Home / افيئر / سنڌ هڪ ٻي ٻوڏ ڀوڳيندي
above article banner

سنڌ هڪ ٻي ٻوڏ ڀوڳيندي

گذريل سال جي برساتن سنڌ جي معيشت کي سخت متاثر ڪيو. خاص ڪري زراعت، چوپايو مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ جتي مالي وسيلا ۽ وقت درڪار آهي. اتي سرڪار جي مرضي ۽ منشا جي ضرورت آهي. سياري جي سخت سرديءَ ۾ برسات متاثرن جي مشڪلاتن ۾ ويتر اضافو ٿي ويو. عارضي ڪئمپن ۾ رهندڙ 42 سيڪڙو متاثرن کي سياري کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد گهربل هئي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت توڙي غير سرڪاري ادارن کي جيترو ڪردار ادا ڪرڻو هئو، سو اڃا تائين نه ڪري سگهيا آهن. هڪ پاسي متاثرين لاءِ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي ته ٻئي پاسي هن سال جون سانوڻي واريون برساتون به ويجهو اچن پيون.

بحاليءَ جي حوالي سان حڪومت نون مهينن جي تڪڙي بحالي واري رٿا جنوري 2012 کان سيٽمبر 2012 تائين شروع ڪئي. پر اڄ به 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي تڪڙي سهائتا جي ضرورت آهي. پر سرڪار توڙي عالمي ادارا متاثرين کي اجهو، کاڌو، تعليم ۽ صحت جهڙيون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن مسلسل ٻن سالن کان ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ ماڻهو زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم ٿي ويا آهن.

وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن متاثرين جي بحالي لاءِ مناسب پئسا نه رکيا ۽ ڊسمبر 2011 کان رليف جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ خود مختيار ادارن پاران امداد جي نئين سر اپيل ڪئي وئي آهي. جنهن تحت تڪڙي بحاليءَ لاءِ 86.415 ملين رپيا گهريا ويا آهن پر جي ان جي موٽ ۾ دير ٿي ته متاثرين جا اهنج وڌي ويندا. هوڏانهن ڊسمبر ۾ صوبائي حڪومت پاڪستان ڪارڊ تحت متاثرين کي پهرين قسط لاءِ 1,156,612 رپيا جاري ڪيا آهن ٻي قسط جي ڪا به پڪ ناهي.

ٻئي طرف عالمي ادارن جي عملي جي ڀنگ لاءِ اغوائن جي واقعن کانپوءِ عالمي ادارن به ڪم بند ڪري ڇڏيو آَهي. وڌندڙ اغوائن جي واقعن کانپوءِ عالمي ادارا نوان منصوبا شروع ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿا رکن، خاص ڪري جتي کين تحفظ جو احساس ناهي. 19 جنوري تي ملتان جي علائقي قاسم ٻيلي ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪم ڪندڙ ٻه غير ملڪي جن جو تعلق اٽلي ۽ جرمني سان هئو اغوا ڪيا ويا. ان کان اڳ 14 ڊسمبر 2011 تي بلوچستان جي پشين شهر ڀرسان آمريڪين رفيوجيز ڪميٽي جا اٺ ملازم اغوا ٿيا. ٻوڏ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ غير ملڪي ادارن کي ٻن قسمن جا خطرا درپيش آهن. هڪ ته انهن کي انتهاپسندن کان خطرو آهي ۽ ٻيو ڏوهارين کان جيڪي ڀنگ لاءِ اغوا ڪن ٿا. غير ملڪين کي ٻنهي انتهاپسندن ۽ ڏوهارين کان خطرو آهي. جڏهن ته سندن مقامي ساٿين کي رڳو ڏوهارين کان خطرو آهي. اهڙي صورتحال ۾ غيرملڪي اين جي اوز مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ ترجيح ڏين ٿا. جڏهن ته سنڌ ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. جتي نه رڳو غير ملڪي اين جي اوز ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي پر ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوڪرين ڏيڻ سان گڏ هاڻي بدين ۽ عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ جهڙن ضلعن ۾ مقامي اين جي اوز کي ترجيح ڏيڻ بدران ٻين صوبن جي اين جي اوز کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي جيڪي مقامي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي حالتن کان غير واقف هجڻ ڪري گهربل مقصد ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي غير منظم ۽ ڇڙ وڇڙ سول سوسائٽي لاڳاپيل فورمن تي مناسب آواز به نه اٿاري سگهي آهي.

ٻئي طرف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ سالياني ترقياتي منصوبي تحت مختص ڪيل 8 ارب رپيا صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي منتقل ڪيا ويا آهن. اهي پئسا ٻه سو ڳوٺن جي بحاليءَ لاءِ رکيا ويا هئا جنهن تحت صحت ۽ تعليم جي سهوليتن سان گڏ چاليهه هزار گهرن جي تعمير به شامل هئي. ساڳي طرح صوبائي خزاني واري وزارت ۾ سنڌ سوشل رليف فنڊ تحت رکيل 12 ارب جيڪي قدرتي آفتن ۽ ايمرجنسي لاءِ مختص ڪيل هئا پر هاڻي اهي پئسا به وفاقي سرڪار پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. هڪ سروي مطابق 68 سيڪڙو ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ امداد نه پهچي سگهي آهي جنهن جو اهم ڪارڻ نااهلي سان گڏ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ واري پاليسي آهي.

ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم جيتوڻيڪ سيپٽمبر 2011 ۾ شروع ڪيو ويو هئو پر مجموعي طور تي امداد جي کوٽ 53 سيڪڙو رهي. صوبائي توڙي وفاقي حڪومت عالمي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ 2010 توڙي 2011 جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي لاءِ گهربل قدم کڻي نه سگهيون. باجود ان حقيقت جي ته سنڌ مسلسل قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ جي رليف کاتي توڙي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل خود مختيار اداري وٽ ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مالي توڙي انساني وسيلا نه آهن. هاڻي جڏهن موسمي تبديلين جي ڪري وڌيڪ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي قدرتي آفتن کي بروقت منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا رکڻا پوندا. ان ڏس ۾ حڪومت کي عالمي امدادي ادارن جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو.

ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي جي حوالي سان حڪومت کي موقعو مليو آهي ته بنيادي ڍانچي جي ٻيهر تعمير پائيدار اصولن کي آڏو رکي ڪئي وڃي. رليف واري مرحلي کانپوءِ بحالي واري مرحلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي متاثر ماڻهن جي مڪمل بحالي لاءِ وڌيڪ ڪوششون وٺڻيون پونديون. ڇاڪاڻ ته متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽڻ لاءِ گهربل مدد سان گڏ باعزت طريقي ۽ رضاڪاراڻي جذبي جي به ضرورت آهي. اهو انهن ماڻهن جو آئيني حق به آهي ته بين الاقوامي اصول به.

جيئن ته موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ قدرتي آفتن جي شدت ۽ تعداد ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ سرڪار پاران بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ نه رڳو مالي وسيلا مهيا ڪرڻا پوندا پر تربيت يافته انساني وسيلا به مهيا ڪرڻا پوندا. پاڪستان قدرتي آفتن کي بهتر نموني منهن ڏيڻ لاءِ هيوگو فريم ورڪ تي دنيا جي 167 ملڪن سان گڏ 2005 ۾ صحيح ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ سياسي پٺڀرائي جي ضرورت آهي. جڏهن ته معاشي اڻبرابري جهڙوڪ زمين جي مالڪي ۽ جنسي فرق جي حوالي سان پڻ وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان اڳ ۾ ئي پڙهيل طبقو وڌندڙ قدرتي آفتن جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو.

هر قدرتي آفت اسان کي سکڻ لاءِ نوان سبق فراهم ڪري ٿي ۽ انهن مان سنجيدگي سان سکڻ جو وقت اچي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو