Home / ڪور افيئر / قومي جهدوجهد جي علمبردار جو وڇوڙو
above article banner

قومي جهدوجهد جي علمبردار جو وڇوڙو

سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي شهادتن ۽ موت تي نظر وجهنداسين ته سائين جي ايم سيد، ٺوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، سميع الله ڪلهوڙو جي شهادت، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نور الله تنيو جي شهادت ۽ سڄي ڄمار قومي تحريڪ کي ڏيندڙ عاشق سنڌ سڪندر سومرو ۽ تازو عشق سنڌ ۾ شهيد ٿيندڙ بشير خان قريشي جي شهادت جنهن سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو. سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ هر اڳواڻ توڙي ڪارڪن عظيم آهن پر اهي وڌيڪ عظيم آهن جن کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو يا جن پنهنجي سڄي زندگي قومي تحريڪ جي حوالي ڪري ڇڏي هجي ۽ قومي آزادي لاءِ جهدوجهد ڪندي دم ڏنو هجي. سنڌ جي سڀني شهيدن وانگر بشير خان قريشي به سنڌ جي عشق ۾ جان ڏيئي هميشھ لاءِ امر ٿي ويو. قومي تحريڪ جي انهن سڀني اڳواڻن کي مختلف طريقن سان شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد جي بيماري وقت پرڏيهه مان علاج نه ڪرايو ويو ڪجهه اڳواڻن کي ٽارچر سيلن ۾ جسماني ٽارچر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، ڪجهه اڳواڻن کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ بشير خان قريشي کي سقراط جيان زهر جو پيالو ڏيئي شهيد ڪيو ويو. انهن سڀني کي هڪ ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو ته هو سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪري رهيا هئا. سندن جهدوجهد جو هڪ ئي مقصد هو ته پنهنجي مادر وطن کي آزاد ڪرائجي.

ڪجهه سالن کان سڄي سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ بشير خان جو سفر تيز هيو. سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن سان به زيادتي ٿيندي هجي، ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ به پوليس ۽ ميڊيا کان اڳ ۾ بشير خان قريشي پهچي ويندو هيو. سنڌ ۾ ڌرتي لفظ کي هن شخص متعارف ڪرايو. پاڻي جي کوٽ هجي، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو هجي، سنڌي هندن سان ڏاڍائي هجي، قبيلائي تڪرار هجن، ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جو مسئلو هجي، پورهيتن سان زيادتيون هجن بشير خان سڀ کان اڳ پهچي ويندو هيو. هڪ دفعي اسٽيل مل مان ملازمن جي ڇانٽي ڪري سنڌي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. جنهن تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بشير خان جي اڳواڻي ۾ مظاهري تي پوليس لٺ بازي شروع ڪري ڏني. لٺي بازي دوران سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا پر پوءِ به مان هن کان هڪ ئي آواز ٻڌو پئي ته ملازمن کي بحال ۽ نعري سنڌ جيئي سنڌ.

احتجاج جو سڏ هن لاءِ ايئن هيو ڄڻ کيس ڪنهن ڪاج جي دعوت ڏني هجي. صبح جو نوشهرو فيروز ۾ عمران جوکيو جي آزاديءَ لاءِ سندس امڙ سان گڏ احتجاج ۾ ويٺل نظر اچي ٿو ته وري شام جو ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ وري رات جو قومي ڪارڪنن سان ڪچهري ،ڪندي نظر اچي ٿو. ها هي اهو ڪجهه ڪري ويو جيڪو ڪجهه ڪافي عرصي تائين ٿيڻ ممڪن نه هُيو. هن سنڌ جي آزادي جي پيغام، جيئي سنڌ جي جهنڊي ۽ نعري کي جنهن خوبصورت انداز ۾ پيار سان جهر جهنگ پهچائي عوامي رنگ ۾ رڱيو اها ئي سائين جي ايم سيد جي خواهش هئي. سائين جي ايم سيد ڪارڪنن کي اها ئي هدايت ڪندو هيو ته وڃو ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ۽ شهر ۾ سنڌي ماڻهن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪيو ۽ اوهان يقين ڪريو ته جڏهن سنڌ جي ماڻهن گڏ ٿي آزادي جي گهر ڪئي ته کين آزادي ملي ويندي ۽ ايئن ئي هن سائين جي ايم سيد جي فرمانبرداري ۽ سياسي اولاد وانگر ڪري ڏيکاريو. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته بشير خان سنڌ جي ماڻهن جي دل جي ڌڙڪن بنجي چڪو هو. هي سدا بهار قومي اڳواڻ يارن جو يار. جنهن پنهنجن دوستن کي ڪڏهن نه وساريو چاهي اهي هن جي پارٽي ۾ رهيا هجن يا نه. پر دوستن کي هن سياست جي بنياد تي جدا نه ڪيو. مان هتي اها ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته بشير خان قريشي جسقم جو چيئرمين ته هيو پر هن جي شفقت ۽ محبت جو رستو سڀني سان هيو. اسان جڏهن ڪي اي ايس سي مان سنڌي ماڻهن جي روزگار کي بچائڻ لاءِ سخت احتجاج ڪري رهيا هئاسين. جتي هزارين سنڌي ماڻهن جي روزگار، زندگي ۽ موت جو مسئلو هو ته هن جي پارٽي جو نه هوندي به هن وٽ ويس ته اوهان اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ۽ مدد ڪريو ته هن فراخدلي جو مظاهرو ڪندي چيو ته ڳڻتي نه ڪر مان توسان گڏ آهيان ۽ ايئن هو اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ۽ صرف اسان جي يعنيٰ ڪي اي اي سي جي مسئلي تي پريس ڪانفرنس ڪيائين ۽ ڪي اي ايس سي جي ملازمن جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا پڻ ڪرايائين.

سنڌ جي هن يگاني ۽ صوفي منش انسان 23 مارچ تي لکين سنڌين کي ڪراچي ۾ گڏ ڪري اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سنڌين جي آهي، جنهن جي عشق جي ڏوهه ۾ کيس سقراط جيان زهر جو پيالو پياريو ويو ۽ ايئن ئي هڪ عاشق کي پنهنجي ڌرتي کان جدا ڪيو ويو. 23 مارچ، فريڊم مارچ تي لکين سنڌين کي گڏ ڏسي مون کي بينظير ڀٽو جا اهي لفظ ڌوڙ ۾ اڏامندي محسوس ٿيا، جيڪي هن سائين جي ايم سيد جي وفات وقت چيا هئا ته اڄ سنڌ جي آجپي جي تحريڪ دفن ٿي چڪي آهي.

سڀني سنڌ دشمن قوتن ۽ رهزنن جون نظرون ڪراچيءَ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ کتل آهن. جتي ڌارين جون لوڌون پيون اچن. ڪراچي سنڌ جي دل ۽ معاشي گيٽ وي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن لاءِ ضروري آهي ته هُو بشير قريشي وانگر پنهنجي سياست جو مرڪز ڪراچي کي ٺاهين ڇو ته هينئر وڏي ڀڃ ڊاهه ۽ اٿل پٿل جو دور هلي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته بشير خان کي به ڪراچي جي مالڪي ۽ عشق سنڌ ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس شهادت جو پلاند به ان ۾ آهي ته اسان قومي تحريڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪري سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪريون. ان لاءِ منهنجي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد فرزند سائين امير حيدر شاهه کي گذارش آهي ته هو قومي تحريڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو