Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ لساني سياست : ڇا سنڌي – پشتون اتحاد وقت جي ضرورت ناهي
above article banner

سنڌ ۾ لساني سياست : ڇا سنڌي – پشتون اتحاد وقت جي ضرورت ناهي

 

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لساني سياست پيچيده ۽ پرتشدد ٿيندي پئي وڃي. مختلف لساني گروهه نه رڳو پنهنجي طاقت ۽ موجودگي جو اظهار سياسي طريقن سان ڪري رهيا آهن بلڪه پنهنجي اثر وارن علائقن تي ڪنٽرول برقرار رکڻ ۽ ٻين علائقن تائين پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۽ مخالفن کي دٻائڻ لاءِ غير قانوني ۽ تشدد وارا طريقا به استعمال ڪري رهيا آهن.

جڏهن تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو آهي ته پوءِ هٿياربند گروپ ٺهڻ ۾ دير نه لڳندي آهي ۽ پوءِ اهي هٿياربند گروپ پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ غير قانوني ۽ ناجائز ذريعا استعمال ڪندي مافيا ڪلچر کي فروغ ڏين ٿا، پوءِ نيون گينگز ٺهن  ٿيون ۽ گئنگ وار کي هٿي ملي ٿي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ امن جي قيام ۽ سنڌ جي سياست کي تشدد جي سياست کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سنجيده سياسي غور، فڪر ۽ سياسي صف بندين جي ضرورت آهي. امن ۽ تشدد جي قوتن ۾ فرق ڪرڻ، امڪاني اتحادين جي سڃاڻپ ۽ اشتراڪ عمل لاءِ هڪٻئي جي موقف کي سمجهڻ ۽ غلط فهميون دور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

پاڪستان جي سياسي تاريخ جي تناظر ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ تي قومپرستن جو بلوچ ۽ سرائيڪي قومپرستن سان گڏ پشتون قومپرستن سان ويجهو تعلق رهيو آهي ۽ هڪ وڏي عرصي تائين انهن قومي جمهوري تحريڪ ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي، ٻنهي قومن جي ماڻهن ۾ هڪٻئي بابت خير سگالي ۽ دوستي جا جذبا رهيا آهن. اهو تعلق ڇو ۽ ڪيئن ڪمزور ٿيو؟ دوستي ۽ ڀائيچاري جي جاءِ تي غلط فهمين جنم ورتو يقيني طور تي ان پسمنظر ۾ ڪيترائي واقعا ۽ رويا هوندا ۽ ٻنهي ڌرين وٽ ان حوالي سان پنهنجا پنهنجا دليل هوندا پر ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط؟ ۽ نه وري هن بحث جو مقصد ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ آهي. هن ليک جو مقصد سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي لساني سياست جي پسمنظر ۾ سنڌي ۽ پشتون قومپرستن جي ڪردار کي ڏسڻ ۽ سندن روايتي تعلق کي نئين سري سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت جو احساس ڏيارڻ ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏوگڏ سنڌ جي سماجي، سياسي ڪارڪنن ۽ دانشورن کي بحث جي دعوت ڏيڻ آهي. هڪ پٺاڻ هجڻ جي حيثيت ۾ ڪجهه گذارشون  سنڌي دوستن جي گوش گذار ڪرڻ چاهيان ٿو. ان اميد سان ته انهن تي غور ڪيو ويندو ۽ گڏيل عمل لاءِ رستا ۽ گڏيل نُڪتا سامهون آندا ويندا. ڊرائنگ روم ۾ چانهه جي ڪوپ يا گلاس تي هڪٻئي کي برو ڀلو چوڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ حالتن جو معروضي ۽ غيرجابندار تنقيدي جائزو وٺڻ ٻي ڳالهه آهي.

پشتونن کي ايم ڪيو ايم سان گڏ هڪ صف ۾ بيهارڻ حقيقت کان اکيون چورائڻ ۽ زيادتي ٿيندي. اهڙي طرح پشتونن کي ڪنهن هڪ پارٽي سان منسوب ڪرڻ به غلط ٿيندو. اهري قسم جي سوچ جو نتيجو غلط حڪمت عملي ۽ Tactic اختيار ڪرڻ ۾ نڪري سگهي ٿو.

سنڌ ۾ رهندڙ پشتون مجموعي طرح سنڌ يا سنڌ جي ڪنهن حصي تي نه ته حق ملڪيت رکن ٿا ۽ نه ڪا دعويداري. پشتون محنت مزدوري ۽ روزگار خاطر سنڌ آيا آهن يا اچن ٿا. ان کي پرايو گهر سمجهي موڪلون گذارڻ يا آرام ڪري واپس پشتون بيلٽ اچن ٿا ۽ سنڌ کي سنڌين جو سمجهن ٿا ۽ ڪنهن ٻئي جي دعويداري يا ملڪيت جي خلاف آهن. ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته افغان جهاد ۽ پشتون بيلٽ ۾ طالبانائيزيشن ۽ فوجي آپريشن سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. جيڪي ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ ۾ به لڏپلاڻ ڪري آيا، جنهن ڪري ڪراچي جي لساني ترتيب ڊسٽرب ٿي، لساني ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ واڌ آئي. معاشي مفادن جي تحفظ ۽ بقا جي جنگ ۾ پهرين پشتونن بعد ۾ ٻين لساني، مذهبي ۽ سياسي گروپن به ايم ڪيو ايم کي ڏسندي ان جو ٽوڙ يا ان جي تشدد جو جواب تشدد سان ڏيڻ شروع ڪيو. هاڻي تشدد، ڀتاخوري ۽ قبضاگيري ايم ڪيو ايم تائين محدود ناهي رهي بلڪه ٻين لساني، سياسي ۽ مذهبي گروپن به وهندڙ گنگا ۾ وهنجڻ شروع ڪيو ۽ ننگا ٿيا.

جيڪڏهن سنڌ جي معيشت ۾ پشتونن جي موجودگي هاڻي محسوس ٿيڻ لڳي آهي، ڪاروبار ۽ واپار ۾ سندن ڪردار وڌيو آهي ته ان مظهر جي سببن تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. پشتونن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ، ڪاروبار ۽ واپار ۾ حصو ڪنهن شعوري ڪوشش يا سازش جو نتيجو نه آهي بلڪه اهو عمل غلط داخلي ۽ خارجه پاليسين، ڪمزور طرز عمل حڪمراني ۽ رياستي سطح تي انتهاپسندي جي حمايت ۽ ان کي پاليسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪري پئدا ٿيو آهي.

پشتون جيڪي اڳ ۾ گهڻو تڻو ڪراچي يا سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ حيدرآباد وغيره تائين محدود هئا، هاڻي اهي ٻين شهرن ۾ به آباد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هاڻي هوريان هوريان سندن اندرون سنڌ به موجودگي محسوس ٿيڻ لڳي آهي. گهڻو تڻو پشتونن محنت ۽ مزدوري وسيلي سنڌ ۾ ننڍي سطح تي ملڪيتون خريد ڪيون آهن ۽ ڪاروبار به ڪيو آهي. هاڻي به سندن گهڻائي روزاني جي مزدوري تي گذارو ڪري ٿي. پشتونن جو مفاد ۽ دلچسپي ان ۾ آهي ته سنڌ ۾ امن قائم رهي ۽ اهي سڪون ۽ پرامن ماحول ۾ مزدوري، ملازمت ۽ ڪاروبار ڪن.

هڪ لساني ڌر جي دهشتگردي جو نشانو فقط پشتون نه آهن بلڪه ٻيا لساني گروپ به ان جي لپيٽ ۾ آهن. پشتونن کانسواءِ بلوچ، پنجابي انهي حد تائين جو سنڌي به ايم ڪيو ايم جي انداز سياست ۽ پرتشدد پاليسي کان بيزار آهن. ايم ڪيو ايم جي دٻڙ ڌونس ۽ غلبو ان صورت ۾ رُڪبو جڏهن ان جون مخالف قوتون ڇڙوڇڙ ۽ پاڻ ۾ وڙهيل نه هجن. ايم ڪيو ايم نهايت هوشياري سان مختلف لساني گروپن وچ ۾ نفرت ۽ نفاق جا ٻج پوکيا آهن. اها سندن داخلي اختلافن ۽ تضادن مان فائدو کڻندي کين پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پشتون ۽ هزاري وال کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ يا لياري ۾ بلوچن جي داخلي اختلافن کي هوا ڏئي ان مان فائدو وٺڻ. اهي ايم ڪيو ايم جي ترڪتالين جا تازا مثال آهن.

ڪو به لساني گروهه، سياسي ۽ مذهبي جماعت اڪيلي سر ايم ڪيو ايم کي نڪ ۾ ناڪيلي نٿي وجهي سگهي. ايم ڪيو ايم جي اجاره داري ۽ بليڪ ميلنگ پوزيشن جيڪا خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جي خاتمي ۽ سنڌ ۾ پرامن سياسي ۽ جمهوري ڪلچر جي فروغ  ۽ ڪراچي ۾ امن لاءِ پشتونن ۽ سنڌين جي روايتي دوستي ۽ تعلق کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جيتري قدر پشتون قومپرستي جو تعلق آهي ته ان جا تمام گهڻا مفاد ۽ ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن اها هاڻي پنجاهه، سٺ يا ستر جي ڏهاڪي جي اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ پاڪستان جي ٻين مظلوم قومن سان گڏجي جهدوجهد ڪرڻ واري قومپرستي نه رهي آهي. نه وري ٻين قومن تي ٿيندڙ رياستي تشدد کي للڪارڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ واري آهي. مثال طور بلوچ عوام تي رياستي تشدد جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جو موقف ۽ بلوچ عوام سان يڪجهتي جو اظهار بلڪل واضح آهي. بنسبت پشتون  قومپرستن جي، جيڪي دٻيل لفظن ۾ بلوچستان مسئلي تي ڳالهائيندا آهن. پشتون قوم هن وقت به رياستي ڏاڍ جو شڪار آهي پر ان جي شڪل تبديل ٿي وئي آهي. سڀ کان وڏو ظلم ته پشتون بيلٽ کي ڄاڻي ٻجهي سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ دهشتگردي جو مرڪز بنائڻ آهي جتي سڄي دنيا مان آندل دهشتگردن کي وسايو ويو ۽ دهشتگردي جا مرڪز ٺاهيا ويا. طالبانائيزيشن ۽ دهشتگردي جي ڪري پشتون ڪلچر، سماج ۽ معيشت کي تباهه ڪيو ويو.

گريٽ گيم، سرد جنگ ۽ ان کانپوءِ نيو گريٽ گيم جو مک نُڪتو هجڻ ڪري پشتون بيلٽ عالمي قوتن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. سرد جنگ ۾ جيڪڏهن ٻاهرين قوتن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۽ قومي جمهوري قوتن کي عام طرح ۽ پشتون قومپرستن کي خصوصي طور چيڀاٽڻ ۽ ڪارنر ڪرڻ لاءِ سپورٽ ڪيو. ڇو ته قومي جمهوري تحريڪ جو هڪ فعال حصو هجڻ جي ڪري مرڪزيت پسند ۽ آمراڻي سوچ رکندڙ اسٽيبلشمينٽ کي پشتون قومپرستن کي مارڻ Suit ڪري رهيو هو. پر نيو گريٽ گيم ۽ خاص طور تي نائين اليون کانپوءِ پرڏيهي قوتن جون ترجيحات بدلجي ويون آهن. اندروني مجبورين، مشڪلات ۽ ٻاهرئين دٻاءُ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي پشتون قومپرستن کي رام ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جڏهن ته پشتون قومپرستي جا بنياد اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. اَسي جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ نائين صدي جي جي منڍ ۾ هڪ ته پشتون تعليم يافته مڊل ڪلاس جي سول سروسز ۾ عددي نمائندگي وڌي، ٻيو ته پشتون واپاري ۽ سرمائيدار جو قومي معيشت ۾ حصو وڌيو. خاص طور افغان جهاد دوران ان عمل کي وڌيڪ هٿي ملي. پشتون ننڍي ۽ وچولي درجي جي واپاري ۽ صنعتڪار کي ڪاروبار ۽ صنعت وڌائڻ جو موقعو مليو. ٽن ڏهاڪن تي ڦهليل افغان بحران ۽ ان حوالي سان ايندڙ پرڏيهي امداد جو ڪافي حصو پشتون بيلٽ ۾ آيو جنهن سان هن بيلٽ ۾ ڪاروبار ۽ صنعت کي سهارو مليو. جيتوڻيڪ ان سطح جي صنعتڪاري نٿي جهڙي ٿيڻ کپندي هئي. ليڪن مواصلات جي ذريعن ۾ بهتري آئي ۽ رياستي پاليسين جي حمايت ۽ ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ترقياتي ڪمن جي شڪل ۾ رشوت ڏني وئي، جنهن ڪارڻ مارڪيٽ جون قوتون متحرڪ ٿي ويون. ان دوران علائقي ۾ پروان چڙهندڙ جنگي معيشت مان به ڪجهه ماڻهن کي فائدو ٿيو ۽ ان سان لاڳاپيل قانوني ۽ غير قانوني ڪاروبار وڌيو. ٻيو ته ڇڏيو پشتون مولوي به ڪروڙ پتي بڻجي ويو.

اسٽيبلشمينٽ سان جڙڻ کانپوءِ پشتون قومپرست هڪ اهم جونيئر پارٽنر ٿي اڀريو. اسٽيبلشمينٽ اڳ ۾ جيڪڏهن پشتون قومپرستن کي عام چونڊن ۾ اچڻ کان روڪڻ، سندن پارلياماني وزن يا قيمت گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته هاڻي کين پنهنجو بازو بڻائڻ لاءِ کين سازگار ماحول مهيا ڪري ٿي. اهڙي ريت آمريڪا به سندن حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. اهو آمريڪا ئي هو جنهن پشتون قومپرستن سان صوبائي خودمختياري، نالي جي تبديلي ۽ ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهڻ جا واعدا ڪيا هئا ۽ جونيئر پارٽنر ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن پشتون قومپرستن جو ٻين مظلوم قوميتن سان لاڳاپن ۾ سرد مهري ۽ لاپرواهي آئي آهي ته ٻئي طرف ٻين ننڍين قومن ۾ پشتون قومپرستن جي حوالي سان غلط فهميون پئدا ٿيون آهن. خاص طور تي پونم جي تجربي کانپوءِ اي اين پي ۽ ٻين قومن جي نمائنده پارٽين وچ ۾ دوريون وڌي ويون آهن. جيتري قدر سنڌي قومپرستن جو تعلق آهي ته اهي به ورهاست در ورهاست جو شڪار آهن، جيڪي داخلي تضاد ۽ اختلاف اسٽيبلشمينٽ جي ڪارستاني آهن. سنڌي قومپرستن وٽ اسٽريٽ پاور آهي ۽ پريشر گروپس به آهن. ليڪن ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي اهي هينئر تائين نمايان اليڪشني طاقت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جا حقيقي مسئلا کڻڻ، اجاگر ڪرڻ، ان کي قومي ايجنڊا جو حصو بڻائڻ جي سندن صلاحيت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. اهڙي ريت سنڌ ۾ دانشورن ۽ سول سوسائٽي جا گروپ به ڪافي فعال ۽ سگهارا آهن.

پاڪستاني اسٽيبلشمنيٽ به اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ اها وکري چڪي آهي، نظرياتي (لبرل مذهبي) ۽ لساني (پنجابي-غير پنجابي) بنياد تي ورهايل آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ پنجابي حصو ڪمزور ۽ پسمنظر ۾ هليو ويو هو. اسٽيبلشمينٽ جو عددي لحاظ کان گهٽ حصو هجڻ جي باوجود نان پنجابي ۽ نان سُني حصو ڇانيل هو جڏهن ته هاڻي پنجابي ٻيهر ڇائنجي چڪو آهي، جنهن جي ڪري داخلي ۽ خارجي پاليسين ۾ بنيادي تبديليون اچي رهيون آهن. جيڪڏهن مشرف جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم جي سرپرستي ڪري رهي هئي ته هاڻي ان جو هڪ حصو ان کي حد ۾ رکڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ جي حق ۾ ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. آزاد ميڊيا، فعال سول سوسائٽي ۽ بيدار عدليه جي موجودگي ۾ اسٽيبلشمينٽ هاڻي من مانيون  ڪرڻ ۽ روايتي کيڏاڙ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي پر ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اها پنهنجو روايتي ڪردار ڇڏڻ ۽ سولين بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي. اها پنهنجو اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ هن وقت به ترڪتالين ۾ رڌل آهي.

سنڌ سنڌين جي آهي ته سنڌ کي امن جو گهر ٺاهڻ ۽ ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ سنڌي قومپرستن کي امن پسند قوتن کي گڏ ڪرڻ ۽ هڪ نئين سياسي صف بندي لاءِ اپيل ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ حڪومت پوءِ مسلم ليگ جي هجي يا پ پ جي اهڙي ريت ايم ڪيو ايم هٿان بليڪ ميل ٿينديون رهنديون. اهڙي ريت پرتشدد لساني سياست هوريان هوريان وڏن شهرن کان ٻين علائقن تائين ڦهلجندي ويندي ۽ ممڪن آهي ته سڄو صوبو ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو