Home / افيئر / صحافين جو اکين ڏٺومشاهدو پنڊي-ايبٽ آباد: سنڌ جا شهيد ۽ اسامه بن لادن جو ڳجهه
above article banner

صحافين جو اکين ڏٺومشاهدو پنڊي-ايبٽ آباد: سنڌ جا شهيد ۽ اسامه بن لادن جو ڳجهه

 

1996ع ۾ بدين جي مڃيل صحافي مرحوم محمد ياسين آرائين پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي ويجهي ساٿي سينئر صحافي محمد هاشم ڀرڳڙي سان گڏجي بدين ضلعي جي صحافين جي ڀلائي لاءِ هڪ ادارو ايوان صحافت جي نالي سان قائم ڪيو. ايوان صحافت بدين طرفان هن کان اڳ مقامي صحافين کي ڪراچي ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين جو ته سير ڪرايو ويو پر صحافين کي آل پاڪستان جو ٽوئر پڻ ڪرايو ويو. اسان جو اهو پنڌ پنجاب طرف هو. سنڌ جا شهر پنو عاقل گهوٽڪي ۽ ماٿيلو پار ڪري صوبي پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿياسين. سفر دوران پنجاب جي نيشنل هاءِ وي جي روڊن ۽ سنڌ جي روڊن ۾ ڏينهن رات جو فرق نظر آيو. سنڌ جو حيدرآباد کان اوٻاوڙي تائين مين روڊ جو هر هنڌان ڄڻ ته اوجهه ڦاٽل هو ۽ پنجاب جا نه فقط نيشنل هاءِ وي جا مين روڊ پر ضلعن، تعلقن ۽ ڳوٺن جا روڊ زبردست به هئا ۽ انهن روڊن جي بچاءَ لاءِ خاص انتظام پڻ ٿيل نظر آيا. سڄي رات پنجاب جي روڊن تان سفر ڪندي جڏهن باک ڦٽي بعد سج پنهنجي ڪرڻن جي ڌرتي تي پالوٽ ڪرڻ لڳو. تڏهن اسان ڏکڻ ۽ اولهه واري پنجاب صوبي جي ضلعن مظفر ڳڙهه، خوشاب، ليه ۽ ميانوالي وغيره جي رستي جي ٻنهي طرفن جي زمين، ڳوٺن ۽ زرعي فصلن ۽ وڻڪاري جي چڱي طرح سان مشاهدو ڪيو. مظفر ڳڙهه، ليه ۽ خوشاب جي ضلعن وارو گهڻو علائقو غيرآباد ۽ ٿر جهڙو وارياسو آهي.

اها عجيب ڳالهه آهي ته ضلعي ليه واري حد ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان لئي جا وڏا گهاٽا وڻ وڏي تعداد ۾ نظر آيا. مونکي اها خبر ناهي ته ليه شهر جو اهو نالو، لئين جي گهاٽن وڻن جي ڪري پيو يا ان نالي جو ٻيو ڪو پسمنظر آهي. اسانکي اها پڻ حيراني ٿي ته ان ئي علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي اسان واري رڻ ڪڇ ۽ ڪڍڻ واري علائقي ۾ 60 واري ڏهاڪي ۾ اوچتو پيدا ٿيندڙ عجيب وڻ ديوي جا درخت پڻ نطر آيا. يقينن ديوي جي وڻ جو هي ٻج اسان واري علائقي بدين مان هتي ليه ۽ خوشاب تائين پهتو آهي. اسانکي مظفر ڳڙهه ضلعي واري علائقي ۾ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀتين تي ڪالا باغ ڊيم تحريڪ جي حمايت ۾ لکيل نعرا پڻ نظر آيا. ميانوالي ضلعي جو اوڀر وارو ڀاڱو وارياسو ۽ اولهه وارو ڀاڱو جابلو آهي. هتان جو ڪارو ڏونگر اسانجي حيدرآباد واري گنجي ٽڪر جيئان غيرآباد ۽ گنجو آهي. ميانوالي جو شهر پڻ سکر جيئان سخت گرم هو. خوشاب ۽ ميانوالي جي ضلعن وارو گهڻو علائقو بنهه غير آباد ۽ ويران آهي. جڏهن ته زمين انتهائي زرخيز آهي. جتي پاڻي پهچي ٿو اتي زرعي فصل سنڌ کان وڌيڪ ڀلا ٿين ٿا. هتي زرعي فصل جديد سائنسي طريقي سان پوکيا وڃن ٿا. جتي نهري پاڻي ناهي اتي ٽيوب ويلن تي زراعت ٿئي ٿي. هتي زير زمين پاڻي تمام مٺو آهي. جڏهن ته لاڙ سميت سڄي سنڌ جي جر جو پاڻي انتهائي کارو ۽ زهريلو ٿي ويو آهي. هن علائقي جي هوٽلن تي فقط مسافر نظر ٿي آيا. مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي ڌنڌي ۾ رڌل هئا. جڏهن ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جون هوٽلون صبح کان رات تائين سست ۽ نڪمن واندن ماڻهن ۽ موالين سان سٿيل هونديون آهن. ميانوالي شهر کان راولپنڊي ڏانهن ويندي هڪ سرائڪي هوٽل تي اسان ڊاٻو ڪيو. ڀر ۾ هڪ ڳوٺ هو پر ان شاندار پرسڪون ماحول واري انوکي هوٽل تي فقط اسين چند مسافر گراهڪ هئاسين.

ميانوالي شهر کان پنڊي ويندڙ انهي جابلو روٽ تي هڪ خوبصورت شهر تله گنگ پڻ اچي ٿو. شهر جي ان بازار ۾ هڪ هنڌ پيل انبن جي اگهه جي جڏهن مون پڇا ڪئي ته ان صاحب وچولي معيار واري انبن جي هڪ ڪلو جو ملهه 180 روپيه ٻڌايو. ايڏي مهانگي انب جي باري ۾ جڏهن دڪاندار کان پڇيو ويو ته ان ٻڌايو ته هي انب تمام پري سنڌ جي شهر حيدرآباد کان اچي ٿو، انڪري مهانگو آهي. اسان رات جو 9 وڳي ڌاري وڃي راولپنڊي ۾ پهتاسين، پنڊي ۾ اسان لياقت باغ لڳ راجا بازار جي هڪ هوٽل ۾ قيام ڪيو. هي اهو ئي لياقت باغ آهي جتي سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو. هي اهو ئي پنڊي جو بدنصيب شهر آهي جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي. اسين اها هڪ رات ايبٽ آباد ۾ انهن ئي صحافين جا مهمان بڻياسين. ايبٽ آباد جي هن خوبصورت شهر جو هڪ الڳ داستان آهي. هي اهو ئي شهر آهي جتي القاعده جو سربراهه اسامه بن لادن ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ فوجي ڇانوڻي جي ويجهو بي خوف رهي مزا ماڻيندو رهيو. جيڪو 2 مئي 2011ع تي آمريڪي ڪمانڊو حملي ۾ مارجي ويو. انگريز ميجر جيمس ايبٽ جيڪو شايد ساڳيو ئي انگزير محقق آهي، جنهن سنڌ، ڪڇ ۽ راجستان جي تاريخ تي پڻ تحقيقي ڪتاب لکيا. ان جي نالي سان منسوب هن شهر جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن. هي تمام ترقي يافته سهڻو شهر آهي. هتي پنج ميڊيڪل ڪاليج ۽ هڪ انجنيئرنگ جي يونيورسٽي پڻ آهي. هتي جون عورتون پڻ پڙهيل آهن. هي ڪو لالا پٺاڻن جو شهر ناهي. هن شهر سميت سڄو علائقو سياحت وارو اتريون علائقو انتهائي پرامن آهي. هتي جا گهڻا ماڻهو فوج جا وڏا آفيسر آهن. هتي هزاره صوبي جي تحريڪ عروج تي آهي. گهڻي ٻولي هندڪو آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته هتان جي مقامي صحافين سميت عام شهري ان ڳالهه تي هرگز يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته ڪو اسامه بن لادن هتي ايبٽ آباد واري ڄاڻايل گهر ۾ لڪل هو.

اسين ايبٽ آباد کانپوءِ بالاڪوٽ پهتاسين، بالاڪوٽ جو حسين وادين وارو هي خوبصورت تاريخي شهر جتي 1831ع ۾ سکن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ خوفناڪ خونريز جنگ پڻ لڳي هئي. مسلمانن جو اڳواڻ سيد احمد بريلوي ۽ شاهه اسماعيل ان جنگ ۾ مارجي ويا هئا. جيڪي هتي ئي دفن ٿيل آهن. هي خوبصورت شهر جيڪو 2005ع واري زلزلي ۾ اٽڪل سڄو تباهه ٿي ويو هو. جتي هاڻ ٻيهر اهو شهر آباد ٿي رهيو آهي. بالاڪوٽ جو هي شهر ئي اصل ۾ وادي ڪاغان جو دروازو آهي. وادي ڪاغان جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 2800 فوٽن کان شروع ٿي بابوسر جي لنگهه واري چوٽي تائين 13700 فوٽ بلند آهي. وادي ناراڻ ڪاغان کان 24 ڪلوميٽر پري 8000 فوٽن جي بلندي تي آهي. هتان کان دنيا جي حسين ترين ڍند سيف الملوڪ 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 10100 فوٽن جي بلندي تي آهي. ناراڻ کان سيف الملوڪ جي ڍنڍ ڏانهن فقط فور ويل جيپن وارو انتهائي خطرناڪ پٿرن وارو روڊ آهي. هيٺ ڏهه هزار فوٽن جي کاهي ۽ ڪنهار درياهه آهي. ناراڻ ۾ پهچڻ بعد اسان اها عظيم ڍنڍ شام جو ڏسڻ وياسين. وچ تي هڪ برفاني گليشر پڻ روڊ تي آهي. جتي ايترو گهڻو سي آهي جو گهڻا سياح وڌيڪ دير تائين بيهي نٿا سگهن. هي ڍنڍ مصر جي شهزادي سيف الملوڪ ۽ انجي محبوبه پري بديع الجمال جي رومانوي داستان سان منسوب آهي. هن ديو مالائي ڪهاڻي سان منسوب هڪ ماڳ سنڌ ۾ اسان وٽ به ڪڍڻ شهر کان ڏکڻ طرف 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي علي بندر روڊ جي اوڀر ۾ ديهه ولهاري ۾ ڀت جي چوٽي تي ٺهيل هڪ پراسرار پڪي کوهه سان پڻ وابستا آهي. جنهن ماڳ کي پڻ سيف الملوڪ جي وانئين چيو وڃي ٿو. ان سنڌ واري ماڳ سان پڻ ساڳي پري بديع الجمال واري ڪهاڻي منسوب آهي. هتي پڻ پرين جي تلاءُ جو ذڪر آهي. فرق بس ايترو آهي ته سنڌ وارو هي ننڌڻڪو ماڳ واري جي ڀٽن ۾ گهيريل آهي ۽ مذڪوره حسين ڍنڍ خوبصورت جابلو وادين ۾ آهي. سيف الملوڪ جي ان ڍنڍ مان پڻ درياهه ڪنهار گذري ٿو جيڪو درياهه ان کان به اڳتي حسين ڍنڍ لولوسر مان نڪري سڄي ڪاغان وادي ۾ نانگ جي وڪڙ سان گهمي بالاڪوٽ وٽان وادي ڪشمير ڏانهن وڃي شايد درياهه جهلم سان گڏجي ٿو. وقت گهٽ هجڻ ڪري اسين گلن جي وادي لالازار سميت ٻيون ڪيتريون ئي خوبصورت ماٿريون ڏسي نه سگهياسين. واپسي ۾ بالاڪوٽ کان اسان واري ڳڙهي حبيب الله شهر واري روڊ کان آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتاسين. جيڪو شهر پڻ 2005 واري ڀيانڪ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو هو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو