Home / افيئر / سنڌ جي ابتدائي آدمشماري ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۾
above article banner

سنڌ جي ابتدائي آدمشماري ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۾

 

آدمشماري هميشھ سنڌين لاءِ اهم سياسي اشو پئي رهندو آيو آهي. جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ئي سنڌ جي شهرن ۾ آباديءَ ۾ واڌ ۽ اُها واڌ غير سنڌين جي طرفان ٿيندي پئي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌي تيزيءَ سان هاڻي به مڙني وڏن شهرن ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي رهيا آهن، تنهنڪري اُها وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهي ته انهي “آبادياتي تبديليءَ” جو جائزو ورتو وڃي ۽ ڪٿ ڪئي وڃي ڇو ته آدمشماري جي ذريعي ئي سياست ۽ وسيلن جو تعين پڻ ٿيندو آهي.

بدقسمتيءَ سان هن ملڪ ۾ آدمشماري مقرر ڪيل وقت تي نه ٿي رهي آهي، جيڪا اصولي طرح هر ڏهن سالن کان پوءِ ضرورٿيڻ کپي، پر 1981 ع ۾ ٿيل آدمشماري کان پوءِ جيڪا آدمشماري 1991 ۾ ٿيڻي هئي، اُها 18 سالن کان پوءِ 1998 ۾ ڪئي وئي، ۽ ان کان پوءِ جيڪا آدمشماري 2008 ۾ ٿيڻ کپي ها اُها اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ان جو صرف گهر شماريءَ جو پهريون مرحلو طئه ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ گهرن جي ڳڻپ ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد لکيو ويو، جڏهن ته ان تعداد جا مڪمل تفصيل ٻئي مرحلي ۾ ورتا ويندا جيڪي مڪمل ۽ اعتبار جو ڳا هوندا.

تازو حڪومت جي ذريعن وٽان جيڪي شروعاتي انگ اکر سنڌ صوبي جا منظر عام تي آيا آهن. جيڪي سنڌ جي نه رڳو آباديءَ جي ماهرن پر سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ گروپن کي به سوچڻ ۽ آئنده لاءِ سياسي صف بندين ڪرڻ ۽ نيون حڪمت عمليون ٺاهڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿي سگهن ٿيون پر ضرورت انهيءَ جي آهي ته نه رڳو انهن ظاهر ٿيل انگن اکرن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪيو وڃي پر انهيءَ تي مختلف فورمن ۽ پارٽين اندر بحث مباحثو ڪيو وڃي.

آدمشماري کاتي پاران جيڪي انگ اکر ظاهر ٿيا آهن، اُهي ڪي حتمي نه آهن پر هن وقت جيڪي به ظاهر ٿيا آهن اُهي اسان کي گهڻو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ضرور ڪن ٿا. 1998ع ۾ ڪرايل آخري آدمشماريءَ ۾ پوري سنڌ جي آدمشماري 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 8 سو 93 مان وڌي هاڻي وڃي بيٺي آهي 5 ڪروڙ 52 لک 45 هزار 4 سو 97 جيڪا ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ آباديءَ جي شرح ۾ واڌ 81.5 سيڪڙو ٿيو آهي ۽ گهرن ۾ ٿيل واڌ جي شرح 83.9 سيڪڙو ٿي آهي. ياد رهي ته هيءُ واڌ 1998 ۽ 2011 جي وچ ۾ يعني 13 سالن ۾ ٿي آهي. هيءُ هيڏي واڌ ظاهر ٿي ڪري ته هيءَ واڌ سنڌ ۾ ٻين صوبن کان وڏي تعداد ۾ ايندڙ ماڻهن جي ڪري ٿي آهي نه ته دنيا ۾ ڪڏهن به حقيقي ۽ فطري واڌ ايتري وڌيڪ نه ٿيندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ 81.5 سيڪڙو ٿي آهي.

هونئن ته سموري سنڌ جي ضلعن ۾ آباديءَ جي انگن اکرن ۾ پڻ چڱو خاصو اضافو ٿيو آهي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي جيڪا سامهون آئي آهي، اُها باقي سنڌ جي ٻين ضلعن جي لڳ ڀڳ اڌ جيتري وڃي بيٺي آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق ڪراچيءَ جي آدمشماري جيڪا صرف 98 لک هئي اُها هاڻي 13 سال گذرڻ کانپوءِ 2011 جي ابتدائي انگن اکرن مطابق 2 ڪروڙ 11 لک وڃي بيٺي آهي، يعني ڪراچيءَ جي شهر ۾ واڌ جي شرح 114.5 سيڪڙو آهي.

هاڻي اچو ته اسين 1998 ۽ 1981 ۾ ٿيل آدمشمارين ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد مڙني قومن ۽ ٻوليون ڳالهائيندڙن جي انگن اکرن جو جائزو وٺون.

نمبر                                      قومون                                   1981                                1998                                فرق

1                                            اردو                                       54 سيڪڙو                   48.52                               5.48 (-)

2                                            پنجابي                              13.64سيڪڙو          13.94                               00.20 (+)

3                                            سنڌي                                 6.29 سيڪڙو             7.22                                   00.93 (+)

4                                            پختون                                8.71 سيڪڙو             11.42                               2.11 (+)

5                                            بلوچي                                4.39 سيڪڙو             4.34                                   0.5 (-)

6                                            سرائڪي                                                0.35 سيڪڙو             2.11                                   1.76 (+)

7                                            ٻيا 12.27                               12.44                               0.17 (-)

مٿيان انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪراچيءَ ۾ 1981 ۽ 1998 جي وچ ۾ اردو آباديءَ جو تعداد گهٽيو آهي، اردو ڳالهائيندڙ جيڪي 1981 ۾ 54 سيڪڙو هئا اُهي 1998 جي آدمشماري ۾ 5.48 سيڪڙو گهٽجي وڃي 48.52 سيڪڙو بچيا يعني هو 1998 واري آدمشماريءَ ۾ ڪراچيءَ جي اڌ آباديءَ کان به گهٽجي ويا.

ان کانپوءِ جيڪا انهيءَ دوران گهٽتائي آئي اُها بلوچي ڳالهائيندڙن ۾ آئي جيڪا 0.5 سيڪڙو هئي، پر سڀ کان وڌيڪ واڌارو سرائڪي ڳالهائيندڙن جو هو جيڪي 1981 ۾ ڪراچيءَ ۾ صرف 0.35 سيڪڙو هئا اُهي 2.11 سيڪڙو ٿي ويا، جڏهن ته سنڌين جي آباديءَ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اضافو ٿيو جڏهن ته پختونن جي آباديءَ ۾ 2.11 سيڪڙو اضافو ٿيو، پنجابي آباديءَ ۾ 1998 ۾ صرف 0.20 سيڪڙو واڌ آئي.

ٻئي طرف ڪراچي ۾ رهندڙ ٻين قومن بهارين، بنگالين، افغانين، برمين وغيره جي 1981 ۾ آبادي 12.27 سيڪڙو هئي، جيڪا 1998 واري آدمشماريءَ ۾ 12.44 سيڪڙو ٿي جيڪا 1981جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي.

هاڻي اچو ته 1981 ۽ 1998 وارين آدمشمارين ۾ جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ قومن جو لاڙو نظر آيو آهي ۽ هاڻي جيڪو 2011 جو ظاهر ڪيل غير حتمي انگ اکرن جي شڪل کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون. اُهو ته هاڻي چٽو ٿي چڪو آهي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اڪثريت تيزيءَ سان وڃائي رهي آهي، 1998 ۾ 98 لک آباديءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 48.52 سيڪڙو هو. يعني 98 لکن مان اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 47 لک هو. جڏهن هاڻي 2011 جي آدمشماريءَ تائين جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾ اڌ جيترو به اضافو ٿيو آهي، ته اُهو تعداد وڃي 71 لک بيهي ٿو. ڇاڪاڻ ته گذريل 13 سالن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي فطري طور تي وڌي آهي ان ۾ ٻاهر کان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ سڪونت پذير ٿيا هجن ان جو ڪو به ثبوت نظر نٿو  اچي، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ هن وقت اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ 75 لکن جي قريب هئڻ گهرجي.

پر 2011 جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪراچيءَ جي آدمشماري جيڪا 1998ع ۾ 98 لک 56 هزار 3 سو 18 هئي اُها هاڻي 2 ڪروڙ 11 لک 42 هزار 6 سو 25 ٿي چڪي آهي، يعني ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ 114.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪو آباديءَ جي ايڏي وڏي واڌ جو پوري سنڌ لاءِ خطرناڪ موڙ آهي. آبادياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ هر سال 6 کان 9 لک ماڻهو ٻاهران اچي آباد ٿين ٿا ۽ انهيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو گذريل 8 کان 10 سالن دوران ٿيو، جيڪو پختونخواهه ۾ هلندڙ دهشتگرديءَ واري جنگ جي ڪري پشتون ڪراچيءَ کي پختونخواهه کان وڌيڪ محفوظ سمجهي ڪراچيءَ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، هونئن به هن وقت پختونن جي آباديءَ جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ڪراچي آهي نه ڪي پشاور يا ڪابل.

هاڻي فرض ڪجي ته ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 75 لک آهي ته ان جو تعداد تازن ظاهر ڪيل انگن اکرن 2 ڪروڙ 11 لک 42 هزار 6 سو 25 ۾ وڃي 34.47 سيڪڙو ٿئي ٿو.

جيستائين سنڌين جو تعلق آهي ته اُهو ڪراچيءَ ۾ 1981 ۾ 6.29 سيڪڙو هو ۽ 1998 ۾ وڃي 7.22 سيڪڙو ٿيو، جيڪا واڌ هڪ سيڪڙي کان به گهٽ آهي، هاڻي واري صورتحال به ڪا ايڏي همٿ افزا نه آهي، ڇو ته 2010 جي مها ٻوڏ دوران به جيڪي سنڌي ٻوڏ وارن متاثرين ضلعن مان اچي ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ ترسيا هئا، انهن جو تعداد سرڪاري انگن اکرن مطابق صرف هڪ لک 19 هزار هو. جنهن مان به هن وقت هڪ لک واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن، انهي ٻوڏ يا 2011 جي برساتي ٻوڏ دوران به جيڪي ڪيمپن ۾ پناهه نه وٺندڙ هوندا جيڪي پنهنجي وسيلن تي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿي ويا، انهن جو مجموعي طور تي تعداد 3 لکن تائين بيهي ٿو، اُها به حقيقت آهي ته سنڌين جو پنهنجي ئي شهر ڪراچيءَ ڏانهن اچي مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ضرور ٿيو آهي پر ايترو به نه ٿيو آهي، جيترو اسان جا دوست خوش فهميءَ جو شڪار آهن، اڄ به ڪراچيءَ جي مارڪيٽ، ٽرانسپورٽ، مزدوريءَ ۽ واپار تي اردو ڳالهائيندڙن ۽ پٺاڻن جي اجاره داري آهي، سنڌين جو تعداد ته ڪراچيءَ ۾ اڄ به برمين، بنگالين، افغانين ۽ بهارين جي مجموعي 12.44 سيڪڙو کان به گهٽ آهي.

ڪراچيءَ کانسواءِ ٻين ضلعن ۾ پڻ آباديءَ توڙي گهرن ۾ چڱو خاصو اضافو آيو آهي، جنهن مطابق، حيدرآباد جي آبادي جيڪا 1998ع ۾ 14 لک 94 هزار 8 سو 66 هئي اُها هاڻي وڌي 34 لک 29 هزار 4 سو 71 ٿي آهي، جيڪو آباديءَ ۾ 13 سالن ۾ 129.4 سيڪڙو وڌيو آهي. يعني حيدرآباد جي واڌ جي شرح ڪراچيءَ کان به وڌيڪ ٿي آهي، ٽنڊو محمد خان 51.6 سيڪڙو، مٽياري 46.5 سيڪڙو، ٽنڊو الهيار 59.5 سيڪڙو، بدين 62.0 سيڪڙو، شڪارپور 53 سيڪڙو، قمبر شهداد ڪوٽ 61 سيڪڙو، جيڪب آباد 111.4 سيڪڙو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ 76.5، ميرپورخاص63.8 سيڪڙو، سانگهڙ 31.1 سيڪڙو، ٿرپارڪر 85.2 سيڪڙو، عمرڪوٽ 43.9 سيڪڙو، سکر 52.3 سيڪڙو، خيرپور 50 سيڪڙو، بي نظير آباد 48 سيڪڙو، نوشهرو فيروز 49.1 سيڪڙو ۽ گهوٽڪي ضلعو 61 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ کان وڌيڪ پٺاڻن جي آمد ٿي آهي، جيڪا نه رڳو ڪراچيءَ ۾ ٿي آهي پر اُها حيدرآباد ۽ ٻين شهرن توڙي ڪراچيءَ کان وٺي اوٻاوڙي تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان پٺاڻن جون هوٽلون، پيٽرول پمپ ۽ دڪان وڌيا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جهڙوڪر جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، دادو، نوشهري فيروز، بدين، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ڄامشوري ۾ اردو ڳالهائيندڙن کان به وڌيڪ آباديءَ جي بدلجندڙ رجحان کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي. ايئن نه ٿئي ته ڪراچيءَ کان پوءِ باقي سنڌ به اسان جي هٿن مان نڪري وڃي.

ishaksoomor@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو