Home / سياسي افيئر / لياريءَ مان پ پ جي تڏاويڙهه جا امڪان
above article banner

لياريءَ مان پ پ جي تڏاويڙهه جا امڪان

لياري جنهن جو نالو ٻڌڻ سان هڪدم گينگ وار جو خيال اچي ٿو، سا عملي طرح اڳ ايئن هرگز نه هئي، جھڙي اڄ آهي.  لياريءَ جي هڪ ننڍڙي حصي ۾ گينگ وار جو اثر ضرور هوندو هو پر رهيل لياري امن ۽ آشتي جو مرڪز هئي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي هندوستان کان آيل “يارن” خاص ڪري اردو ميڊيا لياريءَ کي بدنام ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو. ان جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته پي.آءِ.ايَ جي ڊگهي نوڪريءَ  دوران، مان آفيس ۾ پڇڻ تي جڏهن کين ٻڌائيندو هوس ته مان لياريءَ ۾ رهان ٿو ته آفيس وارا مونکي هڪدم چوندا هئا ته  ات ته ڏوهاري ۽ منشيات فروش رهن ٿا، اوهان ڪيئن رهو ٿا ؟ هر واري مونکي سمجھاڻي ڏيڻي پوندي هئي ته ايئن هرگز ناهي ته سڄي لياري خراب آهي. منهنجي فليٽ جي ڀرسان، جسٽس سجاد شاهه (جيڪو گهڻو پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس ٿيو) پاڻ ۽ سندس والد سيد روشن علي شاهه مرحوم  (اڳوڻو رجسٽرار سنڌچيف ڪورٽ)، ڪراچيءَ جو ميئر عبدالستار افغاني (جماعت اسلامي) وغيرهه رهندا هئا، جيڪڏهن علائقو ايڏو خراب هجي ها ته اهي ماڻهو ات ڇو رهن ها؟

لياريءَ جي قسمت ورهين کانپوءِ تڏهن جاڳي پئي جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، لياريءَ جي قسمت بدلائڻ جو وچن ڪيو ۽ قومي اسيمبليءَ جي سِيٽ هارون فيمليءَ کان ڦري ورتائين. 1970 واري عام چونڊ ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر عبدالستار گبول (پ پ پ ) چونڊيو جيڪو مملڪتي وزير به ٿيو. شهيد ڀٽو جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته لياري ضرور ويندو هو، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لياريءَ جي قسمت بدلائي ڇڏيائين. لياري جنرل اسپتال، گورنمنٽ ڪاليج فار وومين، ڊگري ڪاليج، پروفيشنل انسٽيٽيوٽَ، روڊ ۽ گھٽيون وغيرهه سندس دور ۾ ٺهيا، لياريءَ جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو عزت ملي ۽ ڪيترن کي مختلف ادارن ۾ نوڪريون به مليون.

بعد ۾ لياريءَ کي ڄاڻي واڻي “گند جي ڍير” ۾ تبديل ڪيو ويو خاص ڪري نسلي متڀيد رکندڙ ۽ اڳوڻي ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ لياريءَ سان راڱا ڪيا ويا. نسلي متڀيد رکندڙ جنرل مشرف جي دور ۾ سندس ناظمن واري نظام هيٺ، ڪراچيءَ جو پهريون ميئر مولانا نعمت الله (اصل جماعت اسلامي) ٿيو جنهن لياريءَ جي جھجهي انڪم واري علائقي ٽمبر مارڪيٽ (عمارتي ڪاٺ واري بازار) کي لياريءَ  کان ڇِنيِ صدر ٽائون سان ملائي ڇڏيو جنهنڪري لياري ٽائون جي انڪم گھٽجڻ لڳي ۽ لياري گند جو ڍير بڻجي وئي جڏهن ته لياري ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا. جنرل مشرف جي دور ۾ 30 ارب روپيا ڪراچيءَ جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا ويا پر مولانا نعمت الله، لياري ٽائون کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو، ايستائين جو اسلام آباد واران لياريءَ کي نظرانداز ڪرڻ جو نيٺ نوٽيس ورتو ۽ اضافي طور ٻه ارب روپيا ٽئڪسن جي مد ۾ ڪراچيءَ کي ملندڙ رقم مان لياريءَ تي به خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙي خبر انگريزي اخبار “دي نيشن” ۾ ڇپي هئي پر اهو ماڻهن جي اکين ۾ سرمو پائڻ کان علاوهه ڪجھه به نه هو. اخبار ۾ آيو ته هڪ ڀيري اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف لياري جي لاءِ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪرڻ لاءِ رٿون گھرايون ۽ کيس 39 ڪروڙ روپين جون رٿائون لياريءَ جي مڪاني اڳواڻ خالق جمعا ٺاهي موڪليون پر اهو سمورو ڊرامو نڪتو ۽ عملي طرح ڪجھه به نه ٿيو. ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ مونکي اسدالله ڀٽو، جماعت اسلاميءَ جو اڳوڻو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر مليو جنهن کان مون سندن ميئر مولانا نعمت الله طرفان لياريءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪرڻ جو سبب پڇيو  پر هن ويچاري سنڌي ميمبر کي سندس پارٽيءَ جي اهم ميمبر جي لياري دشمنيءَ جي ڪا خبر ڪانه هئي. ان کانپوءِ، ايم.ڪيو.ايم جو ميئر ۽ جنرل مشرف جو دادلو سيد مصطفى ڪمال (اصل 90 عزيزآباد جو ٽيليفون آپريٽر) چئن ورهين لاءِ ميئر ٿيو،  سنڌين ۽ لياريءَ جي ماڻهن سان سندس نفرت ڪنهن کان به ڳجھي نه هئي. مونکي مصطفى ڪمال جا اهي بيان به ياد آهن جن ۾ چيو هئائين ته اسان لياريءَ جي ترقيءَ تي لکين روپيا خرچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته حقيقت اها هئي ته ترقياتي ڪم ته پري رهيو پر صفائيءَ وارو عملو به اڌ تي گھٽائي ڇڏيو هئائين ته جيئن لياري گند جو ڍير بڻجي وڃي ۽ لياريءَ جا ماڻهو مجبور ٿي پ پ پ کي گاريون ڏين. بهرحال،  نڪ جي پڪائيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن بيان ڏيندو رهيو هو ته مون لياريءَ ۾ لکن روپين جا گھڻا ئي ترقياتي ڪم ڪرايا جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هئي.

جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽي جي دور ۾ لياريءَ کي ترقياتي ڪمن ۾ اهميت ڏني وئي پر سندس دور جلد ختم ٿيڻ ڪري اهڙا پراجيڪٽ پورا نه ٿي سگهيا، هڪ ڀيري ته اسان جي لياريءَ واري تڪ 109 (اڳ 86) جو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر عبداقادر پٽيل علائقي جي ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ ٺيڪيدارن کان ڪميشن وٺي فرار ٿي ويو ۽ علائقي جي ماڻهن عيدالفطر جي موقعي تي اشتهار ڇپرايا ته اسان جو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر گم ٿي ويو آهي، جيڪو ڏس پتو ڏيندو تنهن کي پاڻيءَ جو ٽينڪر انعام ۾ ڏنو ويندو. شهيد بينظير کي ان ساري قصي جي خبر هئي ۽ انهيءَ ميمبر جي ڪارڪردگيءَ کي ناپسند ڪيو هئائين. هاڻ بينظير جي شهادت کانپوءِ اهوعبدالقادر پٽيل، ڪياماڙيءَ جي تڪ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو آهي.

لياريءَ ۾ موجوده وقت پيپلز امن ڪاميٽيءَ جو داٻو آهي جنهن تي سنڌ سرڪار بندش وڌي آهي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر نبيل گبول گھڻي وقت کان عتاب هيٺ آهي، شپنگ جي وفاقي ممڪلتي وزير جي حيثيت ۾، صدر آصف علي زرداريءَ سان ملي، ايم.ڪيو.ايم کي شپنگ جي وفاقي وزارت ڏيڻ خلاف پنهنجا تحفظات به ڏيکاريا هئائين، بعد ۾  جنگ اخبار ۾ اها خبر پهرين صفحي تي ڇپي هئي ته صدر زرداري کيس چيو هو ته هو  تحفظات ظاهر ڪرڻ سبب، ايم.ڪيو.ايم کان معافي وٺي، ان ڏينهن کانپوءِ نبيل گبول لاڳيتو عتاب هيٺ رهيو آهي. گينگ وار جي جي هڪ اڳوڻي ليڊر عبدالرحمان بلوچ عرف “رحمان ڊڪيت” جيڪو گناهن جي دنيا کان توبهه ڪري لياري جي ترقياتي توڙي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو تنهن کي سنڌ جي اڳوڻي گھرو وزير ذوالفقار مرزا جي ڏينهن ۾ عدالت کان مٿاهون، قتل ڪيو ويو هو. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته امن ڪاميٽي، رحمان ڊڪيت جي باقيات آهي. مرزا صاحب امن ڪاميٽيءَ وارن جي هڪ وڏي عام جلسي کي لياريءَ ۾ خطاب ڪري چڪو آهي پر اڄڪلهه مرزا صاحب ڪنهن اسرار ڀرئي طريقي سبب ماٺ ۾ آهي جنهن جو سبب ڄاڻڻ لاءِ هر هڪ شخص پريشان آهي.

ائين برابر آهي ته اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾، لياري لساني تنظيم ايم.ڪيو.ايم جي ڏوهارين جي حوالي ڪئي وئي جن لياريءَ جي گھٽين ۾ پنهنجا اڏا ٺاهيا ۽ اسٽريٽ ڪرائيمس وڏي پيماني تي شروع ڪيو، موبائيلن سميت ماڻهن کان ڦرون ۽ قتل معمولي ڳالهه بڻجي ويا. انهن ماڻهن لياري جي عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو هو، هي اهو علائقو هو جو روايتي طور پ پ پ جو ڳڙهه ليکيو ويندو آهي. بهرحال، عوام کي آٿت ڏيڻ لاءِ پ پ پ جي ليڊرن وٽ وقت ڪونه هو. حقيقت ۾ پ پ پ جي اڳواڻن جو پنهنجي ڳڙهه لياري جي عوام ڏانهن رويو دشمنن کان به بدتر رهيو آهي. لياريءَ ۾ بلوچ توڙي ڪڇي برادرين جي وچ ۾ گھڻي وقت کان ڇڪتاڻ جاري آهي پر اها به حقيقت آهي ته لياري جي هاڻوڪين دکدائڪ حالتن جي مکيه ذميوار پ پ پ سرڪارآهي، ڇاڪاڻ ته پ پ پ پنهنجو رول ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر نبيل گبول، ايم ڪيو ايم بابت تحفظات ڏيکارڻ سبب عتاب هيٺ آهي ۽ لياريءَ ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتن سبب پنهنجو اثر رسوخ وڃائي چڪو آهي، گبول صاحب ڪجھه وقت اڳ لياريءَ جي ڪَڪَرِي گرائونڊ ۾ ڪڇين جي گڏجاڻي ڪوٺائي هئي پر ڪجھه وقت کانپوءِ ڪڇين جي اڳواڻ حسين ڪڇي کي قتل ڪيو ويو. ان کانپوءِ گبول صاحب پنهنجي تڪ ۾ ماڻهن سان ملڻ نڪتو پرماڻهن جي بدليل تيورن سبب کيس جند ڇڏائي نڪرڻو پيو.

گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي حسين هارون ڪجھه وقت اڳ لياريءَ جي ڪڇي برادريءَ کي خطاب ڪيو هو ۽ انهن تي هٿ به رکيو هئائين پر هاڻ اهي به خبرون ميڊيا ۾ آيون آهن ته حسين هارون پنهنجو مدو پورو ڪري موٽي رهيو آهي ۽  هڪ ڀيرو وري، هو لياريءَ ۾ اچي ڪڇي برادريءَ کي آٿت ڏيندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لياريءَ کي امن گھرجي، تنهن لاءِ پ پ پ سنجيده نه ٿي نظر اچي جنهن جو مکيه سبب اهو اهي ته لياريءَ جو اصل ڪنٽرول سنڌ سرڪار وٽ ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪجھه وقت اڳ چٽن لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته لياريءَ ۾ جيڪو آپريشن شروع ٿيو هو تنهن جي کيس ڪابه اڳواٽ خبر نه هئي. افسوس ته لياريءَ جي واڳ، سنڌ سرڪار بدران وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ جي هٿ ۾ آهي جنهن لاءِ اهو عام سمجھيو وڃي ٿو ته  سندس سموريون همدرديون پ پ پ بدران ايم.ڪيو.ايم سان آهن. صرف لياريءَ ۾ ٿيندڙ بار بار آپريشن مان پ پ پ حڪومت شايد اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهي ته ڏوهاري رڳو لياريءَ ۾ رهن ٿا ۽ رهيل ساري ڪراچي صاف سٿري آهي. بهرحال، جيڪڏهن پ پ پ پاڻ کي نه سڌاريو ۽ سنڀاليو ته ڊپ آهي ته پ پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ لياريءَ کان پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي روايتي سيٽ پهريون ڀيرو وڃائي ويهندي.

mksial@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو