Home / ڪور افيئر / سياسي ڀتاخور گروهن وچ ۾ جنگاڻ لياريءَ مان لڳل باهه ڪراچيءَ کي ساڙي ڇڏيندي!؟
above article banner

سياسي ڀتاخور گروهن وچ ۾ جنگاڻ لياريءَ مان لڳل باهه ڪراچيءَ کي ساڙي ڇڏيندي!؟

لياري ۾ بدامني ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ آپريشن نئين ڳالهه ناهي. آپريشن انتهائي جوش سان ترتيب ڏنو ويندو آهي ۽ ٽارگيٽ مڪمل حاصل ٿيڻ تائين جا واعدا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. پر ٿيندو ڪجهه به ناهي. فورسز علائقن کي گهيري ۾ آڻيندا آهن.

ڪجهه علائقن جا رهواسي هڪ طرفي آپريشن جي مخالفت ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن فورسز تي پٿراءُ به ٿيندو آهي.ٽائر سڙندا آهن. مٿان کان فون ايندا آهن ۽ آپريشن ختم ٿي ويندو آهي.

پر هن ڀيري لياري ۾ ٿيندڙ آپريشن جي پويان سبب ڪجهه ٻيا به آهن ته آپريشن جو ٽارگيٽ ۽ ٽائيم فريم به مختلف آهي. اڳ ۾ آپريشن پيپلز امن ڪميٽي ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي جي وچ ۾ جهيڙي کان پوءِ امن ڪميٽي جي خلاف ٿيندو رهيو آهي. ۽ ايم ڪيو ايم هميشھ انهيءَ آپريشن جي حمايت ڪندي آهي. هن ڀيري ڪڇين جو اڳواڻ عبدالرشيد ڪڇي پنهنجي گارڊ ۽ دوست سميت هٿياربندن جو نشانو بڻجي ويو. صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي. لياري جي واحد ايم اين اي سردار نبيل گبول ۽ ٻن ايم پي ايز ڊاڪٽر سليم هڱورو ۽ رفيق انجنيئر استعيفائن جي ڌمڪي ڏيندي حڪومت کان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.

هڪ طرف اها صورتحال هُئي ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم اوچتو ڀتا خورن جي خلاف حڪومت کان مطالبو ڪندي امن ڪميٽي تي الزام مڙهيو ته شهر ۾ جيڪي به “پرچيون” ڏنيون وڃن ٿيون اُهي امن ڪميٽي ٿي ڏئي. واپاري به روڊن تي آندا ويا. حڪومت تي پريشر وڌيو ۽ آپريشن ليمارڪيٽ کان شروع ڪيو ويو. ڪڇي به خوش ته ايم ڪيو ايم به راضي. هن ڀيري ڪجهه گرفتاريون به ڪيون ويون. اطلاعن موجب عزير بلوچ، حبيب جان، بابا لاڊلا سميت ڪافي سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن روپوش ٿي چُڪا آهن. ڪڇين ۽ ايم ڪيو ايم جي صرف هڪ ئي خواهش آهي ته ڏوهاري ماڻهن جو خاتمو ۽ امن ڪميٽي جي هميشھ هميشھ لئه تڏاويڙهه، جيڪا ممڪن نظر نٿي اچي.

ڏسڻو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪڇين کي امن ڪميٽي مان ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏوهاري، لينڊ مافيا، ڀتا خور ۽ ڊرگ مافيا صرف لياري ۾ ناهن. پوءِ ڇو امن ڪميٽي کي ختم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا وڃن ٿا؟ ۽ جيڪڏهن واقعي اُها اهڙن سنگين ڏوهن ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح ملوث آهي ته حڪومت انهيءَ جي خلاف ڇو اثرائتا اُپاءُ وٺڻ کان لاچار آهي؟

اها سڄي سياسي راند آهي، جيڪا سمجهڻ ايتري سولي ناهي. انهيءَ راند ۾ کيڏاڙي به گهڻا آهن ته تماشبين به گهٽ ناهن. انهن ۾ اهم ايم ڪيو ايم، امن ڪميٽي جا اڳواڻ پاڻ، پيپلز پارٽي، ڪجهه ڪڇين جا اڳواڻ بشمول ايم اين اي قادر پٽيل، ڊاڪٽر سليم هڱورو، سردار نبيل گبول ۽ ڪنهن حد تائين حسين هارون، اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، مسلم ليگ نواز ۽ ڪجهه قوم پرست جماعتن جو به حصو پتي نظر اچي ٿو. ڪجهه ظاهري طور ميدان ۾ آهن ته ڪجهه اڻ سڌي طرح راند جو حصو ضرور آهن. اگر مٿيون ڌريون چاهين ته لياري ۾ صرف چويهه ڪلاڪن ۾ امن ٿي سگهي ٿو. هتي جون رونقون وري بحال ٿي سگهن ٿيون. ۽ هتي وري بين الاقوامي رانديگر پيدا ٿي سگهن ٿا. ليڪن انهن مڙني شين جو هنن ڌرين کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ظاهر آهي ته ڪو به نه. ته پوءِ ايڏي جفا ڪشي ڪير ڪري؟

اها ڳجهي راند ڪافي عرصي کان جاري آهي. پر، اصل راند ايم ڪيو ايم ۽ امن ڪميٽي وچ ۾ آهي. هي رت جي راند آهي. هن ۾ پيسجي رڳو عام ۽ امن پسند ماڻهو ٿو. جيڪو غريب به آهي ته بيوس به. انهن حالتن ۾ لياري جي سڃاڻپ ۽ اُتي رهندڙ رهواسين کي ڪير به عزت جي نگاهه سان نٿو ڏسي. بيروزگاري عروج تي آهي ۽ نوجوانن کي لياري جي ايڊريس هُئڻ ڪري ڪير نوڪري نٿو ڏي. بي يقيني واري صورتحال ۾ اُهي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ڪيا وڃن ٿا. نوجوانن جو گهڻو تعداد هُئڻ ڪري امن ڪميٽي جو دائرو وڌندو ٿو وڃي ۽ جڏهن دائرو وسيع ٿيندو ته اُهو ڪنهن ٻي طاقت سان ٽڪراءُ ۾ ايندو ۽ اُها طاقت ايم ڪيو ايم آهي. ايم ڪيو ايم نه اڳ لياري مان ڪا سيٽ کٽي آهي نه ئي ايندڙ عام چونڊن ۾ کٽي سگهي ٿي. جنهن جو کيس چڱي طرح علم به آهي. نه ته لياري ۾ مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ڪجهه ڪم ضرور ٿين ها. هو امن ڪميٽي کان ڊنل آهي. ۽ اُهو خوف بلڪل ٺيڪ آهي. انهيءَ ڪري اهي ڪڇين تي هٿ رکڻ جي هميشھ ڪوشش ڪندا رهيا آهن. پر ظاهري طور هو اُنهن جي ڳالهين ۾ اڃا تائين ناهن آيا ۽ جيڪڏهن، ڪڇين ۽ امن ڪميٽي ۾ جهيڙو جاري رهيو ته ايم ڪيو ايم جا دروازا کُلي به سگهن ٿا.

جيئن ڪراچي پاڪستان جي شهه رڳ آهي تيئن لياري ڪراچي جي شهه رڳ آهي. لياري مان سڄي معاشي زون کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ امن ڪميٽي جي پروان چڙهڻ ۽ ذوالفقار مرزا جي آشيرواد کان اڳ انهيءَ زون تي صرف ايم ڪيو ايم جو ڪنٽرول هيو. “پرچيون” به اُتان اينديون هيون ته حفاظت جي ذميواري به اُهي پاڻ کڻندا هيا. ڪراچي ۾ صرف هڪ سُپر پاور هيو ۽ اُها هُئي ايم ڪيو ايم. ۽ سُپر پاور ڪڏهن به پاور شيئرنگ برداشت ناهي ڪندو. صنعتي علائقن، هول سيل جي مارڪيٽن کان ويندي ڊفينس تائين ايم ڪيو ايم جو راڄ ختم ٿيندو ٿو نظر اچي. انهن علائقن ۾ هو پنهنجا ماڻهو به غير محفوظ ٿا تصور ڪن. هڪ ڀيرو اُهي علائقا هنن جي هٿ مان نڪري ويا ته ڄڻ سڀ ڪجهه هليو ويو. ايئن جيئن آمريڪا جي جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ ٽڪي جي به نه هلي ته پوءِ ڇا حالت ٿيندس. ايم ڪيو ايم جي لياري ۾ ٿيندڙ جنگ انهيِءَ جي بقا جي جنگ به چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن انهيءَ امن ڪميٽي جي پٺيان ايم ڪيو ايم جي نمبر ون دُشمن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو هٿ هُجي ته پوءِ!!! هاضمو ته گهڻن جو خراب ٿيندو. امن ڪميٽي خطرناڪ آهي، عوامي نيشنل پارٽي کان ڪو ايترو وڏو خطرو ناهي.

عام ماڻهو پُڇي ٿو ته شير سنڌ سڏجندڙ خاموش ۽ بلڪل خاموش ڇو آهي ته ايم ڪيو ايم انهيءَ جي پويان ايندڙ طوفان کي محسوس ٿي ڪري. هو مصلحتن چُپ نظر نٿو اچي. اها سياسي بصيرت چئي سگهجي ٿي. ڀتاخوري مارچ 2012 جو مسئلو ناهي. پر اِها ڀتاخوري امن ڪميٽي کي هڪ سياسي قوت ٺاهڻ ۾ مدد ٿي ڪري. ڀتاخوريءَ جي ڪري ڪراچي جا واپاري پريشان ته آهن پر انهيءَ کان وڌيڪ ڪراچي جي واحد قوت ڪجهه وڌيڪ پريشان ٿي ڏسجي. نه ته ڀتاخوري جي خلاف آپريشن لاءِ حڪومت کي مجبور ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ڀتاخوري جيڪڏهن ايترو ئي ايم ڪيو ايم کي پريشان ڪيو آهي ته هن ڀيري هن حڪومت کان علحدگي جي ڌمڪي ڇو نه ڏني؟ ڇو صرف لياري ۾ امن ڪميٽي جي خلاف آپريشن لاءِ زور ڀريو ويو؟ انهيءَ ڀتاخوري جي خاتمي جي آڙ ۾ اسيمبلي جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو. سڄو شهر بند ڪرايو ويو. ۽ لياري ۾ آپريشن شروع ڪرايو ويو.

امن ڪميٽي کي ختم ڪرائڻ لاءِ پهرين پي آءِ بي ۾ قتل ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جو الزام به اڻ سڌي طرح انهيءَ تي مڙهيو ويو ۽ شهر کي يرغمال بڻائي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو ته جيئن ظاهر ڪري سگهجي ته هن شهر ۾ حڪم صرف هڪ پارٽي جو ٿو هلي. ساڳئي وقت هڪ ٻيو به پتو انهيءَ راند ۾ اُڇلايو ويو جيئن حڪومت ۽ عام ماڻهن کي مصروف رکي سگهجي. اهو پتو هُيو مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبي جي قيام جو. جيڪو انهيءَ وقت کان هن راند جو حصو آهي جڏهن کان ذوالفقار مرزا ايم ڪيو ايم سان سڌو مهاڏو اٽڪايو آهي. شروع ۾ صرف وال چاڪنگ تائين اشو کي محدود رکيو ويو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ميمبرن جي واتان اهو به چورايو ويو ته ڪراچي جي عام ماڻهن جو مطالبو آهي پر ايم ڪيو ايم جو انهيءَ سان ڪو تعلق ئي ناهي. پوءِ پريس رليزن ذريعي صحافتي حلقن تائين مهاجر صوبي جي ڳالهه کي هٿي وٺرائي وئي ۽ بعد ۾ هڪ منظم مظاهرو به ڪرايو ويو. اسيمبلي ۾ جڏهن معاملو اُٿاريو ويو ته ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به نمائندي انهيءَ بل تي صحيح نه ڪئي. پر 24 مارچ کان پيپلز پارٽي جي گهڻن ئي نمائندن کي ڌمڪي وارا خط ضرور پهتا جنهن ۾ کين مهاجر صوبي جي مخالفت ۽ ايم ڪيو ايم جي (اڻ سڌي طرح) مخالفت جو ذميوار سمجهندي ڪراچي مان نڪري وڃڻ جو چيو ويو.

مهاجر صوبي جي ڳالهه انتهائي نازڪ اشو آهي ۽ انهيءَ کي هميشھ آخري حربي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. آخري حربي طور انهيءَ ڪري به ته جيڪڏهن فلاڻا فلاڻا مطالبا نه مڃيا ويا ته ايئن به ٿي سگهي ٿو واري بليڪ ميلنگ ڪري سگهجي. هن وقت ايم ڪيو ايم هڪ محاذ نه بلڪه ڪيترن ئي حريفن جي آمهون سامهون آهي، جيئن عوامي نيشنل پارٽي، مهاجر قومي موومينٽ (حقيقي)، مسلم ليگ نواز، سني تحريڪ، سنڌي قوم پرست پارٽيون ۽ ذوالفقار مرزا يعني امن ڪميٽي. هي چڻنگ لياري مان دُکي آهي ڇو ته لياري هاڻ نه نبيل گبول جو حلقو رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي اهم شخصيت جو. بلڪه هي ذولفقار مرزا جو حلقو بڻجي چُڪو آهي ۽ ذوالفقار مرزا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي پسند نٿو اچي سگهي. ڪڇي رابطا ڪميٽي جو عبدالرشيدڪڇي، ايم ڪيو ايم جو منصور مختيار ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي زين العابدين جو قتل ڪي عام واقعا نٿا ٿي سگهن. هي هڪ انتهائي منظم سازش آهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ طاقت کي وائکو ڪري ختم ڪرڻ جو منصوبو ٿو ڏسجي. لياري ۾ ٿيندڙ بدامني صرف انهيءَ علائقي تائين محدود رهي نه سگهندي. پر، جيڪڏهن حڪومت جي طرفان ڪا وڏي پڪ ڏياري ويئي ته ڪجهه وقت لاءِ سڀ نارمل ٿي ويندو نه ته جيڪا صورتحال پيدا ڪئي ويئي آهي اُها انتهائي خطرناڪ حالتن ڏانهن کڻي ويندي جنهن جو سڌي طرح اثر سنڌ ۽ سنڌين تي ٿيندو. ڇو ته دعويدارن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو