Home / ڪرنٽ افيئر / صدر زرداريءَ جي ڪاري جادو جا ڪمال
above article banner

صدر زرداريءَ جي ڪاري جادو جا ڪمال

 

سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ هاڻي اڳ ـ وقتيون عام چونڊون ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. جن پارٽين گذريل سال آڪٽوبر کان ئي اليڪشن مهم هلائڻ شروع ڪري ڏني هئي تن جا پئسا هاڻي ٻڏل سمجهيا پيا وڃن. کين ٻيهر مهم هلائڻي پوندي. ٻين پارٽين مان جيڪي گهارا پيا ۽ جيڪو هر پاسي جو پاڻي وهندو سناميءَ ۾ پوندو پئي ويو سو نه رڳو رڪجي ويو آهي پر جي اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿي ته ڪا ابتي سنامي به شروع ٿي سگهي ٿي. سناميءَ جو زور ٽٽڻ سان پيپلز پارٽي سرڪار جي ٻيڙي به لوڏن مان نڪري آئي آهي ۽ ان جي مقابلي جي سگهه (Resilience)به وڌي آهي.نواز ليگ به ڪجهه ساهه پٽيو آهي.

مبارڪ سلامت شروع آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فارين پاليسي جا گائيڊلائين پارليامينٽ طئي ڪيا آهن. ڪيترن ئي ٻين غيرمعمولي ڪمن سان گڏ هن پيش رفت جو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ان پيش رفت کي ٻئي پاسي کان ڏسبو ته نظر ايندو ته اسٽيبلشمينٽ ڪجهه ڏکيا ڪم پاڻ ڪرڻ بدران سويلين سيٽ اپ حوالي ڪياآهن. ڏکيو مرحلو ٻيا ٽپائي ڏيندا ته هنن جي مشڪل آسان ٿيندي.

 

ڏکيو مرحلو آهي ناٽو جي رستي کولڻ واري فيصلي جي ذميداري کڻڻ. فارين پاليسي جي گائيڊ لائين ٺاهڻ ته هن معاملي جو بظاهر خوبصورت نالو آهي جنهن اندر لفظن جي وڏي وٽ سٽ سان اصل ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته ناٽو سپلاءِ لاءِ رستو کولڻ واري اڳواٽ ڪيل فيصلي کي پارليامينٽ کان آشيرواد وٺرايو ويو آهي. هي ڪم ٿي وڃڻ کان پوءِ سويلين سيٽ اپ جو شڪريو ادا ڪري فارين پاليسيءَ کي هلائيندا وري به هلائڻ وارا. ادو مئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا!

ٻاهران ڀلي جيڪي به چوي، پ پ سرڪار کي اهڙي ڪا به خوش فهمي ڪانهي ته ڪو ان کي ايڏا پاور ملي ويا آهن جو هاڻي اها پرڏيهي پاليسين جو رخ تبديل ڪري سگهي ٿي. پر هن معاملي سان پ پ سرڪار توڻي ٻين اسٽيڪ هولڊرز تي اهو واضح ٿيو ته ناٽو سپلاءِ وارو رستو کولائڻ جي هنن کان وڌيڪ لشڪري لڏي کي تڪڙ هئي. ۽ اهو پيرو به کنيو پيو وڃي ته آخر ڇو؟

پنهنجو تجزيو اهو آهي ته هن وقت خصوصي لڏو ۽ ان لاءِ سوچڻ جو ڪم ڪندڙن جي ڪميونٽي شديد ڪنفيوزن جو شڪار آهي ته آمريڪا سان ڪهڙي هلت هلجي. همراهن جون ٻه ڪيمپون آهن. هڪڙا ٿورڙي ڪاوڙ ڏيکاري وري ٽيمپريچر چيڪ ڪن ٿا ته ڪٿي ضرورت کان وڌيڪ ڊوز ته ڪونه ڏيئي ويا آهن. ٻيا جوان جا پٽ وري اهڙااعلان پيا ڪن ته هاڻي گهٽ نه ٿيندي.

ناٽو وارو رستو کولائڻ جي ضرورت / مجبوري ۽ تڪڙ جوپس منظر اصل مالڪن جي حقيقت پسندي کان وڌيڪ بي يقيني آهي. سياسي قيادت ته سياسي رستو وٺي اهو ڪم ڪرڻ پئي چاهيو. جيڪڏهن عام اسپيڊ سان هي معاملو کڄي ها ته ان جا سمورا مرحلا طئي ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهيو ٿي. مثال طور جڏهن وڃي سڀ پارٽيون راضي ٿين، پارليامينٽ جي ڪاميٽي ”ويهڪون“ ڪري، بحث مباحثا ٿين، ان وچ ۾ پراسيس باربار پٽڙيءَ تان لهندو به وڃي ته واپس پٽڙيءَ تي چڙهندو به رهي.اهي مرحلا سياسي نبيري جا نارمل مرحلا هوندا آهن. جيڪڏهن ڏسجي ته هي معاملو گهربل وقت وٺڻ بدران معمول کان گهڻو اڳ پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هاڻي آهستي آهستي اهي ڳالهيون کُلي رهيون آهن ته ان کي تڪڙي نموني اڪلائڻ ۾ بيڪ گرائونڊ ۾ ويٺل ڌرين وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. جتي جتي باٽل نيڪ ٿي، ڪو ڊيڊلاڪ پيدا ٿيو، ته هنن همراهن بنا دير جي اها ڳنڍ کولي ڏني ته جيئن گاڏي اڳتي هلي.

آخر ڇو؟ لاچار ڪهڙو هو؟ ان ڳجهارت کي ڀڃيندڙ چون ٿا ته استادن جي اڪثريت ليکو ڪري نتيجو ڪڍيو ته آمريڪا سان جهيڙو انڊيا سان جهيڙي جهڙو ڪونهي ڇو ته انڊيا سان 64 ورهين جي تجربي جي ڪري کين اهو اندازو هوندو آهي ته ڪنهن ايڪشن جي جوابي ڪارروائي ۾ اهو وڌ ۾ وڌ ڪهڙي حد تائين ويندو. آمريڪا سان مني صديءَ جيتري ڊگهي ياريءَ جي باوجود همراهن کي ان جي انت جي خبر نٿي پوي ۽ ڪجهه چئي نٿا سگهن ته ان جي جوابي move ڪهڙي هوندي. سو هڪڙا همراهه هڪ هڪاڻي ڪرڻ جا نعرا ٿا هڻن پر ٻيا چون ٿا ته ٿورو بت جهليو، جوان جو هٿ ڏاڍو ڳرو آهي.

ويجهڙ ۾ هڪ سينيئر آمريڪي فوجي آفيسر چتاءُ ڏنو ته جي رستو نه کوليو ويو ته هو انڊيا سان معاهدو ڪري سامان ان ملڪ ۾ لاهيندا جتان پوءِ اهو سامان روڊ وسيلي ڪنهن ويجهي پرڳڻي تائين پهچايو ويندو ۽ ان ويجهي جاءِ تان هيلي ڪاپٽرن وسيلي سامان اتان کڻي افغانستان پهچائبو. ظاهر آهي ته اهي هيلي ڪاپٽر پاڪستان مٿان گذرندا ۽ پاڪستان مان ناٽو جو فضائي رستو هونئن ئي کليل آهي. هي ته اسان وارن خصوصي همراهن جا طوطا اڏارڻ واري ڳالهه هئي. مٿان ٻين آمريڪي عملدارن اهو چئي پريشر وڌائي ڇڏيو ته پارلياماني بحث مباحثي لاءِ احترام آهي، پر اسلام آباد جلد فيصلو ٻڌائي ڇو ته هاڻي اسان کان وڌيڪ انتظار نٿو ٿئي.

ڊپ ۽ انسيڪيورٽي ڪنهن تلوار وانگر ملڪ جي مالڪ لڏي ۽ ان جي اباڻي وطن جي ماڻهن جي سوچ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي چون ٿا ته ”آمريڪا نه کپي“ انهن کي اهو به قبول ڪونهي ته آمريڪا هنن کي ڇڏي وڃي انڊيا سان ويجهي مائٽي ڳنڍي. جي ايئن ٿيو ته پوءِ ان جي منطقي نتيجي موجب ٻيو ڇا ڇا ٿيندو يا ٿي سگهي ٿو؟ هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ٿي پئي آهي ته جن ماڻهن ناٽو جي رسد جي رستي کي دائمي طور بند ڪرائڻ ٿي چاهيو ۽ پارليامينٽ کي رستو کولڻ واري فيصلي کان باز رکڻ لاءِ ۽ ڊيڄارڻ لاءِجن دفاع ڪائونسل ٺهرائي هئي سي پاڻ ناٽو جو رستو کولڻ لاءِ ايڏا آتا ڇو ٿي پيا. هتان کان اڳتي اوهين ڏسندا ته آمريڪا جي مخالفت ۽ آمريڪا جي مشڪل آسان ڪرڻ جي ٻنهي قسمن جي فن جو مظاهرو گڏ گڏ هلندو رهندو.

جيڪولڏو آمريڪا سان محتاط رويو رکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو سو انڊيا سان رابطا بحال ڪرڻ جي به حق ۾ آهي. هنن همراهن جي اسيسسمينٽ آهي ته پراڻي پاليسيءَ کي وڌيڪ هلائڻ سان ڊگهي مدي ۾ هاڻي کين رڳو نقصان ئي نقصان ٿيندو. هنن صدر زرداريءَ کي ٽيڪو ڏيئي انڊيا کي موسٽ فيورٽ نيشن به قرار ڏياري ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته صدر زرداريءَ جي تازي دوري ۾ ڏيکاءُ گهٽ ۽ ڪم وڌيڪ ٿيو آهي. هڪ طرف واپار جا نوان گيٽ پيا کلن، ٻئي پاسي ادائيگين جو نظام بهتر بنائڻ لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي بينڪن جون شاخون کولي رهيا آهن. بنا دير جي نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني سامان جي نمائش به لڳي چڪي آهي. ملٽيپل ويزا وارو کاتو به کليو آهي. ڪيترائي ٻيا ڪم بنا هل هنگامي جي ڪيا ويا آهن. هتي سڀنيءَ کي ڊپ ئي اهو هو ته واپار نه کوليو. ڇو جو جي واپار کليو ته مارڪيٽ جي سنامي سمورا اختلاف لوڙهي هلي ويندي.

۽ پوءِ اوهان ڏٺو ته نواز ليگ ايڏي مخالفت کان پوءِ به يوٽرن وٺي ڪاميٽيءَ ۾ موٽي آئي. ۽ پوءِ اسان جي گنهگار اکين اهو به ڏٺو ته مولانا به تڪليف ڪري موٽي آيو.

سياست جي ڪاري جادوءَ جي ماهر صدر زرداريءَ جي اهميت پنڊي توڻي پينٽاگان لاءِ هڪ ڀيرو وري وڌي وئي. رستو کولڻ جي مخالفت واري ڪيمپ ۾ وڃي ٻه ڌريون بچيون هيون. هڪ هئي نواز ليگ ۽ ٻي مولانا جي جماعت. صدر زرداري ٻنهي ڌرين کي چيو ته اوهين رڳو گائيڊ لائين کي منظوري ڏياريو. گائيڊ لائين واري ڪاڳر ۾ رستي کولڻ جو ڪو ذڪر ئي شامل ڪونه هوندو. هن اهو به چيو ته ان منظوريءَ کان پوءِ پنهنجي سر تي خواري کڻندي سرڪار هڪ انتظامي آرڊر وسيلي بند ٿيل ڦاٽڪ کولي ڇڏيندي.

پر گهٽ ۾ گهٽ نواز ليگ جي ڪيس ۾ صدر جو جادو نه هلي سگهيو تنهن ڪري خاص خصوصي ڌر کي نواز ليگ کي ”درخواست“ ڪرڻي پئي جنهن نتيجو ڏنو. ليگ کي چيو ويو ته قومي مفاد جي پيش نظر اها هن پراسيس ۾ شامل ٿئي. صدر زرداري آسرو لاهي جڏهن ميان برادران کي گٿا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪيا ته اهڙي وقت خبر ڪانهي ته ڪهڙي منهن سان نواز ليگ واپس موٽي آئي. اهو هو جادو درخواست جو.

هڪ مرحلي تي نواز ليگ خاص ڌر جي درخواست جي باوجود سنوت ڪانه پئي ڏني. جنهن ڪري زرداري ۽ خاص ڌر گڏجي حنا رباني کر کان انگريزيءَ ۾ بيان ڏياريو (جيئن ”سڀنيءَ“ کي سمجهه ۾ اچي)ته جيڪڏهن نواز ليگ شامل نه ٿي ته اسين گائيڊ لائينز کي سادي اڪثريت سان منظوري ڏيئي ڇڏينداسين. هي بيان ٽرمپ ڪارڊ (حڪم جو پتو) هو. نواز ليگ کي اندازو ٿي ويو ته هڪ ئي وقت اها ٽن ڌرين سان ڦٽائي رهي آهي، تنهن ڪري وڌيڪ وقت وڃائڻ بدران اها اچي شامل ٿي.

جيڪي الف مد آ پاڪستان ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ رهيا آهن تن ۾ هڪ نئين الف مد آ جو اضافو ٿيو آهي ۽ اهو آهي آصف زرداري. نواز ليگ سموري مخالفت جي باوجود وري به آصف زرداريءَ سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي جو ان کي ٻين مان ڪوبه آسرو ڪونهي. آصف زرداري نواز ليگ کي اها آفر ڪندو رهيو آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بنائيندو ته اليڪشن ۾ legitimate پليئرز سان بي انصافي نه ٿئي. مطلب اهو ته جيڪڏهن نواز ليگ سنئين ريت گڏ هلي ته هو تحريڪ انصاف کي legitimate پليئرز ۾ نه ڳڻيندو. سو سموري بي عزتيءَ جي باوجود هن ”آ“ سان به نواز ليگ کي هلڻو پئجي رهيو آهي. اها جي نه هلي ته همراهه ”کٻيءَ“ کان ڪم وٺندو. اڳ ئي سرائيڪي صوبي گهڻن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.

ايم ڪيو ايم جي استاديءَ ۾ سڀ سياسي ڌريون پگهار وڌرائڻ جا نت نوان طريقا سکي ويون آهن. عاليجناب مولانا به اهي ترڪيبون بار بار آزمائيندو رهيو آهي. ناٽو واري رستي کولڻ کي به مولانامڪمل ريت استعمال ڪيو. اها ڳالهه ته هاڻي کليل راز آهي ته جيئن 2002 وارين چونڊن ۾ ان وقت جي ضرورتن آڌار ايم ايم اي کي کٽايو ويو هو تيئن بدليل ضرورتن جي پيش نظر 2008 وارين چونڊن ۾ وري اي اين پيءَ کي اڪثريت ڏياري وئي هئي. مولانا هينئر سان سودو ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري واري اليڪشن ۾ خيبر پختونخواه جي ٻانهن هڪ ڀيرو وري سندس پارٽيءَ حوالي ڪئي وڃي ته هو سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ظاهر آهي ته ان معاملي ۾ ٽيئي ”آ“ پنهنجي پنهنجي ضرورت آڌار فيصلو ڪندا. ڪاميٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ مولانا انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن سان ڊگهي نيگو سي ايشن ڪئي آهي. اپريل جي پهرين ٻن هفتن ۾ تقريبن روزانو ايئن ٿيندو رهيو ته صدر جا نمائندا مولانا سان ملي نڪري رهيا هوندا هئا ته ملاقات لاءِ ايندڙ ڪيمرون منٽر گاڏيءَ مان لهي رهيو هوندو هو. مولانا کي صدر ۽ منٽر ضرور ڪو آسرو ڏنو هوندو جو هوبه ڪاميٽيءَ ۾ اچي جلوه افروز ٿيو.

پارليامينٽ مان گائيڊ لائينز کي منظوري ملڻ کان پوءِ هاڻي ناٽو رستو کلڻ لاءِ رڳو هڪ ايگزيڪٽو آرڊر جاري ڪرڻ جي دير آهي. پارلياماني ۽ ڊپلوميٽڪ فرنٽ تي هيڏين محنتن کان پوءِ اهو نتيجو نڪتو آهي، پر تازو ڪچهريءَ ۾ هڪ سياستدان جو چوڻ هو ته ايڏو ارجنٽ نموني هن ڪم ٿيڻ پويان سڀ کان وڏو فيڪٽر اڃا ٻيو آهي. ”اصل ۾ هن فيصلي کي منظوري ڏيندڙ سڀئي سياستدان اڄڪلهه ڏاڍا پريشان آهن جو جڏهن کان ناٽو جو رستو بند ٿيو آهي پرڏيهي شراب ذري گهٽ اڻ لڀ ٿي ويا آهن ۽ انهن جا اگهه به آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن،“ هن جو چوڻ هو. جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ ڪيترن لاءِ اها سٺي خبر آهي ته ناٽو جو رستو کلڻ سان سامان عام جام ملندو ۽ اگهه به اعتدال تي ايندا. هونئن به ڪنهن چڱي شيءَ جو رستو بند ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ڪانهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو