Home / سياسي افيئر / سياهه-چن: ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ موت جي ماٿري
above article banner

سياهه-چن: ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ موت جي ماٿري

سياهه-چن جنهن کي عام طور سياچن ڪوٺيو وڃي ٿو، اهو اصل ۾ آهي  سياهه-چن معنيٰ ڪارو گلاب. ڪارو گلاب فقط سياهه چن جي برفاني پهاڙين جي مختصر ميداني علائقن  ۾ ٿئي ٿو. سياهه-چن يعني ڪاري گلاب جو گل ڪاراڻ مائل ٿئي ۽ ان جي ڏانڊي ۾ ننڍڙا چڀندڙ ڪنڊا ٿين ٿا. مون کي هڪ ڀيرو وري سياهه چن عرف عام ۾ سياچن تڏهن اکين اڳيان تري آيو، جڏهن 7 اپريل جي صبح پاڪستان جا 24 فوجي نوجوان ۽ 11 سولين برفاني ڇپن هيٺان اچي دٻجي ويا. هڪ ڪلوميٽر جي ايراضي تائين ڪرندڙ اهي برفاني ڇپون گياري سيڪٽر ۾ ڪريون آهن. هي اهو ئي گياري سيڪٽر آهي جنهن کي ميان نواز شريف جي ٻئي دور 1999ع ۾ جڏهن اسان ڪجهه صحافين کي اسڪردو وايا سياچن نيو ويو هو تڏهن مون ان نالي کي پهرين سٽ ۾ لياري سمجهيو هو، بعد ۾ ٻڌايو ويو ته اهو لياري نه پر گياري آهي.

اڄڪلهه اهو گياري سيڪٽر برف جو جهنم بڻيل آهي جتي برفاني ڇپن هيٺ دٻيل جوانن جا لاش وڏي جاکوڙ کانپوءِ به نه نڪري سگهيا آهن. جيتوڻيڪ سياچن جي چوٽين تي پاڪستان ۽ ڀارت ورهين کان هڪٻئي کي ڪنهن توبچيءَ وانگر اک ۾ رکيو ويٺا آهن، پر 22 هزار فوٽ دنيا جي اها بلند ترين چوٽي منهنجي نظر ۾ سواءِ موت جي واديءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. رپورٽن مطابق 1984ع کان وٺي هيلتائين سياچن جي چوٽين تي ٻنهي ملڪن جا 5 هزار فوجي مارجي چڪا آهن. باوجود ان جي دشمني گهٽجڻ بدران وڌندڙ ئي آهي، جنهن کي پاڳلپڻي کانسواءِ ڀلا ڇا ٿو چئي سگهجي. گليشيئر اتان پگهرجي پاڻي جي صورت وٺي سنڌو درياهه ۾ وهي اچن ٿا. اسان اسڪردو کان وٺي سياچن جي چوٽي کان هيٺ گياري ميدان تائين ور وڪڙ کائيندڙ سنڌو درياهه کي مٿان C-130 تي سفر ڪندي اکين سان ڏٺو. ڀلي ته فوجي يا هڪٻئي سان وير پاڙڻ جي اعتبار کان سياچن هندستان ۽ پاڪستان لاءِ اهميت رکندو هجي، پر مان هتي اکين ڏٺو مشاهدو ٻڌائيندو هلان ته جنهن دور ۾ يعني ميان نواز شريف جي ٻئي دور 1999ع ۾ اسان ان برفاني چوٽي تي وياهئاسين تڏهن اتي ڇا منظر هو. گياري ۾ فوجي جوانن جو رت گرمائڻ لاءِ اتي پٿر ٽڪي راند جو ميدان ٺاهيو ويو هو. جتي شام جو جوان ڪرڪيٽ پئي کيڏيا. اسان صحافي جڏهن اتي لٿاسين ته آڪسيجن جي کوٽ سبب برف ندر ۾ لهندي محسوس ٿي. آءٌ ڪمزور قسم جو ماڻهو بيهوش ٿيندي ٿيندي رهجي ويو هئس. ايئن پوءِ اسان کي ترت باهه ٻرندڙ گرم تپش واري خيمي اندر منتقل ڪيو ويو. جتي اسان جون ڪئلريز وڌائڻ لاءِ سڀني کي گوشت کارايو ويو. ڀرپاسي ڇيلا به جام ٻڌل هئا. اسان کي ٻڌايو ته اهي ڇيلا روز وڏي تعداد ۾ ڪسندا آهن ته جيئن هتي ڊيوٽي ڪندڙ جوانن ۽ عملدارن جون ڪئليريز برقرار رهي سگهن. سياهه چون چوٽي ته اتان به ڪيئي هزار فوٽ اتاهين آهي. جتي اسان جوانن کي مضبوط رسين وسيلي چڙهندي ۽ لهندي ڏٺو. تنهن دور ۾ مليل بريفنگ جو مون کي اکر اکر ياد آهي. اسان کي نهايت ذميواري سان ٻڌايو ويو هو ته جيئن ته پاڪستان هيستائين نهايت محنت سان روڊ پهاڙ ڪٽي ٺاهي چڪو آهي، جنهن ڪري سازوسامان جي رسد ڪنهن حد تائين سولي ٿي آهي، سولي به اها جو ٻڌايو ويو ته ان وقت هڪ ماني 50 رپين ۾ کين اتي پهتي پئي. جڏهن ته ڀارت سائيڊ اها ماني 150 رپين ۾ هڪ ڊڳڙي کين پلئه ٿي پئي. اهو ان ڪري جو انهن وٽ شيون روڊ رستي نه پر جهاز ذريعي پهچن ٿيون. اهي تنهن وقت تائين روڊ رستو ٺاهي نه سگهيا هئا. هاڻي ڀانيان ٿو ته اها ڊڳڙي پاڪستان کي 150 رپين ۾ ۽ ڀارت کي ساڍا چار سئو رپين ۾ پوندي هوندي. ڇو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ناڻي واڌ ۽ شيون مهانگيون ٿيڻ سبب ايترو فرق ضرور پيو هوندو.

هتي اسان تي هڪ دلچسپ حقيقت جو پڻ انڪشاف ٿيو ته سياچن جي چوٽي تي ڊيوٽي ڪندڙ جوانن کي پاتل ڊريس آمريڪا کان امپورٽ ڪئي ويندي آهي، جنهن جي تنهن وقت قيمت هڪ لک رپيا ٻڌائي وئي هئي. جيڪا هينئر تقريبن ٽي لک ٿي چڪي هوندي. اهو به ٻڌايو ويو ته انهي ڊريس کان ٻاهر جيڪڏهن ڪو به عضوو نڪتو، آڱر وغيره به ته اها سائي ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ گينگرين جي صورت ۾ ان کي ڪپيو ويندو آهي. ايئن سوين فوجين بابت ٻڌايو جن جا عضوا انهي برف جي جهنم جهڙي وادي جي ٿڌ سبب ڪٽجي چڪا هئا ۽ ڪيترائي فوجي موت جو کاڄ پڻ ٿي چڪاهئا. يقين ڄاڻو ته مون ان دور ۾ ئي ڪٿي لکيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت سياچن ۾ هڪ بي مقصد جنگ وڙهي رهيا آهن، پنهنجا ماڻهو موت جي منهن ۾اڇلائي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن کي اها پريڪٽس ختم ڪرڻ گهرجي، بر ظاهر آهي ته ملڪن کي اندروني طور هلائيندڙ سگهارن ادارن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن، ان ڪري اهو سلسلو جاري رهيو. پر اڄ جڏهن مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف طرفان اهو مطالبو سامهون آيو آهي ته پاڪستان پنهنجيون فوجون اتان واپس گهرائڻ ۾ پهل ڪري ۽ انساني جانين جو بي مقصد ضياع بند ٿيڻ کپي. تڏهن مون کي پنهنجي ڪافي ورهيه ڪيل اڳ ڳالهه ڄڻ ته ساڀيان ٿيندي نظر آئي. ايئن پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني به اتان گڏيل رضامندي سان فوجون ڪڍڻ واري ڳالهه دهرائي آهي جيڪو انساني نقطئه نظر کان نهايت دانشمنداڻو فيصلو چئي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته 1989ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو سياچن واري علائقي کي ڊي ملٽرائيز ڪرڻ لاءِ هندستاني وزيراعطم راجيو گانڌي سان معاهدو ڪيو هو، جنهن تي بعد ۾ ڪن مجبورين سبب عمل نٿي سگهيو.

هاڻي ته هندستان جي هڪ اڳوڻي جنرل به چيو آهي ته “جيڪڏهن پاڪستان پنهنجا فوجي جوان واپس گهرائي ٿو ته پوءِ هندستان سرڪار تي به داخلي طرح دٻاءُ پوندو ۽ اهو به فوجون واپس گهرائي سگهي ٿو.” اهو نه وسارڻ کپي ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ 1987ع ۾ هڪ ويڙهاند ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو ڪافي جاني نقصان ٿيو هو. ان کانپوءِ 2004ع ۾ هڪ معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن ڪري جنگبندي آهي، پر جهنم جهڙي موسم پوءِ به ٻنهي پاسي انسانن کي موت جو کاڄ بڻائيندي رهي ٿي. ايئن انسان ويچارا بي مقصد مري رهيا آهن.

هتي توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلجي ته عام طور تي هر فوجي جوان کي پنهنجي ملازمت دوران هڪ ڀيرو سياچن جهڙي ڏکئي محاذ تي ضرور موڪليو ويندو آهي. پر اسان جنهن زماني ۾ اتي ويا هئاسين ته اتي سنڌي جوانن جو به وڏو انگ نظر آيو هو. جنهن تي مون هڪ عملدار کان سوال به ڪيو هو ته “ڇا سنڌي جوانن کي مارڻ لاءِ هتي مقرر ڪيو ويو آهي؟” تنهن تي هن ان کي معمول جي مقرري چيو هو. پر حقيقت اها آهي ته اتي سنڌي جوان اڪثريت ۾ موڪلڻ تڏهن به هڪ سوچيل سمجهيو فيصلو هو ۽ اڄ به معلوم ڪريو ته اتي سنڌي نوجوان ئي وڌيڪ مقرر ٿيل آهن. ڀلي کڻي اتي ڪير به مقرر ٿيندو هجي، پر انساني بنيادن تي ڏسجي ته اهو محاذ سواءِ انساني جانين ڳڙڪائڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. ان ڪري ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادتن ۽ حڪمرانن کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي مثبت انداز سان اڳتي وڌائي، اهو محاذ خالي ڪرڻ گهرجي. ان سان هڪ ته ٻنهي ملڪن جي فوجي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، علائقي ۾ امن کي هٿي ملندي. انساني جانيون بچي سگهنديون ۽ پوءِ اها بچت ڪٿي عام انساني ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو