Home / ڪور افيئر / لياري آپريشن پس پرده ڪهاڻي
above article banner

لياري آپريشن پس پرده ڪهاڻي


نه رڳو ڪراچي کان ٻاهر پر لياري کان به پري رهندڙ اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته پيپلز پارٽي هن ڳڙهه ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ ڇڪتاڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن، لياري جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، خراب ته اڳ به هئي جڏهن رحمان ڊڪيت زنده هو، پر اتي جا رهائشي ڪنهن حد تائين ان ماحول کي ذهني طور تي قبول ڪري چڪا هئا،
جڏهن ڊڪيت سردار بڻجي سياست ۾ طبع آزمائي ڪئي ته حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون. اهي جيڪي عادي ڏوهاري هئا انهن جڏهن سياست جي طاقت جو مزو چکيو ۽ سياستدانن جا رائيٽ هينڊ بڻيا ته لياري اها لياري نه رهي جتي جو ڪلچر شهر جي ٻين علائقن کان گهڻو مختلف هو ۽ آهي.

هن وقت لياري ۾ ٿيندڙ آپريشن جون ڪافي ڌريون مخالفت ٿيون ڪن ته ڪي هڪ ٻه ڌريون اهڙيون به آهن جيڪي هن آپريشن جي لاءِ هر مدد ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، اطلاع اهي به آهن ته حمايتي ڌريون هن وقت به پوليس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيپلز امن ڪميٽي جي هٿياربند ويڙهاڪن سان ميدان ۾ لٿل آهن، سخت مزاحمت سبب 27 اپريل کان ٿيندڙ آپريشن ۾ ٽن ڏينهن تائين پوليس کي شڪست کان سواءِ ڪجهه به پلئه  نه پيو ، سخت مزاحمت سبب پوليس جي پنهنجي طاقت ۽ سندس “سامان” جي خبر پئي ته اهو ڪيترو زنگ آلود ۽ پائيدار آهي، جڏهن ته مفت جي ماني ، چانهه، پان ۽ گٽڪا کائيندڙ سپاهي به پوليس جي پت وائکي ڪري چڪا آهن، هڪ طرف پوليس جو اهو حال آهي ته ٻئي طرف امن ڪميٽي جي ويڙهاڪن کي انتهائي جديد هٿياراستعمال ڪندي ڏٺو ويو آهي، مورچن تي ڪجهه اهڙا هٿياربند به ڏٺا ويا آهن جيڪي نه ئي بلوچ ٿا ڏسجن ۽ نه ئي وري ڪنهن ويجهي علائقي جا، اهوئي سبب آهي ته پوليس جا اعليٰ علمدار چون ٿا ته لياري ۾ ٻاهريون طاقتون ملوث آهن. جيڪڏهن واقعي ڪجهه ٻاهريون طاقتون هن گنجان آباد علائقي ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪيون آهن ته حڪومت وقت ۽ انهيءَ جا خابرو ادارا به ناڪام ٿا ڏسجن، سوال اهي به جنم وٺن ٿا ته ڇا انهن ٻاهرين طاقتن کي پناهه ڏيڻ ۾ ملڪ جا ڳجها ادارا ته ملوث نه آهن؟

اهڙا کوڙ سوال آهن جيڪي شايد ئي جواب ماڻي سگهن، گهڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي اسان صرف پنهنجي پڙهندڙن اڳيان لياري جي موجوده صورتحال، اتي جي رهواسين جي زندگي ۽ سياسي حالتن جو ذڪر ڪنداسين نه صرف ڪراچي جي مختلف علائقن بلڪه قومپرست ڌرين به سختي سان آپريشن جي مذمت ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي هڪ طرفو ۽ فرمائشي به ڪوٺيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي ۽ قو پرست ڌر وٽ ڪي ايماندار ماڻهو آهن ته اهي انهن علائقن ۾ موڪلين جتي ڇڪتاڻ واري ڏينهن  ۾ مائرن کي هدايت جاري ڪئي ويندي آهي ته انهن جي ٻارن جو آواز گهٽِي تائين نه پهچي. نه صرف ڪڇي بلڪه بلوچ، سنڌي ، پٺاڻ ، پنجابي، ميانوالي ۽ ٻيا ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي مجبور ڪيا ويندا آهن ته اهي امن ڪميٽي جي ٿيندڙ مظاهرن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي موڪلين، ٻي صورت ۾ گهر خالي ڪري وڃن، لياري جي رهواسين کي ذهني ۽ جسماني طور به مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهي هر صورت ۾ امن ڪميٽي جي حق ۾ رهن. ايئن جيئن اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر متحده وٽ يرغمال بڻيل آهن، علي محمد محلا کان بغدادي، کڏا مارڪيٽ ۽ موسيٰ لين کان بهار ڪالوني ۽ آگرا تاج ڪالوني تائين سنگولين کان چاڪيواڙا ۽ ڪنڀار واڙي کان اٺ چوڪ ۽ چيل چوڪ کان لياري جا اڪثر علائقا پيپلز امن ڪميٽي جي ڪنٽرول هيٺ آهن. انتهائي حساس علائقن ۾ ته پٺاڻ ڪچرو به چونڊي نه ٿا سگهن تمام گهڻن علائقن ۾ سرڪاري ۽ خانگي پلاٽن تي نه صرف هنن جو قبضو آهي بلڪه اتي هنن جا مضوط اڏا به ٺهيل آهن جتي هو منشيات سرعام وڪرو ڪن ٿا، هٿيار سرعام کڻي هلن ٿا يا وچ روڊ تي تشدد ڪرڻ کان نه ٿا گهٻرائين، ڪنهن غريب جي عزت ۾ هٿ وجه ته نه ڪاداد نه فرياد.

چرس ۽ شراب ته عام واپرائن پر انتهائي ڪٺور دل ڏوهي ته ترياڳ جي نشي ۾ ڪو به مشڪل ترين ڪم ڪري سگهن ٿا، ڏهاڙي تي نوجوانن کي به پاڻ وٽ رکن جيڪي نه صرف انهن لاءِ ناجائز ڪم ڪن بلڪه اهي مختلف علائقن ۾ مخبري جو ڪم به ڪن، اهڙي صورتحال ۾ ڪير اهو چوي ته لياري ۾ آپريشن ترت بند ڪيو وڃي ته انهيءَ کي سياست کان سواءِ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، اها ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي ته اهو آپريشن فرمائشي آهي پر جيڪا صورتحال مختصر طور مٿي بيان ڪئي وئي آهي اها به غلط نه آهي.

ڪو ماڻهو علي محمد محلي جي قاسم علي ۽ ثومن جي پيءَ جي درد کي سمجهي سگهي ٿو جڏهن رات جو 3 بجي هن کي چيو وڃي ته پنهنجي ماءُ ۽ زال کي گهر کان ٻاهر ڪڍ، اهڙن سوين گهرن ۾ اهي هٿياربند ڏوهي داخل ٿيندا آهن ۽ ماڻهن کي مجبور ڪندا آهن ته پوليس/ رينجرزآپريشن خلاف روڊ بلاڪ ڪن يا مظاهرا ڪن، ڪو جاويد ڪڇي جي ڳورهاري ونيءَ جي درد جو ڪاٿو لڳائي سگهي ٿو جنهن کي صبح جو 8 بجي گهر مان کنڀي کنيو وڃي ۽ چار ڪلاڪ کان پوءِ تشدد ٿيل لاش گهر موڪليو وڃي اهڙا انيڪ قصا آهن جيڪي لياري جي سوڙهين گهٽين ۾ دنيا آڏو ڪڏهن به نروار ناهن ٿي سگهيا.

حسن سومرو جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ هو ته صرف پيپلز پارٽي جا جيالا گڏ ڪري 15 اپريل تي ڀٽي جي ورسي تي لاڙڪاڻي وڃڻ پيو چاهي، محمد خان نيازي جو قصور ڪهڙوهو؟ هن ته پيپلز پارٽي جي ٻين جيالن جيان وزير اعظم گيلاني جي سزا خلاف مظاهري جي اڳواڻي پئي ڪئي، ڇو نبيل گبول ۽ رفيق انجنيئر کي پنهنجي تڪن ۾ اچڻ نٿو ڏنو وڃي؟ ڇو هر جلسي ۾ ذوالفقار مرزا کي هيرو ۽ گبول کي زيرو ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي؟ ڇو هر جلسي ۽ مظاهري ۾ پاڪستان آرمي تي ڀروسي جو اظهار ٿو ڪيو وڃي؟ لياري ۾ سياست جي آڙ ۾ غريب جو خون وهايو پيو وڃي.

هن ڀيري ٿيندڙ آپريشن ۾ هڪ طرف پيپلز امن ڪميٽي کي چيڀاٽڻ لاءِ طاقت جو جتي ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي اتي حاجي لالو جي پٽ، ارشد پپو کي به پنهنجن علائقن ۾ وري اچڻ جو موقعو به مهيا ڪيو پيو وڃي . مطلب ته هڪ ڏوهاري گروهه مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٻيو گروهه سرگرم ڪيو پيو وڃي.

چيل چوڪ کان علي محمد محلو گهٽ ۾ گهٽ چار ڪلو ميٽر پري آهي، پوليس جو آپريشن ۽ ڪڙو صرف انهيءَ علائقي تائين محدود آهي، پوليس آپرِيشن جي ٻئي ڏينهن يعني 28 اپريل تي ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ته علي محمد محلي سان لڳندڙ آبادين تي دستي بمن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملا ڪيا ويا، شام جو  وري فائرنگ ڪئي وئي پاڻي جي سپلاءِ کي بند ڪيو ويو ۽ بجلي جي ٽرانسفارمرن کي نشانو بڻايو ويو ته جيئن پوليس کي مجبور ڪيو وڃي ته هو آپريشن جو رخ تبديل ڪري. انهيءَ حرڪت کان پوءِ لياري جا ٽي انتهائي اهم روڊ چاڪيواڙا روڊ، ٽينري روڊ ۽ شاهه عبداللطيف روڊ جي وڏي آبادي مفلوج بڻجي وئي. پوليس حڪمت عملي طور صرف هڪ علائقي کي ٽارگيٽ ڪيو پر امن ڪميٽي جي پشت پناهي ڪندڙن انهيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪڇين ، بلوچن، پنجابين ۽ پٺاڻن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني، لڏ پلاڻ به صرف اهي ڪري سگهيا جن کي موقعو مليو نه ته هزارين خاندان قدرت جي رحم ڪرم تي رهيا، سوين مريض اسپتالن تائين وڃي نه سگهيا، سوين ڳورهاريون عورتون انتهائي اذيتناڪ صورتحال ۾ رهيون جڏهن ته بزرگ ته مسجدن تائين به رسائي حاصل نه ڪري سگهيا.

هن سڄي صورتحال ۾ فائدو متحده، نبيل گبول، ارشد پپو ۽ مسلم ليگ نواز کي ٿيندو نظر ٿو اچي جڏهن ته نقصان پيپلز پارٽي ۽ لياري جي عام ماڻهن کي ٿيو آهي.

هن سڄي صورتحال ۾ دلچسپ ۽حيران ڪندڙ موڙ تڏهن سامهون آيو جڏهن 28 اپريل تي اهو اطلاع مليو ته ايڌي جي ايمبولينس ۾ امن ڪميٽي کي هٿيار پهچايا پيا وڃن ۽ انهيءَ اطلاع جي پيش نظر سنڌ پوليس جي آءِ جي سيد مشتاق شاهه 29 اپريل تي شام جو سول اسپتال جو دورو ڪندي ايڌي جي گاڏين جي لياري ۾ اچ وڃ تي پابندي مڙهي ڇڏي، جيئن خدمت خلق وارا ڀائي لوگن جي مدد ڪندا رهيا آهن ايئن ايڌي وارا به پيش پيش رهيا آهن.

اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي جنهن ۾ ڏوهارين کي مضبوط ڪيو وڃي؟ اها ڪهڙي خدمت خلق آهي جنهن ۾ بجاءِ انسانن کي بچائڻ جي موت جو سامان ورهايو وڃي؟ اها ڪهڙي رياست جي ذميواري آهي جتي ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏين ۽ صدر مملڪت هدايت جاري ڪري ته متاثرين جي رهائش جو بندو بست ڪيو وڃي؟ اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته لياري ۾ ماڻهو پنهنجي جان ، عزت ۽ مال جي پاڻ حفاظت ٿا ڪن نه ته پوليس صرف گشت ڪندي نظر ٿي اچي، اها جنگ ارشد پپو ٿو کٽي يا عزير بلوچ، ذوالفقار مرزا ٿو کٽي يا نبيل گبول، پيپلز پارٽي ٿي کٽي يا مسلم ليگ ن، متحده ٿي کٽي يا امن ڪميٽي  پر نقصان صرف عام ماڻهن جو ئي ٿيو آهي ۽ خدشو آهي ته جيڪڏهن موثر ۽ ديرپا قدم نه کنيا ويا ته لياري جي صورتحال بد کان بدتر ٿيندي ويندي، عبدالستار ايڌي کان الطاف حسين تائين جيڪي به ڪردار آهن اهي سياسي ۽ مفادي آهن جيڪي عام ماڻهن جي احساسن ۽ رت سان کيڏن ٿا ۽ بس…..!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو