگ اکر گڏ ڪري، ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙن ڪمپنين سان سموري سنڌ جي ماڻهن جي روزگار جي خط و ڪتابت ۽ روبرو گڏجاڻين ذريعي مٿن روزگارن ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي.

سڀني پارٽين ۽ گروپن کي ٿر جي رهواسين کي به پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري سموري سنڌ جي ماڻهن کي ڪول پروجيڪٽ جي منصوبن ۾ نوڪرين جو مطالبو رکڻ کپي، ان ۾ اُها گهر ضرور شامل هجي ته روزگار ۾ مقامي ٿرين کي اوليت ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته ٿر جي پسماندگي ۽ فني تربيت جي کوٽ جي ڪري صرف ٿر ۾ ڪمپنين کي اتان هنرمند ۽ ٽريننگ يافته ماڻهن جو ملڻ ناممڪن آهي.

حڪومت سنڌ کي گهرجي ته ٿر ۾ ڪوئلي جي حوالي سان روزگار لاءِ قائم ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۽ مونوٽيڪنيڪل اسڪولن ۾ فني تربيت کي يقيني بنائي ۽ هر سال اتان تربيت وٺي نڪرندڙ نوجوانن کي ٿر ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪمپنين کي پابند بنائي، ۽ هر تربيت يافته فرد کي روزگار ڏيارڻ يقيني بنائي.

ڪوئلي، گئس، تيل ۽ ٻين قددرتي وسيلن تي ڪم ڪندڙ دنيا جي ٻين ملڪن جي تنظيمن ۽ ادارن سان رابطا پيدا ڪيا وڃن. ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجا همدرد ۽ دوست پيدا ڪيا وڃن. ۽ ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ملڪي توڙي گهڻ قومي ڪمپنين کي ٿر ۾ سماجي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

ishaksoomro@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو