Home / ڪور افيئر / لياري آپريشن ڇو ۽ ڇا لاءِ
above article banner

لياري آپريشن ڇو ۽ ڇا لاءِ

ڪراچيءَ جو قديم ترين علائقو لياري اپريل جي آخري هفتي کان رياستي آپريشن جي ور چڙهيل آهي. اپريل جي آخري هفتي ۾ ڇهه پوليس اهلڪارن سميت 50 کن ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.سوين زخمي آهن. هزارين ماڻهو لياري جي مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ڪري چُڪا آهن. لياري ۾ آپريشن، قتل عام ۽ لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي.هي آپريشن لياري جي بلوچن خلاف شروع ڪيو ويو جيڪي پيپلز پارٽي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين پيپلز پارٽيءَ جا حامي رهيا. کين ڪو به سياسي طوفان 40 سالن ۾ به لوڏي ڪو نه سگهيو هُئو. اڄ تائين ڪير به لياري ۾ سياسي طور بيهي نه سگهيو هُئو پر هن آپريشن وسيلي پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي لياري مان پنهنجا پير اکيڙي ڇڏيا. ڇو ته هن تاريخي غلطي ڪندي پنهنجي ماڻهن جو قتل عام اتحادين جي دٻاءُ تي شروع ڪيو. لياري سمنڊ ڪناري آباد ڪراچيءَ جي انهن قديم سنڌين ۽ بلوچن جو علائقو آهي جيڪو صدين کان ڌرتي ڌڻين وٽ رهيو. سمنڊ جي کاري در ۽ مٺي در کان شروع ٿيندڙ لياري مٺي پاڻيءَ ندي کان ٿيندي شير شاهه تائين. بولٽن مارڪيٽ، لي مارڪيٽ، کڏو مارڪيٽ، نوان لين، چاڪيواڙي، ڪلاڪوٽ، گُل محمد لين، سنگولين، ڪيرولين، کان ميران ناڪي تائين. ٻئي طرف رنڇوڙ لائين کان گاهه منڊي، گبول پارڪ، ٽمبر مارڪيٽ، بابا ڀٽ، پراڻي حاجي ڪئمپ کان جهونا مارڪيٽ تائين لياري جا علائقا آهن. هڪ اندازي مطابق لياري ٽائون جي 15 کان 16 لک آبادي آهي. ٽائون جي حساب سان جامع ڪلاٿ مارڪيٽ، سول اسپتال، ماڙي پور روڊ، سامونڊي حصو، ڪياماڙي جا ڪجهه حصا به لياري ٽائون ۾ شامل آهن. شيدي وليج روڊ کان شير شاهه کان حب ڏانهن ويندڙ روڊ نه رڳو لياري ٽائون ۾ آهي پر حب سان لياري جو گهرو ڳانڍاپو آهي. لياري ۾ سنڌي، بلوچ، ڪڇي (سنڌي) ميمڻ، نيازي، اعواڻ، پٺاڻ، ايراني بلوچ، ۽ مختلف قوميتن جا ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته لياري ۾ هلندڙ آپريشن خلاف سڄي ڪراچي ۾ رهندڙ بلوچن شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي جي بلوچ آبادين ۾ لياري آپريشن خلاف ٻن قسمن جو ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. هڪ ته ماڻهو شديد احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ لياري آپريشن خلاف پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڇڏي پارٽيءَ تان استعيفائون ڏئي رهيا آهن. پاڪ ڪالوني، پراڻي گوليمار، تين هٽي، پي آءِ بي ڪالوني، ملير، گڏاپ، گلشن حديد، گهگهر ڦاٽڪ، ابراهيم حيدري، شرافي ڳوٺ، لانڍي، ڪورنگي، سالار ڳوٺ، صديق ڳوٺ، عمر مارئي ڳوٺ، کوکرا پار، سميت ڪراچي جي هڪ سو کن قديم آبادين ۾ بلوچ رهن ٿا ۽ انهن سڀني بلوچن شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ لکين بلوچ رهن ٿا جيڪي 90 سيڪڙو پيپلز پارٽيءَ جا حامي آهن. مختلف علائقن جا بلوچ ان تي سنجيدگيءَ سان ويچاري رهيا آهن ته سڀ بلوچ گڏ ٿي لياري جي حفاظت لاءِ لياري ڏانهن لانگ مارچ ڪن. احتجاج ۽ پ پ تان استعيفائن جو سلسلو بهرحال جاري آهي. لياري ۾ اڄڪلهه پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار اُها ئي تاريخي غلطي ورجائي رهي آهي جيڪا مشرف دور ۾ بلوچستان ۾ ورجائي وئي هُئي. لڳ ڀڳ اهڙو ئي آپريشن لياري ۾ ٿي رهيو آهي جهڙو ڊيرا بگٽي ۾ جنرل مشرف شروع ڪيو هُئو.

هٿياربند گروپن ۽ ڏوهارين جو پسمنظر:

لياري ۾ هٿياربند گروپن ۽ ڏوهاري گروپن جو قصو ڪو نئون ڪونهي. پيپلز امن ڪميٽي ته 2009 ۾ ٺهي پر لياري ۾ گينگ وار يا انڊر ورلڊ سان واڳيل گروپن جو ڪاروبار تمام پراڻو آهي. پر جنرل مشرف دور ۾ انهن گروپن جي سياسي سرپرستي شروع ٿي ۽ هٿياربند ويڙهاڪن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. لياري ۾ ڪنهن زماني ۾ رحمان ڊڪيت ۽ حاجي لالو جا گروپ ڏوهاري سرگرميون ڪندا هُئا. هُو پوليس کي ڀتا ڏيئي جوا جا اڏا به هلائيندا هُئا ماڻهو اغوا به ڪندا هُئا. رحمان ڊڪيت جي مارجڻ کانپوءِ نوان نوان گروپ پيدا ٿيا. لالو گروپ جي ڪمان سندس پُٽ ارشد پيو سنڀالي. هن گروپ جو پاڪ ڪالوني ۽ گوليمار جي علائقن ۾ اثر هئو. وري وچ لياري ۾ رحمان ڊڪيت جو گروپ پيدا ٿيو. ساڻس گڏ غفاز ذڪري گروپ به هُئو. ڪو وقت هُئو ته رحمان، ارشد پپو ۽ غفار هڪ ئي گروپ جو حصو هُئا. هيءَ هڪ مضبوط ڏوهاري گروپ هئو. جنرل مشرف دور ۾ هي گروپ ورهائجي ويا، لياري ۾ گينگ وار جي صورتحال پيدا ٿي. سياسي طور ارشد پيو گروپ مٿان ايم ڪيو ايم جو هٿ رهيو ۽ رحمان ڊڪيت گروپ مٿان پيپلز پارٽيءَ جو هٿ رهيو. خان ڀائي (رحمان) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نبيل گبول جو اهم ساٿي هُئو سندس چونڊ مهم هلائيندرو رهيو. هڪ ئي گاڏي ۾ سفر ڪندا هُئا. خان ڀائي جون شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ تصويرون ڏسي اِهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو پيپلز پارٽيءَ جو ڪيترو ويجهو هوندو. جنرل مشرف دور ۾ سنڌ جي گهرو وزارت ايم ڪيو ايم وٽ رهي. آفتاب احمد شيخ، رئوف صديقي، وسيم اختر گهرو وزير يا مشير رهيا. ان دور ۾ لياري اندر رحمان گروپ ۽ ارشد پپو گروپ وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ رهي. امن امان جي صورتحال خراب رهي. ان ئي زماني ۾ ايم ڪيو ايم لياري اندر پنهنجو تنظيمي ڪم وڌائڻ شروع ڪيو. پر رحمان گروپ ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي. ان مزاحمت سبب سڄو عرصو لياري ۾ ڇڪتاڻ رهي. پوليس رحمان بلوچ کي گرفتار ڪيو. کائنس جوائنٽ انويسٽي گيشن به ٿي. تحقيقات دوران رحمان جيڪي بيان ڏنا انهن ۾ به هن چيو ته سندس واسطو پيپلز پارٽيءَ سان آهي. سندس مخالف سياسي پارٽي جي اشاري تي لياري ۾ سياسي راند ٿي رهي آهي. پوليس جي تحويل مان رحمان فرار ٿي ويو اها ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه هئي. هڪ خيال اهو هئو ته لياري ۾ رتوڇاڻ کي جاري رکڻ لاءِ پوليس ملي ڀڳت سان رحمان کي فرار ڪرايو. رحمان گروپ، ارشد پپو گروپ ۽ پوءِ غفار ذڪري گروپ هڪٻئي سان وڙهندا رهيا. ان دوران لياري ۾ ويڙهاڪن جو هڪ نسل تيار ٿي ويو. نوجوانن جو وڏو حصو هٿياربند ۽ ڏوهاري گروپن ۾ شامل ٿيندو ويو. ڏوهاري جي آمدنيءَ جو ذريعو ڏوهه ئي هوندو آهي. ڀتاگيري، جوا جا اڏا، اغوا، ڦرون، ڌاڙا، ۽ ٻيا ڏوهه پر انهن جو دائرو لياري مان وڏي شهر جي ٻين علائقن تائين پهچڻ لڳو ته ٻين علائقن مان وري ڏوهاري گروپ مڇريا. ايم ڪيو ايم جا حامي به ميدان تي نڪتا. ڏوهاري گروپن جا جهڳڙا ۽ سياسي گروپن سان ڳانڍاپو. هٿياربند، ويڙهاڪ ۽ ڏوهاري گروپ صرف لياري ئي نه پر سڄي ڪراچيءَ ۾ موجود آهن. پر انهن تي سياسي گروپن سبب نسلي سياست حاوي آهي.

پيپلز پارٽي سرڪار، رحمان جو قتل ۽ امن ڪميٽي:

ملڪ ۾ 2008 جي عام چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار آئي لياري هميشھ پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه رهي آهي. لياري مان پيپلز پارٽيءَ پنهنجون سموريون سيٽون کٽيون. رحمان بلوچ لياري مان روپوش ٿي بلوچستان هليو ويو. حب ۽ لسٻيلي جي علائقن ۾ هو پنهنجي ساٿين سميت روپوش رهيو. بعد ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت تي رحمان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ آهستي آهستي هٿيار بند يا عسڪري ونگ ختم ڪري سياسي سرگرمين ۾ تيز ٿيڻ جي صلاح ڏني. ان کانپوءِ رحمان بلوچ لياري ۾ پيپلز امن ڪميٽي قائم ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پيپلز امن ڪميٽي لياري جي علائقن ۾ فلاحي ڪم ڪرڻ لڳي. ڏوهه ڪندڙ ڏوهه جي دنيا مان نڪري نه سگهندو آهي. خبر ناهي ڪهڙي پليٽ فارم تي اهو فيصلو ٿيو ته رحمان ڊڪيت کي ختم ڪرائڻو آهي. اهڙي  وقت ۾ جڏهن 2009 ۾ ٺهيل پيپلز امن ڪميٽي پنهنجي عروج تي پهتي. پر پيپلز پارٽي جي قيادت کي صلاح ڏني وئي ته امن ڪميٽي جا ماڻهو ڏوهن جي دنيا مان تيستائين نڪري نه سگهندا جيستائين رحمان زنده آهي. هڪ الزام اهو به آهي ته رحمان کي ختم ڪرڻ جو اُهو ٽاسڪ ڏنو ويو چوڌري اسلم کي.

چوڌري اسلم ڪير آهي؟

ڪراچي جو بدنام زمانه پوليس آفيسر چوڌري اسلم جڙتو پوليس مقابلن جو ماهر آهي. اصل ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن ٽارچر ڪري پوءِ کين ڪنهن بيابان ۾ وٺي وڃي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ سندس ڪمال آهي. رحمان بلوچ سان به هن اهو ئي ڪيو. کيس ٽن ساٿين سميت گرفتار ڪري گڏاپ جي علائقي ۾ وڃي قتل ڪيو ۽ ٻڌايو ويو ته پوليس مقابلي ۾ رحمان ڊڪيت رات جي انڌاري ۾ مارجي ويو. اهو ئي چوڌري اسلم اڄڪلهه لياري آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا کيس هيرو بڻائي عوام آڏو پيش ڪري رهي آهي. چوڌري اسلم مشرف دور ۾ ڪوٽڙي جي پورهيت رسول بخش بروهي کي معشوق بروهي ڄاڻائي قتل ڪرڻ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گرفتار به ٿيو هو. بنيادي طور چوڌري اسلم 1984 ۾ اي ايس آءِ طور پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. قوم جي طور هزاره وال آهي پر فخر سان پاڻ کي محمد اسلم چوڌري لکندو آهي. شولڊر پروموشن ذريعي چوڌري اسلم اي ايس آءِ مان ايس ايڇ او بڻيو. ڪراچي جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ ايس ايڇ او رهيو. ان کانپوءِ ڊي ايس پي ۽ بعد ۾ ايس پي بڻيو. مشرف دور ۾ سندس اڳواڻي ۾ ئي لياري جي هٿياربند ويڙهاڪن کي ختم ڪرڻ لياري ٽاسڪ فورس ٺاهيو ويو. پورهيت رسول بخش بروهي قتل کانپوءِ سپريم ڪورٽ لياري ٽاسڪ فورس کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ جڙتو مقابلي ۾ ملوٽ پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن ۾ ڪيترائي پوليس آفيسر ڀڄي ويا هئا. چوڌري اسلم کي بعد ۾ ايس پي سي آءِ ڊي بڻايو ويو. جهڙي ريت مشرف سرڪار ۾ چوڌري اسلم کي رحمان ڊڪيت کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هئو جيڪو پورو ڪو نه ٿيو. کيس ساڳيو ئي ٽاسڪ 2009 ۾ پ پ سرڪار ڏنو. جيڪو چوڌري اسلم پورو ڪري ڏيکاريو. چوڌري اسلم جهادين کي گرفتار ڪرڻ ۽ ٽارچر ڪرڻ ۾ پڻ شامل رهيو. جهادين ٽي ڀيرا سندس گهر تي بم حملا ڪيا. آخري حملو ڊفينس ۾ سندس ڪروڙين روپين جي بنگلي کي اڏائڻ جو هئو. جنهن کانپوءِ اڄڪلهه هڪ فوجي ايريا ۾ گهر وٺي رهي پيو.

لياري آپريشن ڪيسيتائين:

رحمان جي قتل کانپوءِ سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس قتل خلاف هڪ وڏو احتجاج ٿيو ۽ پيپلز امن ڪميٽي وڌيڪ سرگرم ٿي. سنڌ جي تڏهوڪي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 2010 کان ايم ڪيو ايم سان اختلاف ٿيا. تڏهن کان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز امن ڪميٽي تي به هٿ رکيو. صدر آصف علي زرداري خود سڄي صورتحال کان واقف هئو ڇو ته ذوالفقار مرزا کيس سڄي صورتحال بابت آگاهه ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ته امن ڪميٽيءَ کي نيٺ پيپلز پارٽي جي ذيلي ونگ ۾ تبديل ڪيو. تڏهن تي ذوالفقار مرزا ۽ رحمان ملڪ ۾ اختلاف وڌيا. ايم ڪيو ايم لياري آپريشن جو مطالبو ڪندي رهي. هر هفتي ٻئي هفتي لياري ۾ ڪجهه نه ڪجهه آپريشن جي نالي تي ٿيندو رهيو. پر ان ڪهاڻي ۾ تازو اضافو ان وقت ٿيو جڏهن ڪجهه عرصو اڳ پيپلز امن ڪميٽيءَ پنهنجي ايم اين اي نبيل گبول خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. تڏهن کان نبيل گبول لياري ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيو. ڇو ته نبيل گبول جي سياسي طور اهو خوف آهي ته جيڪڏهن لياري ۾ پيپلز امن ڪميٽي متحرڪ رهي ته کيس پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جو امڪان گهٽ آهي ٽڪيٽ ملي وئي ته اليڪشن کٽڻ مشڪل ٿي ويندو. لياري ۾ نبيل گبول خلاف به ايڏي ئي نفرت ڏسڻ ۾ پئي اچي جيڏي نفرت چوڌري اسلم خلاف آهي. لياري آپريشن ۾ نبيل گبول سان گڏ آصف علي زرداريءَ جو هڪ ويجهو عزيز به وچ ۾ پئجي ويو. جيڪو سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ کان فرمائشون ڪندو رهيو. پيپلز پارٽي جي اندرين حلقن موجب صدر آصف علي زرداريءَ وٽ منظور وساڻ خلاف ٻه وڏيون شڪايتون اهي هيون ته هو ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ويٺو آهي. ٿاڻا وڪڻي رهيو آهي ته ٻيو لياري ۾ پوليس آڏو رڪاوٽون وجهي رهيو آهي. لازمي آهي منظور وساڻ سياسي ماڻهو آهي. هو چوڌري اسلم جي صلاحن تي ڪيئن هلندو. صدر آصف علي زرداريءَ وساڻ کي گهرو وزارت مان پاسيرو ڪري ڇڏيو. هڪ مهيني لاءِ هو پرڏيهه ويو پر اطلاع آهن ته واپسي تي کيس نئين وزارت ملندي. لياري آپريشن جو هڪ اهم پهلو اتحادي جماعت آهي. جنهن بلاول هائوس ۾ صدر آصف علي زرداريءَ کان ٻه اهم مطالبا ڪيا. هڪ لياري ۾ آپريشن ڪري پيپلز امن ڪميٽيِءَ کي ختم ڪرڻ ۽ ٻيو نئين مڪاني نظام ۾ سندس مرضيءَ کي شامل ڪرڻ. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداريءَ اتحادي ڌر جا ٻئي مطالبا منظور ڪيا. لياري ۾ آپريشن شروع ٿيڻ کان هڪ رات اڳ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ غوث علي شاهه ميان نواز شريف جي خاص هدايتن تحت لياري پهتو. سنگولين ۾ امن ڪميٽي جي سربراهه عزير جان بلوچ جي گهر تي رات 2 وڳي ملاقات ڪئي. اتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عزير بلوچ چيو ته پيپلز پارٽي اسان مان هٿ ڪڍي وئي آهي. ان ڪري اسان به پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چوڻ وارا آهيون. ان جي ٻئي ڏينهن تي آپريشن جو فيصلو ٿيو. منظور وساڻ پرڏيهه وڃڻ وقت چئي ويو ته هن لياري ۾ آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير لياري ۾ آپريشن بابت شرم ناڪ قسم جا بيان ڏيئي رهيا آهن. پر ڪراچي ۾ لياري آپريشن خلاف ردعمل ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري رهيا آهن. پاڪستان جي اردو ميڊيا پوليس جي موقف تي ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ سڌي نشريات ۾ لياري بابت سڄو ڏينهن ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. لياري بابت حقيقي رپورٽنگ جي اجازت ناهي. پوليس جي بارڊر کان اڳتي ڪير به وڌي ٿو ته ان تي فائرنگ ٿئي ٿي. سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ، جماعت اسلامي ۽ سپنا وارن کي راشن ورهائڻ جي اجازت نه ملي. لياري جو فٽ بالر جان محمد بلوچ سيلاني ٽرسٽ پاران آندل پڪل برياني اندر کڻائي ويو ته پوليس مٿس فائرنگ ڪري زخمي ڪيو. عورتون احتجاج ڪندي ٻاهر نڪرن ته پوليس مٿن گوليون ٿي هلائي. صورتحال ڏاڍي ڳنڀير آهي. پرسرڪار لياري کي به بلوچستان وانگر پئي منهن ڏئي جيڪو انتهائي غلط طريقو آهي. سڄي ڪراچيءَ جا بلوچ لياري آپريشن خلاف گڏ ٿي رهيا آهن. بلوچستان لبريشن آرمي ۽ باغي ڌريون به ساٿ جو اعلان ڪري چُڪيون آهن.

ظفر بلوچ چوي ٿو

سڄي حياتي پيپلزپارٽي کي ڏني، جنهن گوليون ڏنيون

لياري آپريش دوران پيپلزامن ڪيمٽي جي اهم اڳواڻ ۽ پ پ جي اڳواڻ ضلعي جنرل سيڪريٽري ظفر بلوچ سان فون  تي ڳالهه ٻولهه ٿي، “افيئر” سان ڳالهائيندي ظفر بلوچ جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي لياري ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. سڄي ڪراچي ۾ بلوچ قتل ٿي رهيا آهن، انهن جي قتل خلاف اسين دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. ظفر بلوچ چواڻي ته اسان کي هٿيار پيپلزپارٽي ڏنا. صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون جن ۾ صدر زرداري  کي به چيو هئو ته بلاول ڀٽو کي لياري مان اليڪيشن ويڙهايو ته ٺيڪ آهي، هاڻي نبيل گبول کي ووٽ نه ڏينداسين. هن چيو ته مان معذور آهيان بم  ڌماڪي ۾ زخمي آهيان، سال ڏيڍ کان هلڻ گهمڻ جهڙو ناهيان پر هڪ مهيني دوران مون تي 50 کان وڌيڪ ڪيس ڪيا ويا آهن، لياري ۾ جيترا به ماڻهو  قتل ٿيا انهن جي ايف آءِ آر ٻنهي ڄنگهن کان معذور شخص تي داخل ڪرائي وئي. هن چيو ته اسان جهڪڻ ڪڏهن سکيو ئي ناهي. شهيد ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. چوڌري اسلم اسان کي جڙتو پوليس مقابلي يا آپريشن جي ڊرامي ۾ مارڻ ٿو چاهي. اسان بار بار فوجي آپريشن جو مطالبو ڪندا رهيا آهيون. سڄي شهر ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي پر نشانو صرف لياري جا بلوچ بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي سڄي زندگي ڏني، قربانيون ڏنيون، ٻچا قربان ڪرايا، رت ڏنو، اڄ اها پيپلز پارٽي اسان کي گوليون ڏيئي رهي آهي، اسان جا ٻچا بک ۽ اڃ ۾ مري رهيا آهن، اسان خلاف رياست، پوليس، سي آءِ ڊي ۽ دهشتگردن گڏجي آپريشن ڪري رهيا آهن، هاڻي لياري ۾ نه پيپلزپارٽي کي داخل ٿيڻ ڏينداسين نه ڪنهن ٻئي گروپ کي، لياري  جي ڌرتي لاءِ شهيد ٿي وياسين ته به خير آهي.

لياري ۾ ماني، پاڻي ۽ بجلي کانپوءِ فون به بند!

لياري ۾ آپريشن جي چوٿين ڏينهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ لياري ۾ موبائل فون سروس بند ڪرائي ڇڏي، موبائل سروس 30 هين اپريل جي رات 12 وڳي کان بند ٿي. رياستي آپريشن دوران ماڻهن کي زندگيءَ جون سڀ سهولتون کسڻ آپريشن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو ته جيڪڏهن صرف ڏوهارين خلاف آپريشن آهي ته پوءِ عام ماڻهو جي رستا روڪ نه ٿيندي آهي، لياري ۾ بجلي ۽ پاڻي جون لائينون بند آهن، ڪاروبار بند هجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي رسد بند آهي. مواصلات جو سرشتو به بند ڪيو ويو آهي، عملي طور ڪرفيو جو منظر آهي، پوليس پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ مشتاق شاهه چيو ته بلوچ لبريشن آرمي جا ويڙهاڪ لياري ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن جو اصل مطلب اهو آهي ته رينجرز ان آپريش ۾ حصو بڻجي، ڇو ته رينجرز پهرين ڏينهن لياري آپريشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو. ذريعن موجب فوج جو اهو موقف آهي ته رينجرز کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏبو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو