Home / افيئر / سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مها ٻوڏ جو خطرو
above article banner

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مها ٻوڏ جو خطرو

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ظفر قادر 21 اپريل تي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ جي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته هن سال سانوڻي جون برساتون گذريل سال کان به وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏاکڻي سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ڏکڻ پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ ٻين علائقن ۾ خوفناڪ ٻو ڏ اچي سگهي ٿي. جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته اهڙي امڪاني ٻوڏ جي خطري جي آگاهي ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم گيلاني کي ڏني وئي آهي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پنهنجي ان اهم پريس ڪانفرنس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت هن سال جي سانوڻي برسات جي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ جون جي مهيني ۾ هڪ ڊزاسٽر فورس جو منصوبو پڻ جوڙيو آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين طرفان هن سال پڻ سنڌ ۾ خاص طور تي گذريل سال کان به وڌيڪ ڀيانڪ برساتون وسڻ ۽ ٻوڏ جي خطري جي گهنٽي کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن سال سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏ اچڻ جو خطرو ظاهر ڪندي سنڌي عوام کي اپيل ڪئي ته آهي هن سال خطرناڪ امڪاني ٻوڏ جي آفت کان بچاءَ لاءِ خصوصي طور تي دعائون گهرن. ميڊيا تي اهڙيون خبرون اچڻ بعد سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي. جيڪا هڪ فطري ڳالهه آهي. سنڌ جا اهي ڪروڙين مسڪين ۽ مظلوم ماڻهو جيڪي گذريل ٻن سالن دوران ٻن مها ٻوڏن ۾ تباهه ۽ برباد ٿيڻ تي مجبور ٿيا. 2010ع جي دريائي ٻوڏ ۾ سنڌ جي ساڄي طرف اڌ سنڌ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ٻڏي تباهه ٿي ويئي. 2011ع جي مها ٻوڏ جي دريائي ٻوڏ ۾ سنڌ جو ساڄي پاسي واري زرخيز سنڌ نوابشاهه ضلعي کان تعلقي ڏيپلي ۽ جاتي تائين غرق آب ٿي ويئي. 2010ع جي خوني ٻوڏ نه فقط ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ کان وٺي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاري ۽ جاتي تائين خاص طور تي خريف جي ساريالي فصل کي تباهه ڪري ڇڏيو. پر ان ٻوڏ سنڌ جي سرحدي حدن کانسواءِ صوبي بلوچستان جي پٽ فيڊرواري ساريالي پرڳڻي تائين ڀيانڪ تباهي مچائي. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي جي اباڻي ڳوٺ ۽ شهر کانسواءِ بلوچستان جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا. ان ٻوڏ ۾ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 2011ع جي مها ٻوڏ نه فقط ڪپهه جي پيداوار ۾ سڄي ملڪ جي اول نمبر واري زرخير ضلعي سانگهڙ جون اربين رپين جي ماليت جون قيمتي ڦٽيون 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويون. سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿيندڙ ميرپورخاص ضلعي جا جڳ مشهور انب مهيا ڪندڙ انبن جا باغ 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويا، عمرڪوٽ، ميرپورخاص جي ضلعن جا اربين روپين جي ماليت جا مرچ پڻ سو سيڪڙو تباهه ٿي ويا. جنهن ڪري گذريل سال ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪنري جي مرچن واري منڊي ويران ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ هن سال سڄي ملڪ ۾مرچ ٻيڻ تي مهانگا ٿي ويا آهن ۽ حڪومت هن وقت ڀارت کان مرچ گهرائي رهي آهي.

گذريل سال آگسٽ 2011ع تي مها ٻوڏ ۾ جيتوڻيڪ سمورا زرعي فصل تباهه ٿي ويا. زمينون پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ساين ڀاڄين سميت چيٽ جا ٻيا زرعي فصل به پوکجي نه سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل ڇهن مهينن تائين سڄي سنڌ  ۾ ساون مرچن سميت سايون ڀاڄيون اڻلڀ ٿي ويون، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڪروڙين شهري بابو جن مان گهڻن جي اڪثريت ڀارت ۽ ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻهن جي آهي. جيڪي سنڌ ۾ ايندڙ ڀيانڪ ٻوڏن ۽ طوفانن جهڙين آفتن جي پرواهه نه ڪندا هئا. اهي اجنبي مخلوق وارا شهري ماڻهو جيڪي سنڌي هارين جي پوکيل اناج سايون ڀاڄيون ميوا ۽ بدين جا ڳاڙها ٽماٽا کائي موج مستيون پيا ڪندا هئا. انهن کي سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ جو ان وقت وڃي احساس ٿيو، جڏهن کين انڊيا مان آيل ٽماٽا ڏيڍ کان 200 روپيا في ڪلو ۽ ڏاکڻي پنجاب کان آيل ڪجهه سڪل ۽ سڙيل ڀاڄيون پڻ 150 روپين کان 200 روپيا في ڪلو خريد ڪرڻيون پيون هيون، گذريل سال جي ٻوڏ ۽ برباد ٿي بي گهر ۽ دربدر ٿي ويا پر ان جي فصلن جي پوکائي لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ کيڙائي لاءِ ڪروڙين روپين جا قرض ڏنا هئا. انهن واپارين جا پڻ اهي قرض مها ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا. جنهنڪري سنڏ جي انهن واپارين جو پڻ ڏيوالو نڪري ويو آهي، اهي مختلف بئنڪن جا قرضي ٿي ويا. جن تي وياج چڙهي رهيو آهي ۽ اهي واپاري بئنڪن جا ڊفالٽر ٿي ويا آهن. گذريل ٻن سان جي ٻنهي ٻوڏن ۾ سنڌ جا اٽڪل ٻه ڪروڙ ڳوٺاڻا، هاري ، آبادگار ۽ پورهيت طبقي جا زراعت سان تعلق رکندڙ مسڪين ماڻهو سخت متاثر ٿي بي گهر بڻجي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا. جن جو الهه تلهه تباهه ٿي ويو، جيڪو مهينن تائين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ويران رليف ڪئمپن، روڊن، واهن، سم نالن جي بندن، مڪلي جي قبرستان ۽ ٿر جي پٽن تي ڪيترن ئي مهينن تائين بنا ڪنهن کاڌ خوراڪ جي بکن ۽ اڃن ۾ تڙپي تڙپي دربدر ٿي پنهنجا پساهه پورا ڪرڻ لڳا. گذريل سال جي مها ٻو ڏ جا لکين ٻوڏ متاثر مهينن تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا. لڏپلاڻ ڪندڙ ٻوڏ متاثرن مان سوين معصوم انسان عورتون ۽ ٻارڙا پنهنجي مدد پاڻ ڪري مهينن تائين موت سان مقابلو ڪندا رهيا. انهن مان سوين انسان بک ۽ بيمارين ۾ موت جو کاڄ بڻجي ويا، ٻنهي ٻوڏن ۾ مجموعي طور تي سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا جن مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به فوتي جي وارثن کي حڪومت اعلانيل معاوضو نه ڏنو آهي.

گذريل ٻنهي سالن جي مها ٻوڏن لاءِ سنڌ جا هاري، آبادگار، ساڃاهه وند ۽ ميڊيا جا فني ڄاڻ رکندڙ ماڻهو متفق راءِ آهن ته اهي ٻئي سنڌ ۾ آيل ڀيانڪ خونخوار ٻوڏون هرگز، ڪي قدرتي آفتون نه هيون. پر اهي ٻئي هٿرادو آندل سيڊا جي سرڪاري ڪامورن ۽ ڪن بااثر سياسي وڏيرن پنهنجون جاگيرون، ڪارخانا ۽ ذاتي ملڪيتون بچائڻ لاءِ ٻنهي ٻوڏن ۾ سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو، 2010ع جي درياهي ٻوڏ لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ٽوڙي بند  ڪوٽ عالمون جي بچاءُ بندن کي هٿرادو طور تي ٽوڙائي ساڄي طرف واري سنڌ کي ٻوڙيو ويو ۽ آگسٽ 2011ع ۾ وري کاٻي پاسي واري سنڌ جنهن کي سنڌ جي زرعي معيشت ۽ سنڌي عوام جي جياپي واري ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت حاصل آهي. ان کي واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ڪيل ايل بي او ڊي جي خوني راڪاس نوابشاهه کان تعلقي جاتي تائين ٻوڙي تباهه ڪيو، جنهن بدنام زمانه منصوبي جا اجگر سم نالا ان ئي ڄاڻايل علائقي مان گذرن ٿا. ايل بي او ڊي جي انهن ئي سم نالن 1999ع جي هولناڪ سامونڊي طوفان ۾ لاڙ جي ٻن تاريخي ضلعن بدين ۽ ٺٽي کي سامونڊي ويرن ۾ ٻوڙي تمام وڏي تباهي مچائي ۽ 2003ع ۾ تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين وسيلي سمنڊ بدين ضلعي تي اٿلي پيو جنهن هٿرادو آندل خوفناڪ سامونڊي ٻوڏ کي بدين جي ٻوڏ متاثرن گذريل هڪ صدي جي سڀ کان وڏي خوني آفت قرار ڏنو ويو. جنهن ۾ ناقابل تلافي جاني مالي نقصان ٿيو ۽ بدين ضلعو معاشي ۽ ماحولياتي لحاظ کان تاراج ٿي 30 سال پٺتي ڌڪجي ويو.

1999، 2003ع جي هٿراو ڪڙڪايل آفتن جا اڃا ڦٽ ئي نه ڇٽا هئا ته بدين جي لکين مظلوم ماڻهن تي 2011ع جي مها ٻوڏ اچي ڪڙڪي. موجوده عوامي راڄ جي دعويٰ ڪندڙ سرڪار سڳوري گذريل ٻنهي مها ٻوڏن ۾ به ڪروڙ متاثرن جي دل و جان سان واهر ڪري جيڪا سار لڌي اها ٻوڏ متاثرن سميت سڄي دنيا ڏٺي. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جا دردناڪ منظر ڏسي سڄي دنيا جا انساني درد رکندڙ ماڻهو ڏڪي ويا، پر هن ملڪ جي بي رحم حڪمرانن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن کي مصيبتن جا ماريل سنڌي ماڻهن تي ڪا به ڪهل نه آئي. انهن ٻوڏ متاثرن کي راشي ڪامورن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. ٻنهي ٻوڏن ۾ سنڌ جا اٽڪل ٻه ڪروڙ مسڪين ماڻهو عذاب ۽ اذيتون ڀوڳي تڙپندا رهيا، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت متاثرن جي واهر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ڪراچي جي لساني ڌر اڳيان گوڏا کوڙي انهن جا ناجائز مطالبا ۽ فرمائشون پوريون ڪرڻ ۾ رڌل رهي. 2010ع واري ٻوڏ مان سبق سکي سنڌ حڪومت ٻوڏ ن واري پاڻي جي نيڪالي ۽ نئين امڪاني ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ ڪي به اپاءَ وٺي جوڳا بندوبست ڪري ها ته سنڌ ۾ ايڏي ڀيانڪ تباهي نه اچي ها. پيپلزپارٽي جي موجوده عوامي حڪومت ٻنهي ٻوڏن ۾ ڪروڙين ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ بحالي ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي وئي آهي ۽ حڪومت سنڌ جي برباد ٿيل ٻوڏ متاثرن کي بي يارو مددگار ڪري کين موت جي منهن ۾ ڌڪي اڪيلو ڪري ڇڏي ڏنو آهي.سنڌ حڪومت جهڙي طرح 2010ع جي ٻوڏ بعد گذريل سال تائين ڪنهن ٻي وڏي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ پاڻي جي نيڪالي جا اڳواٽ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا، جنهن ڪري 2011ع  جي مها ٻوڏ ۾ سنڌ تباهه ٿي وئي، اهڙي طرح گذريل سال جي مها ٻوڏ کان به حڪومت ڪو به سبق نه سکيو. مها ٻوڏ کي 9 مهينا گذري ويا آهن ۽ هن سال جي سانوڻ جي مند ۾ باقي وڃي ٻه مهينا بچيا آهن. هن سال سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سانوڻ کان اڳ اپريل جي مهيني مندائتيون برساتون چيٽ ۾ شروع ٿي ويون آهن ۽ اين ايم  ڊي اي جي چيئرمين هن  سال پڻ سنڌ ۾ ڀيانڪ امڪاني ٻوڏ جي اچڻ جا اطلاع ڏيڻ جا اعلان ڪيا آهن ۽ سنڌ جي آبپاشي جي وزير سنڌي عوام کي دعائون گهرڻ  جي اپيل ڪئي آهي. جنهن سان سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن خاص طور تي بدين ۾ هڪ وڌيڪ نئين امڪاني ٻوڏ سبب ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي. پنگريو جي آبادگار ۽ صحافي مراد علي شاهه “افيئر” کي ٻڌايو ته نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن جو زهريلو ۽ ٻوڏن وارو پاڻي بدين ڏانهن ايل بي او ڊي  جي اسپائينل ڊرين جنهن بدين ضلعي کي گذريل سال جي ٻوڏ ۾ ٻوڙي تباهه ڪيو، ان سم نالي ۾ آر ڊي 204 کان آرڊي 377تائين پيل 60  کان وڌيڪ گهارا گذريل 9 مهينن جي آبپاشي ۽ سيڊا جا راشي اهلڪار ٻڌائي نه سگهيا ۽ اهلڪار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ويا. ايل بي او ڊي ۾ پيل گهارا بند نه ٿيڻ 7 اين ايم ڊي اي اي چيئرمين طرفان هن سال پڻ نئين ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪرڻ ۽ تعلقي ٽنڊي باگي مان ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿيڻ ڪري هتان جي آبادگارن هن سال هزارين ايڪڙن تي ڦٽين ۽  مرچن جا فصل نه پوکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس آهي. ميرپورخاص ضلعي جا 37304  گهر پٽ ڪندڙ ايل بي او ڊي جي سم نالي اسپائينل ڊرين ۽ ايم ايم ڊي جي سم نالن جا سوين پيل گهارا 9 مهينن ۾ بند نه ٿي  سگهيا ۽ نه ئي پراڻ ڍورن جو وهڪرو بحال ڪيو ويو  آهي. سنڌڙي  تعلقو اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ آبپاشي وزير ڌاريجي جي هدايتن  تي ڏيڍ ارب روپين جي لاڳت سان گهارا بند ڪرڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو ڪم سيڊا طرفان فقط چار ڏينهن هلي بند ٿي ويو. جنهن سبب ميرپورخاص ضلعي ۾ امڪاني ٻوڏ جو خوف تيزي سان وڌي رهيو آهي. بدين جي آبپاشي ماهر ۽ آبادگار اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه “افيئر” کي ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ جا سڀئي رستا بند ٿيل آهن. آبپاشي ۽ سيڊا جي اهلڪارن گذريل 9 مهينن ۾ نه گهارا بند ڪيا آهن ۽ نه ئي پاڻي جي متبادل ڇوڙ جو ڪو منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين ٻنين ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل آهي. هن خدشو ظاهر ڪندي  چيو آهي ته جيڪڏهن هن سال پڻ تيز برسات آئي ته بدين ضلعي جا 5 ئي تعلقا ٻڏي ويندا ۽ سمنڊ جو پاڻي تلهار شهر کي اڳتي پهچي ويندو!!!؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو