Home / افيئر / شڪارپور، ڀوتارڪي عتاب هيٺ
above article banner

شڪارپور، ڀوتارڪي عتاب هيٺ

شڪارپور شهر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ۾ اسٽيشن روڊ تي قائم هڪ هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه، ملازمن ۽ مالڪن کي گار گند، تشدد ۽ اهو ڪجهه ٿئي ٿو جيڪو مهذب معاشري جي مُنهن تي چماٽ هوندي آهي. ان سڄي ڏاڍ جو پسمنظر غلطي سان گراهڪ کي هڪ شامي ٽڪي گهٽ ملڻ هئي جنهن جي نشاندهي تي ازالو به ڪيو ويو هو ۽ معافيون به ورتيون ويون هيون. پر سوين شهرين جي سامهون جيڪو تماشو ٿيو سو سمجهڻ ڪا ڳجهارت ناهي. شڪارپور جي ٿاڻي لکيدر جي اي ايس آءِ جي گاڏي جي مڪينڪ سان ڏينهن ڏٺي جو انتهائي شرمناڪ واقعو پيش اچي ٿو. ڀوتارڪو تعارف رکندڙ همراهه ڏمرجي پون ٿا جن جي بڇ تي ڏينهن ڏٺي جو ٽيڪسي اسٽينڊ ڀرسان نه رڳو واقعي واري هنڌ پرتشدد واردات ٿئي ٿي، پر خلق جي سامهون ڀوتارن جي هٿياربند اي ايس آءِ کي ڊوڙائيندا ڊوڙائيندا ٿاڻي ۾ اچي به ڪٽڪو ڏين ٿا ۽ پناهه جي تلاش ۾ ٿاڻي تي پهتل عملدار کي پنهنجا پٽي ڀائي به نه ٿا بچائن پر ٿاڻو ئي ڇڏي فرار ٿي وڃن ٿا. هڪ عملدار قانون جي بالادستي واري تاثر کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪو تحرڪ ورتو ان تحرڪ کيس جيڪي لقاءُ ڏيکاريا اهي لقاءُ هڪ فرد جي تذليل جي نشاندهي نه ٿا ڪن. پر پوليس ڊپارٽمينٽ جي توهين آهن. اهو واقعو پوري پوليس فورس لاءِ شڪارپور جي ڀوتارن طرفان هڪ پيغام آهي ته سندن جي پوليس تي ڪهڙي اک ٿي ٻُڏي؟ لکي در ٿاڻي تي اي ايس آءِ عشرت منگي جي فرياد تي 62 جوبدارن جي خلاف ڪيس داخل ٿي ويو آهي. قلم نمبر 395-324 353-PPL149-148-ACT 7/6 واري ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل مک جوابدار عبدالفتاح تيغاڻي ۽ يونين ڪائونسل پير بخش شجراع جو اڳوڻو ناظم عبدالبني تيغاڻي اڃا تائين آزاد آهن. زخمي اي ايس آءِ عشرت رضا منگي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ انتهائي مايوسي واري زندگي گذاري رهيو آهي. 26 مارچ تي کلي عام ٿيل دهشت گردي کانپوءِ شڪارپور جو عوام  پريشان آهي ته جتي محافظ ئي محفوط ناهن ته اُتي عوام جو ڪهڙو تحفظ ممڪن آهي:

تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته شهر جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڪنهن به وزير مشير ۽ ڪنهن به سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌر هن وحشت بابت ڪو رد عمل نه ڏيکاريو آهي. ڪنهن جي مٿي تي جُونءَ به نه چري آهي ۽ پوليس جي وردي ڀوڳ چرچو بڻجي وئي آهي. ميان جو ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ جنوني همراهه پنهنجي مڱيندي کي جڏهن گهران فرار ٿي شادي ڪرڻ واري ڳالهه مڃائڻ ۾ ڪامياب نه ٿو وڃي ته پسٽل جا فائر ۽ چاقو سان حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏي ٿو. آصف لوهر پٺاڻ جڏهن پڪڙجي ٿاڻي تي پهچي ٿو ته کيس افواهي خبر ملي ٿي ته ياسمين فوت ٿي وئي آهي. ميان جو ڳوٺ ٿاڻي تي لاڪ اپ ناهي کيس وائرليس روم ۾ رکيو وڃي ٿو. جتان سنتري پاڻي پيئڻ ٻاهر نڪري ٿو ته ان جي ڪمري ۾ موجود لوڊ ٿيل رائيفل کڻي همراهه آپگهات ڪري ڇڏي ٿو.

صوبائي وزير آغا تيمور جي مداخلت تي ڊيوٽي انچارج اي ايس آءِ امداد مهر، سنتري ابراهيم ٽانوري تي قتل جو ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو. ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ معطل ٿي وڃي ٿو. امداد ۽ مهر کي لاڪ اپ حوالي ڪيو وڃي ٿو. ميان جو ڳوٺ ٿاڻي تي فوتي جي پيءُ طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل قلم 34PPC-302 جا جوابدار حقي آهن يا بي گناهه، ان بابت ڪا به واضح رپورٽ به پڌري نه ٿي آهي نه وري ياسمين جي مامي نظير لوهر پاران داخل ايف آءِ آر گناهه نمبر 15/2012 جي حوالي سان ڪا تسلي جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي.

شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد خانچند آباد ۾ قتل ٿيل پوليس هيڊ ڪانسٽيبل جو خون اڃا تائين رڙي رهيو آهي. 17 فيبروري تي ڀاءُ عبدالقادر هٿان قتل ٿيل دلشاد انڙ جي قتل کان پوءِ ان جي پونئرن کي تڏي جو خرچ به نه مليو ويتر ٻچن جو اجهو پوليس ڪوارٽر به کسيو ويو جيڪو وڏين جفاڪشين کان پوءِ يتيم ٻارڙن کي واپس مليو. مقتول هيڊڪانسٽيبل جي مڙس عبدالخالق جي داخل ڪيس گناهه نمبر 20/2012 جو جوابدار جهلجي نه سگهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت مان حصي وٺڻ جي اسرار دلشاد کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. جوابدار پنهنجي ونواهه ۾ ويٺل ڀيڻ تي مڱيندي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي انتهائي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. سندس ٻين مالدار ڀينرن ملڪيت جو حصو ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو هو.پر دلشاد راضي نه هئي. وومين پوليس ڪمانڊو جي پهرين بئنچ جي تربيت ۾ هوءَ پوري سنڌ مان پهرين پوزيشن ۾ پاس ٿي هئي. پر زندگي جي ناڪامي واري امتحان جو جنهن کي وقت، قانون ۽ حالتن ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي تنهن کي اڃا تائين ڪو به تاءُ ناهي آيو. دلشاد گل جا ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي معصوماڻا سوال ڪن ٿا. اهي سوال جيڪي پنهنجي پوري پسمنظر ۾ انصاف جي صدا بلند ڪن ٿا جنهن جي گونج شايد قانون تائين اڃا تائين نه پهتي آهي. هٿوڙي سان مٿي چچرڻ وارو واقعو ڪنهن جي به ڌيان تي اڃا تائين ڪائي “دستڪ” ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر اها ڪنهن جي گهٽتائي آهي؟ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو جوابدار ڪنهن به ڪٽهڙي ۾ ۽ ڪنهن به پڪڙ ۾ نه اچي سگهيو آهي.

ميان جي ڳوٺ ۾ هٿياربند مارجي ويلن ٻن چور ساٿين جي پلاند ۾ ڀاڳيو 27 ساله طالب ٻرڙو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. مقتول جي فريادي چاچي حضور بخش گناهه 2012/16 جتوئي برادري جي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. 28 مارچ تي پيش آيل انهيءَ واقعي جي بڻ بنياد جا وچور اهي آهن ته خانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله ٻرڙو ۾ چورن ۽ ڀاڳين جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه چور سرور ۽ جت جتوئي مارجي ويا هئا جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻا مسلسل دٻاءُ ۽ خوف ۾ هئا. ڀاڳين جتوئي راڄ جي چڱي مڙس ڏي ميڙ به موڪلي هئي. پر چيو ويو ته اڳ ۾ مقتولن تي سرڪار پاران اعلانيل 15 لک ڏيو ته پوءِ قتل واري معاملي کي پوءِ ٿا نبيريون ۽ اهو نياءُ ڪنهن نبيري جي اطلاعن بدران هڪ خون جي اطلاع سان ظاهر ٿيو آهي. ڳوٺاڻا سخت ڏهڪاءَ ۽ حراس ۾ ورتل آهن. اها ڏاڍ مڙسي ۽ سينا زوري غريب ۽ شريف ماڻهن لاءِ ڏچو بڻجي وئي آهي. خلق آخر دانهي ته ڪهڙي در دانهي؟

اسان جو سماج خراب ماڻهوءَ لاءِ سٺو، سٺي ۽ شريف ماڻهو لاءِ انتهائي اذيتناڪ ثابت ٿيڻ لڳو آهي. براين ۽ بڇڙاين تي ڪو به ماڻهو آخر وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ 28 مارچ تي ميان جو ڳوٺ ۾ ڪريل بي گناهه جو لاش هڪ فرد جو موت ناهي ان سوين ماڻهن جا لڱ ڪانڊاريا آهن ۽ اهڙو ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو رستم ٿاڻي جي حد ۾ پڻ پيش آيو آهي. جتي مزدورن کي اغوا کان پوءِ وڻن سان ٻڌي نشانو بڻايو ويو آهي. ٽن جاگيراڻين جا خون شڪارپور ۾ جهنگ جي قانون تحت هلندڙ ڪنهن فائرنگ اسڪواڊ جي چٽي شاهدي آهن. گلشن، اقبال ۽ نواز جاگيراڻي جي رت جا ڇندا جتوئين تي ڪريا آهن. فريادي لياقت جاگيراڻي ٿاڻي تي گناهه نمبر 2012/20 ڪيس داخل ڪرايو آهي. پر سوال اهو آهي ته پاڻ وٽ اهڙن ڪيسن جي ڪا پيشي به ٿي آهي؟ ڪيس ۾ ٻين قلمن کان سواءِ دهشت گردي ٽوڙ ڪورٽ جو قلم 7/6 به هنيو ويو آهي. پر قبيلائي دهشت گردي ڪهڙي دهشت گرد ٽوڙ عدالت جيل موڪليا آهن جو هي همراهه به “جيل ياترا” ڪندا؟ شڪارپور جو تعارف ماضي واري شڪارپور جي يادگيري ڏياري رهيو آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته اڳ جانور شڪار ڪيا ويندا هئا هاڻ انسان نشاني تي آهن. ۽ اهو سمورو توازن هتان جي ڀوتارڪن هٿن بگاڙيو آهي. ڀوتار سڌا ٿين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو. پر اهي سماج سان سچا ئي ناهن ته سڌا ڪيئن ٿين؟ اهي رڳو ايترو ڪن تڏهن به هڪ خوشگوار تبديلي مثبت ماحول کي جنم ڏئي سگهي ٿي ته هو قاتلن، ڌاڙيلن ۽ چورن جي مالڪي نه ڪن. انهن تي شفقت جو هٿ نه رکن انهن کي پنهنجي اوطاقن ۽ بنگلن ۾ پناهه نه ڏين. ڀوتارن کي خود اهو احساس ناهي ته اهو لعنتاڻو سندن ڪردار ۽ هاڪ کي لوڙهيندو آيو آهي. ڇا هو اڃا به لڙهڻ لاءِ تيار آهن؟

naseembukhari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو