Home / افيئر / ماسٽر منظور جو پراسرار موت،آپگهات يا قتل
above article banner

ماسٽر منظور جو پراسرار موت،آپگهات يا قتل

هو هڪ فنڪار هو جنهن ننڍپڻ کان ئي سرن ۽ سازن سان سنگت رکي انهن سان توڙ تائين نڀايو، نفيس جذبن جي ان فنڪار جو المناڪ موت ڪيترائي سوال پٺتي ڇڏي ويو آهي، جنهن رات هن جي گهر مان هڪ فائر جو آواز ٻڌو ويو ان رات قاسم آباد ۾ مڪمل سانت هئي ۽ انهيءَ رات ئي سرن جي تند ٽٽي پئي هئي، هو هڪ راز هو ۽ آواز هو جنهن جي جادوءَ سان سندس پرستارن تي وجد طاري ٿي ويندو هو پر ان رات ديس توڙي ديس کان دور پرديس ۾ رهندڙ هن جا پرستار به ڇرڪي اٿيا هئا.

اپريل  مهينو هڪ ڳرو مهينو ثابت ٿيو آهي اها رات به 23 اپريل جي هئي ۽ رات جا تقريبن اڍائي ٿيا هئا جو هڪ نجي ٽي وي چينل هن جي موت جي خبر بريڪ ڪئي هئي جنهن رات هن جي وڇوڙي جي جيءُ جهوريندڙ خبر ان ٽي وي تي هلي هئي ان رات قاسم آباد جي نسيم نگر پوليس به اگهور ننڊ پيل هئي اوڙي پاڙي ۾ به سانت هئي،ان رات ان نجي ٽي وي چينل تي خبر ڪجهه هن ريت هلي رهي هئي ته سنڌ جي نامياري ڳائڻي ماسٽر منظور کي هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو“ تڏهن هڪ صحافي قاسم آباد جي هڪ اي ايس آءِ کي وٺي پورو هڪ ڪلاڪ قاسم آباد ۾ نامياري فنڪار جو گهر ڳولڻ ۾ لڳايو پر ان وقت تائين ڪارروائي ڪندڙ ڪيترائي ڪلوميٽر دور هليا ويا هوندا، بحرحال اها ڪارروائي جيڪو به ڪري نڪري ويو اهو هڪ الڳ مسئلو آهي پر ان وقت قاسم آباد پوليس بنا ڪنهن جاچ پڙتال جي ماسٽر منظور جي پراسرار موت کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ ٽي وي چينلز ان خبر کي آپگهات قرار ڏنو.

هن جي آپگهات جي خبر ڏسي سندس دوست مٽ مائٽ توڙي پرستار يقين ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا ۽ ان وقت ان قاسم آباد پوليس جي مهربانين سان هڪ نامياري ڳائڻي جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ قتل جو ڪو به شڪ ظاهر نه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ پورو جڳ هن جي آپگهات تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو، ماسٽر منظور جو هڪ ويجهو مائٽ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي  “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته ماسٽر منظور جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن جو گهر واري سان تڪرار هلندڙ هو جيڪا پڻ رسي وارثن ڏانهن ويل هئي“ جڏهن ته ماسٽر منظور جي سس جو موقف آهي ته سندس ڌيءُ مڙس کان ناراض ٿي نه آئي هئي هوءَ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ سندن گهر آيل هئي.”

ماسٽر منظور جي گهرواري توڙي ساهورا هن جي پراسرار موت کي آپگهات قرار ڏين ٿا جڏهن ته “افيئر” سان ڳالهائيندي ماسٽر منظور جو ڀاءُ مشتاق وڌو ٻڌائي ٿو ته سندس ڀاءُ قتل ٿيو آهي، هن آپگهات نه ڪيو آهي تنهنڪري هن سان انصاف ٿيڻ گهرجي سندس چوڻ آهي ته معاملي جي هر پاسي کان جاچ ڪئي وڃي.

ماسٽر منظور جي اهڙي المناڪ واقعي کي هڪدم آپگهات ڪيئن قرار ڏجي؟ ڇاڪاڻ ته هڪ آرٽسٽ ڪڏهن به آپگهات ڪري نه ٿو سگهي، فنڪار ته زندگي سان پيار ڪندا آهن ۽ ٻين کي به جيئڻ جا گر سيکاريندا آهن. سو اهي ڪيئن مايوس ٿي پنهنجي زندگي جو انت آڻيندا؟ ماسٽر منظور جي موت کي آپگهات قرار ڏيندڙن جو خيال آهي ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان پريشان هو، ڪنهن سان ڳالهائنيدو نه هو ، پر افيئر سان ڳالهائيندي ماسٽر منظور جو ڊرائيور نديم وڌو اهڙي موقف کي رد ڪندي ٻڌائي ٿو ته ” ماسٽر منظور کي ڪا به پريشاني نه هئي، واقعي واري رات کان اڳ ڏينهن جو هن مون کي فون ڪري چيو هو ته صبح جو اچ ته بينڪ ۾ 15 لک رپيا جمع ڪرائڻا آهن جيڪڏهن هو پريشان هجي ها ته ڪم ڪار معمول موجب نه ڪري ها“ هڪ ٻيو سوال جنم وٺي ٿو ته  جيڪڏهن هو ايترو پريشان هجي ها ته مبينا آپگهات واري رات هن جي شيو ٿيل نه هجي ها ٻي ڳالهه جڏهن هن جو لاش بيڊ تي پيل هو تڏهن هن کي شرٽ به نه پهريل هئي مطلب رات جي ننڊ ڪرڻ لاءِ ستل هو ۽ ايئن ئي ٿو لڳي ته کيس ڪير ننڊ ۾ ئي ننڊ ڏئي ويو آهي.اهڙا ڪيترائي سوال آهن جن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اها پوليس ان پر اسرار موت جي جاچ ڪيئن ڪندي جيڪا هن جي موت واري رات  پورو ڪلاڪ قاسم آباد جي گهٽين ۾ هن جو گهر ڳولڻ ّلاءِ ڀٽڪندي رهي.هن جي پراسرار موت کي پراسرار رهڻ ڏنو ويو پر بعد ۾ ڪيترائي راز فاش ٿي رهيا آهن ”افيئر“ جي ذريعن موجب واقعي واري رات ماسٽر منظور جي شرٽ بيڊ جي هيٺان ملي هئي ۽ کيس ٻانهن ۾ پاتل سوني چئن به لٿل هئي، ذريعا ٻڌائين ٿا ته ان رات سندس ڪمري مان ڪئپٽن سگريٽن جو پاڪيٽ به مليو آهي جڏهن ته ماسٽر منظور سگريٽ نه پئيندو هو جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ هو سگريٽ پيئندو هو ته اهو گولڊ ليف جو هوندو هو، هڪ ٻي ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته جنهن رات واقعو ٿيو هو ان جي صبح ماسٽر منظور جي ساهورن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو جنهن کي ميڊيا ڄاڻايو هو ته فنڪار جي وارثن واقعو آپگهات قرار ڏنو آهي، ان وقت سندس ڀاءُ جو موقف نه ٻڌو ويو پر هاڻ حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن.

ماسٽر منظور جي هڪ مائٽ جو چوڻ آهي ته ماسٽر منظور کي ڪا به پريشاني نه هئي هو خوش مزاج ۽ هڪ کلمُک شخص هو جيڪو ڪڏهن به آپگهات ڪرڻ وارو ماڻهو نه هو سندس چوڻ هو ته ماسٽر منظور ماضي ۾ وڏا درد،تڪليفون ۽ سور ڏٺا پر ان باوجود هن ڪڏهن به مايوسي جي ڳالهه نه ڪئي هئي.

ماسٽر منظور 2000ع کان شهرت جي بلندين تي پهچندو رهيو تن ڏهاڙن ۾ هو پنهنجو اباڻو شهر ميروخان ڇڏي اچي قمبر رهيل هو ۽ ان وقت هو لڏ پلاڻ ڪري اچي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هو انهن ڏينهن ۾ مالي حوالي سان ماسٽر منظور انتهائي پٺتي پئجي ويو هو. لڏپلاڻ ۽ حيدرآباد ۾ سيٽل ٿيڻ هن لاءِ هڪ چئلنج هو تن ڏينهن ۾ هن وياج تي پئسا ورتا هئا ۽ انهن ڏتڙيل ڏهاڙن ۾ به هن ڪڏهن آپگهات جو نه سوچيو هو پر هن وقت ماسٽر منظور وٽ بنگلو هو، ڪار هئي بينڪ بلينس کان ويندي هر آسائش هئي پر اهڙي ڪا به واضح پريشاني نه ٿي ٻڌائي وڃي جيڪا آپگهات جو سبب بڻجي.

جنهن ڪمري مان هن جو پسٽل مليو آهي ان پسٽل ۾ هڪ گولي ڦاٿل آهي ۽ ان تي فنگر پرنٽس جا جيڪي نشان آهن انهن جو به اڃا تائين پتو نه لڳايو ويو آهي. اها پڪ آهي ته اها پوليس جيڪا ان نامياري فنڪار جو گهر ڳولي نه سگهي اها قاتلن تائين ڪيئن پهچندي؟ پر اهو ته صاف ظاهر ڪيو وڃي ته ماسٽر منظور جو قتل ٿيو آهي ۽ هن آپگهات نه ڪيو هو. ٺيڪ اهي سڀ شيون سامهون اچڻ کان پوءِ صوبائي گهرو وزير جي هدايتن تي نسيم نگر ٿاڻي تي ماسٽر منظور جي پراسرار موت جي جاچ لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 1999ع ۾ ڀٽن جي اباڻي شهر نئين ديري ۾ سرعام قتل ٿي ويل ان موچاري فنڪار مريد عباس جا ئي قاتل سرعام گهمندا پيا وتن ته ماسٽر منظور جي گمنام قاتلن کي ڪيئن سزا ملي سگهندي؟

majidsamo2003@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو