Home / ويندي ويندي / شاباس پيپلز پارٽي
above article banner

شاباس پيپلز پارٽي

شاباس پيپلز پارٽي!پيپلز پارٽي تي هزار تنقيدون پر هڪ ڳالهه مڃبي ته گذريل چئن سالن ۾ جيتريون عوام دوست آئيني ترمميون يا بل هن حڪومت قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايون اوتريون ڪائي به اڳوڻي حڪومت نه ڪرائي سگهي آهي. عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ اهڙن کوڙ سارن شعبن بابت آئين سازي هن حڪومت ڪئي آهي اوتري ڪنهن به اڳوڻي نه ڪئي آهي. تازو قومي اسيمبلي مان انساني حقن جي قومي ڪميشن جي قيام جي بل جي منظوري تمام وڏي ڳالهه آهي. ان بل رستي فوج ۽ ڳجهن ادارن پاران انساني حقن جي لتار تي ڪميشن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته ڪميشن کين طلب ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙو ملڪ جتي اهي ادارا سويلين کي انسان ئي نه سمجهن اتي ڪنهن سويلين ڪميشن ۾ سندن بازپرس ۽ طلبي جو ڪاغذي ئي سهي پر اختيار ملي وڃڻ سويلين بالادستي ڏي پهرين وک آهي.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ پ پ ۽ اتحادين ڏکڻ پنجاب عرف سرائيڪي صوبي جي قيام جي حوالي سان ٺهراءُ پاس ڪرايو. پاڪستان ۾ وچولو پنجاب هميشه سياسي ۽ عسڪري طاقت جو مرڪز رهيو آهي. طاقت جي ان مرڪز کي راضي رکڻ لاءِ هر سياستدان حيلا هلايا آهن. ايئن ڪونهي ته زرداري صاحب ان مرڪز کان منهن موڙي حڪومت هلائي رهيو آهي، پر هڪ فرق آهي ته اڳ سياسي قيادتون طاقت جي ان مرڪز سان کئونس صفا نه ڪنديون هيون. جيترو به اختيار ملندو هو ان تي خوش رهنديون هيون. هي پهريون ڀيرو آ جو ڪڏهن آءِ ايس آءِ کي سويلين اختيار هيٺ آڻڻ جي ناڪام ئي سهي، پر ڪوشش ٿئي ٿي، ڪڏهن ڀارت سان واپاري لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٿا ۽ کيس وڻندڙ ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ڪوششون ٿين ٿيون، صوبن کي ارڙهين آئيني ترميم رستي ڪجهه کاتا واپس ملن ٿا.۽ هاڻ انساني حقن جي ڪميشن جي قيام رستي طاقتور ادارن کي انساني حقن جو احترام سيکارڻ ۽ پابند رهڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي. اها ڳالهه ته طئي آهي ته حڪومت جون اهي ادائون طاقتور ڌرين کي نه وڻنديون هونديون پر ڀلو ٿئي زرداري صاحب جو، جنهن کي پٺي ٺپرڻ لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جهڙا ڏاڍا مڙس ملي ويا ويا آهن.ڳالهه ڇا آهي ته بنيادپرست جنگجو جڏهن اولهه جي ڳاٽي پئجي ويا ۽ آمريڪا کي ساڻن اعلان جنگ ڪرڻو پيو ته پاڪستان جا طاقتور حلقا ان جنگ جو پاڻ وڃي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻيا. مشرف سرڪار جي ڊبل گيم اسٽيبلشمنٽ جو ڪم خراب ڪري ڇڏيو. آمريڪا پنهنجي اڳوڻي پاليسي تي نظرثاني ڪئي. هاڻ آمريڪا ان جنگ کٽڻ لاءِ پاڪستان ۾ سويلين قوتن جي اثرائتي شرڪت ۽ کين اقتدار ۾ رهندي ڏسڻ چاهي ٿي. تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اهو افغانستان جيڪو اسي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي نان سويلين حلقن جي ڊگهي اقتدار جي ضمانت بڻيو اهو ئي افغانستان هاڻ سندن گهٽجندڙ اثر جو سبب بڻيو آهي. آصف علي زرداري ۽ سندس ساٿي کڻي ڪيترا به داءُ پيچ ڪن ها، جيڪڏهن مقامي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي حال ۾ هجي ها ۽ کيس پٺي ٺپڻ لاءِ ڪو ٻاهريون هٿ هجي ها ته هي حڪومت ڪامران خان جي پهرين يا ٻين اڳڪٿي تائين پوري ٿي چڪي هجي ها. حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ هڪ وڏي تبديلي ڏي اشارو آهي جي ڪو سمجهي ته.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو