Home / ڪور افيئر / عمل پسند اڳواڻ جو وڇوڙو
above article banner

عمل پسند اڳواڻ جو وڇوڙو

80 ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ قومپرست هلچل جي ڪيترن ئي ڏڦيڙن ۽ تنقيدن جو شڪار رهي، اتي ان سنڌي سماج اندر قومپرستيءَ وارن لاڙن کي عوامي سطح تي عام ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي 90ع واري ڏهاڪي ۾ قومپرستي سنڌ اندر يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي محدود دائري مان نڪري هڪ عوامي احساس واري شڪل اختيار ڪري سنڌ جي شهرن توڙي واهڻ وستين ۾ عام ٿي وئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته قومپرست سياست ڪندڙ تنطيمون ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون پر عوامي سطح تي سنڌ بابت بنيادي سوالن تي چٽائي وڌيڪ گهري ۽ ڪشادي ٿي وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي بنيادي مفادن تي سنڌ اندر هڪ عوامي ٻڌيءَ جي لهر جنم ورتو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو قومپرست تنظيمن جي الڳ هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ مجموعي طور عوامي سطح جو هڪ اڻ لکيو اتحاد موجود آهي. ان جا مثال سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بقا، پاڻي، ڌاري آبادي ۽ شهرن جي مالڪيءَ وارن معاملن تي سنڌ اندر موجود غير معمولي ٻڌيءَ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.

ان سڄي قومپرست هلچل کي عوامي رنگ ۽ عوامي مڃتا ڏيارڻ وارن ڪردارن ۾ بشير قريشي هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي گذريل ڏهاڪو کن سالن دوران هن جي سياسي ڪردار ۾ جيڪا فهم جي گهرائي ۽ سنجيدگي پيدا ٿي هئي، اها سندس شاگرد اڳواڻ واري سياسي ڪردار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پختي، ساڃاهه وند ۽ باعمل هئي. 70ع ۽ 80ع وارن ڏهاڪن جي روايتي شاگرد سياست مان ڪي چند ڪردار ئي اڳتي هلي ايترا پختا ۽ ڪميٽيڊ عوامي اڳواڻ بڻجي سگهيا. شاگرديءَ جي زماني ۾ جيلن جون اذيتون برداشت ڪندڙ ڪيئي نالي وارا ڪردار اڳتي هلي قومپرست سياست کان اهڙا لاتعلق ٿيا ڄڻ هنن ڪڏهن سنڌ لاءِ سياست ڪئي ئي نه هئي. بشير قريشي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن مان هئو جنهن سان سو اختلاف رکڻ جي باوجود اهو مڃڻو ٿو پوي ته هن سنڌ جي قومپرست سياست واري سفر کي نه رڳو مستقل مزاجيءَ سان جاري رکيو پر ان کي اوسر جي نين اوچاين تي به کڻي ويو. پنهنجي ذات ۾ انتهائي سادو، سودو، ملنگ صفت روايتي سنڌي، سنڌ جي معاملن تي ارڏائپ جا سمورا رنگ پسائيندو هو. سندس ذات جي ڳڻن تي ته اهي ماڻهو بهتر لکي سگهن ٿا، جيڪي کيس ذاتي طور ويجهارهيا هوندا پر سندس سياسي شخصيت جا ڪي پاسا نهايت اهم آهن. بشير قريشي نه ڪو گهڻو پڙهيو لکيو سياسي اڳواڻ هيو ۽ نه ئي جديد معيشت ۽ سياست جهڙن موضوعن جو ڪو گهرو اڀياس هئس پر هڪ بنيادي ڳالهه تي هو تمام گهڻن پڙهيل لکيل ماڻهن کان چٽو هئو ۽ اها ڳالهه هئي سنڌ جي هڪ آزاد وطن طور سنڌين جي ملڪيت هجڻ. هڪ ڳالهه اهم آهي ته جيئن ته هو هڪ عمل پسند ماڻهو هئو، تنهنڪري هن پنهنجي سياسي ساڃاهه جو اظهار تقريرن، ليڪچرن يا لکڻين بجاءِ عمل سان ڪيو. مثال طور سنڌ جي سمورن قومپرست پارٽين جي اڳواڻن کي اوهان ڪراچيءَ جي سنڌ لاءِ اهميت تي ڳالهائيندي ۽ لکندي ڏٺو هوندو پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي سياسي آفيس ڪراچيءَ ۾ قائم نه ڪئي. بشير قريشيءَ جي سياسي ساڃاهه ان معاملي ۾ گهڻي اڳڀري هئي جو هن پنهنجي سياسي عمل جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنايو. ساڳي طرح سنڌ جا سمورا قومپرست اڳواڻ قبائلي جهيڙن کي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي اوسر ۾ تمام وڏي رنڊڪ سمجهن ٿا پر ان محاذ تي به جيترو عملي ڪردار بشيرقريشيءَ جو نظر اچي ٿو، اهو ٻين پارٽين ۽ اڳواڻن جو نظر نٿو اچي. اهڙي طرح هن جي سادي سودي اظهار جي پٺيان شعور جي گهرائي ۽ عمل جي اوچائي نهايت چٽي هئي، سندس اهڙين نرالين خاصيتن کيس تنطيمي ڪارڪن توڙي عام سنڌين ۾ هڪ مقبول اڳواڻ بنائي ڇڏيو هو.

ڪراچي جيئن هوريان هوريان سنڌ جي مستقبل لاءِ ويڙهاند جو ميدان بنجندو پيو وڃي، ان مان صاف ظاهر آهي ته 23 مارچ تي ٿيل فريڊم مارچ ڪيترن ئي طاقتن لاءِ هضم ڪرڻ ڏکيو هو. ايئن ناهي ته ان مارچ پٺيان ڪا ٻئي ڏينهن تي سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ٿيڻ واري هئي پر ان رنگ ۾ سنڌين جو منظم طريقي سان ڪراچيءَ ۾ مارچ ڪرڻ جو مقصد انهن سمورين ڌرين کي پيغام ڏيڻ هو جيڪي ڪراچيءَ جي آئيندي بابت ڊرائنگ بورڊ تي ڪنهن به رٿابنديءَ ۾ جنبيل آهن. فريڊم مارچ اهڙين سمورين ڌرين لاءِ اهو پيغام هو ته ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ يا ان بابت سوچڻ کان اڳ اهو نه وسارين ته سنڌي ڪراچيءَ ۾ هڪ طاقتور ڌر آهن ۽ کين نظرانداز ڪري ڪراچيءَ بابت ڪي به هڪ طرفا فيصلا نٿا ڪري سگهجن.

درحقيقت سياسي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ڪراچيءَ جي اهميت سنڌ جي جاگرافيائي ايڪي توڙي سنڌين جي قومي آئيندي لاءِ انتهائي اهم آهي. ان اهميت کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪن وڏن دليلن جي ضرورت ناهي. هاڻي جڏهن ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌين روزگار ۽ رهائش لاءِ ڪراچيءَ جو منهن ڪيو آهي ته ڪيترين ئي طاقتن کي ان ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي ته ڪجهه سالن يا ڏهاڪن اندر ڪراچيءَ جا سنڌي منظم ٿي جڏهن شهر مٿان پنهنجي کسيل مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندا ته پوءِ کين منهن ڏيڻ آسان نه رهندو. آخرڪار سنڌي قيامت تائين ته موقعي پرست ۽ ويڪائو وڏيرا شاهي ۽ سندن حڪومتن جا غلام نه رهندا. بشير قريشي هن وقت قومپرست اڳواڻن ۾ ان حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ ٿي رکي ته هو ڪراچيءَ جي مالڪيءَ لاءِ سڄي سنڌ مان هر سياسي سوچ جي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اڳواڻ هو. ان صلاحيت جو عملي مظاهرو هو اڳ ۾ به ڪندو رهيو آهي ۽ تازو 23 مارچ وارو فريڊم مارچ ان جو انتهائي سگهارو مظاهرو هئو. اهو مارچ ڪو عام رواجي مارچ نه هو پر درحقيقت ڪراچي اندر طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ جي هڪ انتهائي اهم شروعات هو. سنڌ جون ٻيون قومپرست پارٽيون جيئن ته پهريون ڀيرو الڪيشني سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيارين ۾ جنبيل آهن، تنهنڪري هن انتهائي نازڪ ۽ اهم موڙ تي سندن سياسي هلچل جا مرڪز سنڌجون ٻهراڙيون بنيل آهن ۽ ڪراچي شهر ڏانهن سندن سياسي ڌيان بنهه گهٽ آهي.

ان لحاظ کان ڏسجي ته بشير قريشي سياسي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان اهم ڪم ۾ جنبيل هو، جنهن جا اثر تمام ڏور رس هئا. اهڙي موقعي تي سندس وڇوڙو هڪ ڪاپاري ڌڪ آهي. ان خاص پسمنظر ۾ سندس متبادل موجود ناهي ۽ ان ڪارڻ مجموعي طور سنڌين ۾ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي رهواسي سنڌين ۾ ڏک جو احساس گهرو ٿي رهيو آهي. سنڌين جي چونڊيل حڪومت ڪراچيءَ جي حوالي سان سنڌين لاءِ مشرف کان به ٻه وکون اڳتي آهي. ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو غدار قرار ڏئي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس ۾ سندس بي عزتي ڪندڙ پارٽي هاڻي ارباب رحيم جا به سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ڪراچيءَ جي سنڌين ۽ بلوچن سان جيڪا ويڌن هي حڪومت ڪري رهي آهي، ان جا ماضي ۾ گهٽ مثال ملن ٿا.

بشير قريشيءَ جو ٻيو نهايت اهم ڪم، جنهن جي هن گهٽ شهرت ڪرائي اهو هيو سنڌ اندر ذاتين ۽ قبيلن جا جهيڙا ختم ڪرائڻ. سنڌ ۾ شايد ئي ڪو قبيلائي جهيڙو اهڙو هجي. جنهن جي ڌرين وٽ هو پاڻ نه پهتو هجي. ڪيئي ڏهاڪن کان اتر سنڌ جا ڪيترائي ضلعا قبيلائي جهيڙن جي باهه ۾ پڄري رهيا آهن. حڪومتن ۽ رياستي ادارن تي قابض ڀوتارن جو ٽولو انهن قبيلائي جهيڙن مان سڌو سنئون فائدو وٺي ٿو، تنهنڪري انهن جي گهڻائي انهن جهيڙن کي جاري رکڻ ۾ خوش آهي. ٿاڻي ۽ اوطاق جو راڄ انهن قبيلائي جهيڙن سان قائم آهي ۽ حڪومتون انهن کي ختم ڪرڻ ۾ ٽڪي جيتري به سنجيدگي نه ٿيون رکن، بلڪه حڪومتن ۾ ويٺل وزيرن ۽ ميمبرن جو انهن قبيلائي جهيڙن جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ سڌو سنئون ڪردار به آهي. سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ايڪي لاءِ ناسور بڻيل انهن جهيڙن کي سنڌ جون قومپرست ڌريون پوري شدت سان ننديديون رهن ٿيون پر شايد ئي ڪنهن اڳواڻ ان باهه کي وسائڻ لاءِ ايئن عملي ڪردار ادا ڪيو هجي جيئن بشير قريشي ڪري رهيو هو. سندس وڇوڙي سان سنڌي قوم جي تباهه ٿيندڙ مزاحتمي سگهه کي سنڀالڻ واري ان اهم ڪم کي به ڌڪ رسندو. قبيلائي ۽ جرڳائي سردارن جا نبيرا الڳ ڌنڌو آهن، بشير قريشيءَ جو ان عمل جي پٺيان سياسي شعور ۽ مقصد ڏاڍو اتانهون هيو. اميد ڪرڻ گهرجي ته سندس تنظيمي ساٿي ان اهم ڪم کي جاري رکندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو