Home / افيئر / سنڌ جي ٻهراڙين جا اربين روپيا شهري رٿائن تي خرچ ٿيڻ لڳا
above article banner

سنڌ جي ٻهراڙين جا اربين روپيا شهري رٿائن تي خرچ ٿيڻ لڳا

 

سنڌ ۾ پ پ پ سرڪار کي چار سال ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هر سال اربين رپيا صوبي جي ترقي لاءِ رکيا ويا ته جيئن بهتر نموني سان  انهن جو استعمال ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن پر اهي فنڊ استعمال نه ٿيڻ سبب هر سال رقمون واپس ٿيو وڃن جنهن سبب عام شهرين کي بهتر سهولتون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته سنڌ جي شهرن جو اهڙو حشر ٿي ويو آهي جو کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.گذريل سال ۽ هلندڙ سال ترقياتي پروگرام جا فنڊ ترقياتي رٿائن تي استعمال نه ڪرڻ سبب اهي ليپس ٿي ويا.

سنڌ حڪومت طرفان هلندڙ سال 12-2011ع ۾ صوبي جي ترقي لاءِ اربين رپيا رکيا ويا آهن جن مان هن وقت تائين تقريبن ڪل 32 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ ترقياتي پروگرام 111 ارب رپين جو آهي جيڪڏهن وفاقي بجيٽ 25 مئي تي پيش ٿئي ٿي ته پوءِ صوبا به پنهنجي بجيٽ مئي يا جون ۾ ئي پيش ڪندا جيڪڏهن اها سست رفتاري واري صورتحال ائين رهي ته پوءِ هڪ مهيني ۾ 99 ارب رپيا آخر ڪيئن خرچ ٿي سگهندا؟ ان جي نه خرچ ٿيڻ جو حساب ڪير ڏيندو؟ پر جيڪڏهن ان جي ڀيٽ ۾ شهرن جي ترقياتي پروگرام کي ڏٺو وڃي ته اهي وڏي تيز رفتاري سان جاري آهن اتان جون رٿائون سال اڳ ۾ مڪمل ٿي ويون ۽ انهن کي اڳ ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اربين رپيا ٻهراڙين جا شهرن جي رٿائن تي فنڊ خرچ ڪيا پيا وڃن جيڪا اڳ ئي زيادتين جو شڪار ٿيل سنڌي عوام سان ناانصافي آهي.آچر ڏينهن گورنر سنڌ حبيب بئنڪ پلازا وٽ افضا الطاف نالي هڪ وڏي پل جو افتتاح ڪيو آهي جيڪا ايندڙ سال مڪمل ٿيڻي هئي پر ان کي بلاڪ ايلوڪيشن ۾ ٻهراڙين لاءِ رکيل 36 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن جنهن پل کي ٽرئفڪ لاءِ پڻ کوليو ويو آهي.

ٻهراڙين جا شهرن تي خرچ ٿيل فنڊ:

2011-12ع جي ترقياتي پروگرام ۾ ڪراچي اندرهڪ ۽ سنڌ جي 22 ضلعن ۾ ٻيو نظام لاڳو،شهري علائقن جي رٿائن کي ترجيح ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقن جي ترقي لاءِ رکيل رقمون شهرن تي خرچ،70 ڪروڙ رپيا به ناڻي کاتي آئوٽ آف بجيٽ شهري علائقن کي جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن کان مليل رپورٽ موجب انڊسٽريءَ کاتي جي هڪ رٿا جيڪا حبيب بئنڪ پلازا وٽ قائم ٿي رهي آهي ان کي لاڳت کان اضافي 34 ڪروڙ رپيا،سنڌ ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي جون رٿائون جيڪي 22 ضلعن ۾ بند ڪري ان جي رقم سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ انهن ڪارڊن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ تقريبن 20 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن،22 ضلعن ۾ ڊوميسائلن ۽ پي آر سين کي ڪمپيوٽرائيزڊ اهو سبب ڏئي نه ڪيو ويو جو نادرا ووٽرلسٽن ۾ مصروف آهي ان لاءِ هلندڙ سال اهو ڪم صرف ڪراچي اندر مڪمل ڪيو وڃي،باقي ٻين ضلعن ۾ ايندڙ سال شروع ڪبو ۽ انهن جي بجيٽ ڪراچي جي پنجن ضلعن تي ئي خرچ ڪئي وئي. 16 ڪروڙ رپيا اضافي ڪراچي شهرن جي ترقي لاءِ اضافي ڏنا ويا آهن جن ۾ آر او پلانٽن سميت ٻه ٻيون رٿائون مڪمل ڪرڻ لاءِ به آئوٽ آف بجيٽ رقم جاري ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف “افيئر” طرفان رابطي ڪرڻ تي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري خالد وحيد ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته واقعي به ٻهراڙين جي اڻمنظور ٿيل رٿائن جا اربين رپيا شهري رٿائن لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.هن چيو ته اسان ڏانهن انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي طرفان رٿا جي پي سي ون تيار ڪري موڪلي وئي آهي پر ان بعد ۾ چيو ويو آهي ته ته نادرا جي گهڻي مصروفيتن سبب سڄي سنڌ ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سيون ڪمپيوٽرائيزڊ نه ٿي سگهنديون ان لاءِ اوهان صرف ڪراچي ۾ ئي اهو ڪم ڪرايو ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جا پئسا به ان تي خرچ ڪري رٿا کي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ٻهراڙين جا ڪارڊ ايندڙ سال ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيا ويندا. هن کان سوال ڪيو ويو ته هڪ صوبي ۾ ٻه نظام ڇو آهن؟ جي جواب ۾هن چيو ته ائين نه آهي،اسان ٻهراڙين واري اها رٿا نادرا جي مصروفيتن سبب ايندڙ سال تائين ملتوي ڪئي آهي. ان سوال جي جواب ۾ اها رٿا 2013ع ۾ مڪمل ٿيندي ته پوءِ ايڏي تڪڙ آخر ڇو ڪئي وئي؟ جي جواب ۾ وراڻيو ته اسان اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ته جيستائين نادرا مصروف آهي تيستائين اسان ڪراچي ۾رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري وٺون،هن کان جڏهن انڊسٽريز کاتي جي پل لاءِ جاري ڪيل 34 ڪروڙ روپين بابت سوال ڪيو ويو ته ڀلا ان کي ايترو جلدي ڇو رقم جاري ڪئي وئي جڏهن ته ان کي 2012ع ۾ مڪمل ٿيڻو آهي ته پوءِ ان کي اڳ رقم جاري ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ان لاءِ کاتي طرفان اسان ڏي سمري موڪلي وئي هئي ته شيرشاهه پل تي ٽرئفڪ جي گهڻي رش آهي تنهنڪري انهن جي اهڙي گذارش تي رقم جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي ڇو ته اسان جي به ترجيح اها آهي ته جيترو جلدي ٿي سگهي ڪم کي مڪمل ڪرائجي.

اهي رٿائون جن جا فنڊ 18 ترميم بعد وفاق بند ڪري ڇڏيا: وفاقي سرڪار طرفان 18هين ترميم بعد صوبن تي کربين رپين جي رٿائن جو بار وجهي ڇڏيو آهي ۽ انهن لاءِ فنڊ به منتقل نه ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو ته جن به صوبن کي اهي منتقل ٿيل رٿائون هلائڻيون آهن اهي پاڻ هلائين ڇو ته مرڪز هاڻي انهن جو وڌيڪ بار برداشت نه ڪندو. 18 آئيني ترميم بعد صدارتي هائوس جي خاص هدايتن تي سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ 12 اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ اسٽيٽ لاءِ ٻن سالن کان وفاق 50 سيڪڙو يعني 4 ارب 23 ڪروڙ 82 لک 37 هزار رپيا فنڊنگ بند ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 12 اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ اسٽيٽس لاءِ صدر آصف علي زرداري طرفان فيصلو ڪيو ويو هو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جو ڄار وڇائڻ لاءِ انڊسٽري کاتي کي رٿائون رکڻ جو حڪم ڏنو هو جن کي تقريبن ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي وفاقي سرڪار اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته 18 آئيني ترميم کانپوءِ انڊسٽريز کاتو صوبن حوالي ٿي چڪو آهي ان کي هاڻي انهن لاءِ اسان فنڊنگ نٿا ڪري سگهون.مليل رپورٽ موجب 500 ايڪڙن تي لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ قائم ٿي رهي آهي جنهن جي لاڳت 9 ڪروڙ 51 لک 33 هزار،500 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ انگوشن جي حيدرآباد سمال انڊسٽريل اسٽيٽ جنهن جي لاڳت 71 ڪروڙ 62 لک 41 هزار،سمال انڊسٽريل اسٽيٽ ٽنڊومحمد خان جنهن جي لاڳت 10 ڪروڙ 80 لک،200 ايڪڙن تي قائم ٿيل سپر هاءِ وي ڪراچي جنهن جي لاڳت 31 ڪروڙ 7 لک 14 هزار،100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ آٽو انڊسٽريل ڪلسٽر نيشنل هاءِ وي ڪراچي جنهن جي لاڳت 22 ڪروڙ 46 لک 76 هزار،100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ چائنا اسپيشل اڪنامڪ زون شهدادپور جنهن جي لاڳت 54 ڪروڙ 83 لک 47هزار،100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ ڪاٽيج انڊسٽريل اسٽيٽ لياري هاڪس بي جنهن جي لاڳت 35 ڪروڙ 76 لک 63 هزار،100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ اسپيشل انڊسٽريل زون لياري جنهن جي لاڳت 35 ڪروڙ 76 لک 63 ڪروڙ،ڪيماڙي اسپيشل اڪنامڪ زون جيڪا 100 ايڪڙن تي 50 ڪروڙ 76 لک 63 هزار،100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ بن قاسم اسپيشل اڪنامڪ زون جنهن جي لاڳت 50 ڪروڙ 76 لک 63، گڏاپ ۾ 100 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ اسپيشل اڪنامڪ زون 34 ڪروڙ 24 لک 37 هزار،10 ايڪڙن تي قائم ٿيندڙ آرٽيسن سٽي هالا جنهن جي لاڳت 16 ڪروڙ 20 لک 37 هزار رپيا آهي.

آئوٽ آف بجيٽ جو جاري ٿيڻ جو ڇا مقصد آهي؟

پهريان ئي وڏي تعداد ۾ اهڙيون رٿائون آهن جيڪي رٿابندي کاتي طرفان پي ڊي ڊبليو پي جي اجلاس مان منظور نه ڪرائي سگهيا آهن ۽ رهندو سفارشي قسم جون سوا 7 ڪروڙن جون ٻه رٿائون به شامل ڪيون ويون آهن جن تي اسان کي اعتراض نه آهي پر چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته جيڪي ترقياتي پروگرام ۾ رٿائون رکيون ويون آهن انهن جو آخر ڇا ٿيڻ گهرجي؟ اهي عوامي ڀلائي واري ڪمن سان لاڳاپيل آهن انهن کي به مڪمل ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ سوا 7 ڪروڙ رپين جون ٻه رٿائون به شامل آهن جن کي آئوٽ آف بجيٽ رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مليل دستاويزي  رپورٽ موجب ساڪرو شاخ مٿان نئين روڊ ۽ پل ٺاهڻ واري رٿا جنهن جي لاڳت هڪ ڪروڙ 41 لک 11 هزار  ۽ ڪـشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ سيلاچي مائينر ۽ پل جي اڏاوت لاءِ 5 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ رقم واريون رٿائون اهڙيون آهن جيڪي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪونه آهن جن کي آئوٽ آف بجيٽ مان رقم فراهم ڪري ڏني ويندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو