Home / افيئر / مصر جي بازار ۾ عرب انقلاب ۽ جنس وکر بڻجي ويا
above article banner

مصر جي بازار ۾ عرب انقلاب ۽ جنس وکر بڻجي ويا

 

“هائو…. مان پنهنجا اهي فوٽو پاڻ پنهنجي بلاگ تي رکيا آهن ۽ سنگت ساٿ لاءِ Twitter تي Share به ڪيا اٿم. جيڪڏهن مصر جي مُلن کي ان تي ڪو اعتراض آهي ته اچن… مون کي ماري ڇڏين. مون پنهنجي آزاديءَ جو حق استعمال ڪيو آهي، منهنجو پيءُ ۽ ماءُ به مون سان متفق آهن ۽ منهنجو بواءِ فرينڊ به مون مان خوش آهي… ته پوءِ مان ٻين جي پرواهه ڇو ڪريان؟” مصر جي عاليه مهديءَ جو سي اين اين تي اهو بيان ٻُڌي، مون کي گهڻو اڳ پڙهيل اياز گل جو هڪڙو شعر ۽ مهدي حسن جو هڪڙو پاڪستاني فلمي گانو ياد آيو هو:

“تون جي مون سان ساڻ هُجِين پوءِ

هڪڙِيءَ ٺوڪر جا ماڻهو!”

گانو:

لگا هئي مصر ڪا بازار ديکو!

نئي تهذيب ڪا شهڪار ديکو!

سو اڄ انهيءَ مصر جي بازار ۾ انقلاب سان گڏ جنس جو وکر به ويڪائو ٿي پيو آهي، جيڪو ملڪ جي نون انقلابين کي چڙ ڏياري رهيو آهي. هو عاليه المهديءَ جي انهيءَ روش کي آمريڪا پاران انقلاب ڦٽائڻ جي سازش جو حصو سمجهن ٿا.

عاليه ماجده المهدي جڏهن پنهنجي blog تي پنهنجو ننگو فوٽو post ڪيو ته مغربي ميڊيا کيس اظهار جي آزاديءَ جو مصري ماڊل يا “icon” قرار ڏئي ڇڏيو. انهيءَ حوصلي افزائيءَ کيس اڃا شينهن ڪري ڇڏيو ته هُن هڪ ٻِرانگهه ٻي ڀَري ۽ اهي فوٽو twitter تي post ڪري ڇڏيا ته سندس ڏسندڙن ۽ share ڪندڙن جو تعداد لکن (3 millions) تائين پهچي ويو ۽ عاليه ماجده جي fans جو ڳاڻيٽو به هزارن کان چڙهي ويو.

عاليه جي جنسي جُرئت جتي کيس مغرب جي محبوبه بڻائي ڇڏيو آهي، اتي هن جي پنهنجي ملڪ مصر ۾ سندس خلاف باهه ٻري وئي آهي. هوءَ اڳي پنهنجي ديس واسين جي ڊارلنگ هئي جو هن عرب انقلاب دوران تحرير اسڪوائر تي حسني مبارڪ خلاف احتجاج ۾ ڀرپور حصو ورتو هو.

عاليه گذريل ڪيتري عرصي کان ماءُ پيءُ واري گَهرَ جي بجاءِ پنهنجي بواءِ فرينڊ عامر ڪريم سان گڏ رهندي آهي ۽ ان بابت هوءَ چوي ٿي:

“منهنجو دوست عامر ڪريم جيئن ئي جيل کان ڇٽي آيو آ، تيئن هو تنهائي پيو محسوس ڪري. انهيءَ ڪري مان پنهنجو گهر ڇڏي ان سان پئي رهان. ان سان اسان ٻنهي کي روحاني خوشي ملي ٿي”.

پڪي عمر واري عامر ڪريم کي اسلام ۽ حسني مبارڪ خلاف ڇتي تنقيد ڪرڻ سبب مصري عدالت سخت پورهئي سان چار سال ٽيِپ جي سزا ڏني هئي، جيڪا پوري ٿيڻ تي هو آزاد ٿي موٽيو آهي. عاليه کان ميڊيا پڇا ڪئي ته آخر هن پنهنجا اگهاڙا فوٽو نيٽ تي ڇو share ڪيا؟ ان تي هوءَ وراڻي ٿي:

“مون پهرين اها تصوير پنهنجي facebook اڪائونٽ تي پروفائيل ۾ رکي هئي پر admin اها هٽائي ڇڏي ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پوءِ منهنجي هڪڙي دوست چيو ته ڳڻتي نه ڪر، مان اهو فوٽو twitter تي ٿو رکان. مون کي خوشي ٿي ته اهو چڱو ڪم ٿيندو. مان پنهنجي ملڪ جي قدامت پسند معاشري جي هٿ ٺوڪين پابندين کان ننڍي لا کان بيزار هان، ڇاڪاڻ  ته اسان وٽ عورت کي ماڻهو يا ساٿيءَ بجاءِ sex tool ۽ رانديڪو سمجهيو ٿو وڃي. مان بهرحال اهڙي “Product” ٿيڻ لاءِ تيار ناهيان. مان جيڪڏهن خوبصورت بدن  رکان ٿي ته پوءِ ڇو نه دنيا کي ڏيکاريان ته مان هيڏي سڻهي آهيان. اهو فوٽو منهنجي حسين هجڻ جو ثبوت آهي ۽ مان جسم کي فطرت جي خوبصورت آرٽ جو اهڙو فن پارو سمجهان ٿي، جيڪو شائقين جي نظرن کان دور ڪرڻ جمالياتي بي ايماني آهي. انهيءَ ڪري مون پنهنجي ڪئمرا کي Self timer تي سيٽ ڪيو ۽ پنهنجو اهو خوبصورت سيلف پورٽريٽ ٺاهي عام ڪيم”.

“عاليه مهديءَ کي پنهنجي انهيءَ nude portrait اندر ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟”

“مان پاڻ کي ٻين کان منفرد ڏسڻ جي ننڍپڻ کان عادي هان. مون کي آرٽ، فوٽو گرافي، مصوري، سنگيت ۽ مجسمي سازيءَ سان وڏو چاهه رهيو آهي. جڏهن آئيني اڳيان هوندي هان ته ايئن لڳندو آهي ته وينس ڊي ميلو کي پئي ڏسان. انهيءَ جمالياتي حِس کي تيز ڪرڻ ۽ پاڻ  کي express ڪرڻ لاءِ مُون ميڊيا ۾ داخلا ورتي. مان معاشري جي هٿ ٺوڪين رواجن کي نٿي مڃان. انهيءَ ڪري سرعام عامر ڪريم سان گڏ رهان ٿي، مان شاديءَ کي به institution طور تسليم نه ٿي ڪريان. مان پُڇان ٿي ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن وچ ۾ محبت آهي ته پوءِ اهو ضروري ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته اهي پاڻ ۾ پرڻجي پوءِ ٻار پيدا ڪن؟”.

“توهان جو پنهنجي دوست سان گڏ رهڻ توهان جي والدين کي خراب نه ٿو لڳي؟ آخرڪار مصر هڪ مسلم ملڪ آهي!؟.

“هاڻي نه. هنن هر ڳالهه ۾ مون کي سپورٽ پئي ڪيو آهي. منهنجو فوٽو عام ٿيڻ کانپوءِ به هنن منهنجو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پر هو ڪريم تي ڪاوڙيل آهن، جنهن مون کي کانئن جدا ڪيو آهي. هنن شروعات ۾ اسان جي تعلق تي اعتراض ڪيو ۽ آمريڪن يونيورسٽي قاهره ڏانهن منهنجي فِيس موڪلڻ به بند ڪري ڇڏي اٿن، جنهنڪري مون کي ميڊيا ايجوڪيشن اڌ ۾ ڇڏڻي پئي آهي”.

“جڏهن ملڪي ميڊيان توهان کي انقلابي قرار ڏنو، تنهن کان پوءِ توهان حسني مبارڪ خلاف احتجاج طور تحرير اسڪوائر تي اچڻ ڇڏي ڏنو. ڪهڙي سبب کان؟”

“سياست ۾ منهنجي دلچسپي ختم ٿي چڪي آهي. مون اڳ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪري مصر کي مَٽائڻ پئي چاهيو.  مان انقلابي گروپ “اپريل-6” جي ميمبر نه هيس پر پنهنجو فوٽو مشهور ٿيڻ کانپوءِ انهيءَ گروپ هروڀرو وضاحت ڪئي ته “عاليه المهدي اسان جي ڪارڪن ناهي ۽ اسان دهريت ۽ اگهاڙپ جي حمايت نه ٿا ڪريون”. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته انقلاب، اظهار جي آزادي ۽ جمهوريت جا علمبردار ڪهڙا بيان پيا ڏين؟ ان ڪري مان ڪُوڙن انقلابين کان الڳ ٿي ويس”.

“تحرير اسڪوائر مان پڪڙيل ڊزن ڏيڍ ڇوڪرين جا فوجي عملدارن، ڪنوارپ ثابت ڪرڻ وارا ٽيسٽ ڪرايا آهن. توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟”

“مان ان کي به جنسي حملو ٿي سمجهان. جن فوجين ڇوڪرين جون زوريءَ اهي ٽيسٽون ڪيون آهن، انهن کي سزا ملڻ گهرجي. جنسي لاڳاپي ۾ زور زبردستي نه هجڻ گهرجي. منهنجي خيال موجب سيڪس اصل ۾ پنهنجي ساٿي جي عزت مانُ وڌائڻ ۽ پيار جو عملي اظهار ڪرڻ جو طريقو آهي. ان ۾ “مردانگي” يا زوريءَ جو ڪو عمل دخل نه هجڻ گهرجي. مان پنهنجي سنگتي عامر ڪريم سان اهڙن ئي پيارن لاڳاپن جو اقرار ڪريان ٿي. عامر ڪريم منهنجو ٻيو بواءِ فرينڊ آهي… جيڪڏهن توهان کيس اڃا “بواءِ” سمجهو ٿا ته…. ڇاڪاڻ ته اهو به 40 سالن جو هوندو”.

“هاڻي توهان جي سڄي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ ٺهي آهي ته ڪيئن ٿو لڳي؟”

“مان ٻن متضاد روين جو شڪار آهيان. هڪ طرف روزانو منهنجي Fans ۾ سوين ماڻهو وڌي رهيا آهن ته ٻئي پاسي عرب دنيا جا ماڻهو روز منهنجي لاءِ گاريون ۽ نقلي اگهاڙيون تصويرون تخليق ڪري نيٽ تي اڇلائي رهيا آهن. هو مون کان نفرت ڪرڻ جو هر طريقو ڪتب آڻي رهيا آهن. مان انهن کي چوان ٿي ته جڏهن مان پاڻ پنهنجون اصلي nude تصويرون توهان لاءِ نيٽ تي Upload ڪيون آهن ته ٻين بي ڊولين مايُن جي بدن تي منهنجي مُنڍي هڻي، مون کي بدصورت بڻائي ڇو ٿا پيش ڪيو؟. هنن منهنجا هزارين نقلي اڪائونٽ ٺاهي لوڊ ڪري ڇڏيا آهن ۽ مون کي sex cat قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته حقيقت ان کان مختلف آهي. مان مصر ۾ عورتن مٿان غير ضروري پابندين ۽ کين ستن پردن پٺيان لِڪائي رکڻ تي احتجاج طور پنهنجا اگهاڙا فوٽو ڪڍي blog تي رکيا. انهيءَ سان ٻين کي ڪهڙي تڪليف پهتي آهي. مان سمجهان تي ته نقاب (Viel) اسان عورتن جي پنهنجي choice ناهي. اها مردن پاران مڙهيل آهي ته پوءِ ان کان انڪار ڪرڻ غلط ڪيئن آهي؟ مصري عورتون انهيءَ ڪري اهو حجاب پائڻ تي مجبور آهن جو منهن اگهاڙي عورت مصر جي بازارن ۾ تماشو بڻجي وڃي ٿي. پراوا مرد انهن کي مار ڪُٽ ڪري ڀڄي وڃن ٿا. انهيءَ ڪري مان Facebook جي هڪ ‘cause’ “مردن کي نقاب پائڻ گهرجي” جي سرگرم حامي آهيان ۽ اڄ توهان آڏو اهو انڪشاف به ڪريان ٿي ته انهيءَ Cause جو مون ئي آئيڊيا ڏنو هو. ان سان گڏ مون پنهنجي حامي مسلمان ڇوڪرين کي نيٽ ذريعي اپيل به ڪئي آهي ته اهي مون کي حق تي سمجهن ٿيون ته پنهنجا منهن اگهاڙا ڦوٽو اسان سان شيئر ڪن ته جيئن اسان جو هلندڙ احتجاج سگهارو ٿي سگهي”.

عاليه المهديءَ جي مخالفت ۾ جيڪڏهن ڪروڙين اي ميلز ۽ post روزانو upload ٿين ٿيون ته سندس حمايت ۾ به هزارين “netizens” اُٿي کڙا ٿيا آهن، جيڪي سندس blogs ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڪمينٽس ڪري رهيا آهن. عاليه المهديءَ جي بلاگس تي چوويهه ئي ڪلاڪ click ٿينديون رهن ٿيون، جنهن سبب اهي سائيٽس اشتهاري ادارن لاءِ تمام پرڪشش ٿي پيون آهن ۽ اهي ايجنسيون هن جي سائٽس تي پنهنجا اشتهار هلرائڻ لاءِ هڪٻئي کان وڌيڪ واڪ ڏئي رهيون آهن. اهڙيءَ ريت عاليه المهدي انٽرنيٽ تي روينيو جنريٽ ڪرڻ واري وڏي شخصيت به بڻجي چڪي آهي.

عاليه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيس جيترو رهڻ ڏنو ويو ته هوءَ انهيءَ وڏي آمدني مان پاڻ جهڙين آزاد خيال ڇوڪرين جي مدد ڪري انهن جا سپنا ساڀيان ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.

مصر جي سوين شاگردن تي ٻڌل هڪ گروپ ۾ ملڪ جي نامياري وڪيل نفيسه عبدالفتاح پراسيڪيوٽر جنرل وٽ عاليه المهديءَ خلاف رد عمل درخواستون داخل ڪرايون آهن  ته 20 سالن واري اها مصري ڇوڪري اسان جي معاشرتي اخلاقيات تباهه ڪري ڇڏي آهي، تنهنڪري ان کي ٻَڌي ڪيس هلايو وڃي.

حيرت جي ڳالهه  اها آهي ته مصري بنياد پرستن جي انهيءَ قدم ۾ لبرل ليکڪ صياد ال قامني به حمايت ڪئي آهي، جيڪو عاليه المهدي کي “مصر جي چري ڇوڪري” قرار ڏئي ٿو.

عاليه المهديءَ صيام جي انهيءَ ڳالهه تي سخت ڇوهه ڇنڊيندي کيس اهڙو بزدل ليکڪ چيو آهي جيڪو ملڪ جي نازڪ صورتحال ڏسي ٻاهر ڀڄي ويو هو، جيتوڻيڪ لبرل هجڻ سبب کيس حسني مبارڪ خلاف انقلاب جي اڳواڻن سان بيهڻ گهربو هو.

عاليه خلاف مصر جي اٽارني جنرل وٽ آئين جي آرٽيڪل 98 (f) هيٺ رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي. انهيءَ هيٺ عاليه کي ڇهن مهينن کان پنج سال ٽيِپ ملي سگهي ٿي.

ان درخواست بابت جڏهن عاليه المهديءَ کان سندس ردِ عمل معلوم ڪيو ويو ته هن چيو:

“مون کي اهو حق حاصل آهي ته مان ڪيئن به ۽ ڪٿي به رهي سگهان. ڪمبل  اوڍي هلان يان ايئن هلان، اها منهنجي مرضي آهي. ان سان ٻين کي ڪهڙي تڪليف پهتي آ؟.”

عاليه پنهنجي خلاف ردِ عمل اچڻ کان پوءِ به محتاط نه ٿي آهي نه وري ساهه جي خوف کان روپوش ٿي آهي. هوءَ پنهنجي سنگتي ڪريم سان گڏ فليٽ ۾ رهي ٿي. قاهره جي مرڪزي علائقن ۾ ٻئي ڄڻا گڏ گهمندي نظر اچن ٿا. هن پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ، ٽويٽر ۽ بلاگس تي پنهنجي حامي مردن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي جيڪڏهن سندس ساٿ ڏيڻ چاهين ٿا ته پوءِ پنهنجي چهري تي نقاب پائي فوٽو ڪڍرائي share ڪن ۽ پنهنجي حمايت ڪندڙ مصري ۽ ٻين ملڪن جي ڇوڪرين کي چيو اٿس ته اهي وري بنا حجاب يا نقاب جي پنهنجا فوٽو ڪڍي share ڪن ته جيئن آزاديءَ واري ايڪتا جو اظهار ٿي سگهي!.

عاليه ماجده المهديءَ جي انهيءَ جرئت مستانه بات نيٽ جي جهان تي روزانو لکين Comments پکڙجي رهيا آهن. انهن ۾ اڪثر “netizens” کي اهو ڀوَ وڪوڙي ويو آهي ته اها ڇوڪري جيڪڏهن مصر ۾ رهي ته مارجي ويندي.

پر هوءَ جان بچائڻ لاءِ مصر ڇڏڻ نه ٿي چاهي.

آرٽ ۽ جماليات جا سڀ فن پارا جلائي پوءِ مون کي مارجو: عاليه ماجده المهدي

هرڻيءَ وارين اکين ۽ چيتي واري چيلهه رکندڙ عاليه المهدي عرب اسپرنگ جي انهن ڪردارن مان آهي جن مصر جي تازي انقلابي تحريڪ Facebook جي صفحن تان هلائي آهي. انهيءَ Soft & Silent Revolution بعد ۾ تحرير اسڪوائر جو رخ ڪيو ته حَسني مبارڪ کي تخت ڇڏي ڀڄڻو پيو ۽ هاڻ اهو هڪ اهڙي ئي لوهي پڃري ۾ قيد آهي، جيڪي هن مخالفن لاءِ ٺهرائي رکيا هئا.

اڄ مصر ۽ ٻين عرب ملڪن مان جيڪي emails ٿين ٿيون، انهن ۾ وڏو تعداد اهڙين ميلز جو آهي، جن ۾ عاليه المهدي بابت ذڪر هوندو آهي. هڪڙا عرب ان جي جنسي جرئت بابت ڪو فيصلو نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي ساراهين يا نِندا ڪن، جڏهن ته اڪثر عرب عاليه کي واجب القتل قرار ڏئي مارڻ چاهين ٿا. ان جي باوجود هوءَ ڇوڪري پنهنجي موقف تي اڏول لڳي بيٺي آهي ته “مون کي جيڪو وڻيو، اهو مون ڪيو، هاڻي توهان کي جيڪو وڻي توهان اهو ڪيو- پهرين آرٽ ۽ جماليات جا سڀ فن پارا جلائي ڇڏيو، پوءِ مون کي مارجو”.

هوءَ مصر ۾ عورتن خلاف مرداڻن روين، منفي متڀيد ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال خلاف احتجاج تي آهي. هوءَ چوي ٿي:

“جيڪڏهن اگهاڙو ٿي، احتجاج ڪري مون ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته مون کي سزا ڏيڻ کان اڳ ۾ آرٽ جي انهن ڪتابن کي به ساڙي ڇڏيو جن ۾ اگهاڙيون پينٽنگس آهن، اهي مجسما ڀڃي ڇڏيو جيڪي اگهاڙا آهن ۽ انهن سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف ڪيس هلايو جيڪي مُصورن آڏو ماڊل ٿي nude تصويرون پينٽ ڪرائين  ٿيون. ان کانپوءِ توهان پاڻ آئيني آڏو الف اگهاڙا ٿي بيهو ۽ پاڻ کي چڱيءَ طرح ڏسي، پنهنجي جسماني beauty جو احساس ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏجو.”

گل شيفته فراحاني ۽ عاليه ماجده المهدي جو هڪجهڙو “اگهاڙو احتجاج”!

عاليه ماجده المهدي ۽ ايران جي سهڻي داڪاره گِل شيفته فراحاني پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ حڪومتن خلاف احتجاج ڪرڻ جو هڪڙوئي طريقو اختيار ڪيو آهي. شيفته ڪجهه مهينا اڳ يورپ جي دوري ۾ جڏهن هڪ فيشن پريڊ ۾ حصو ورتو هو ته ايراني حڪومت مٿس ڏمرجي پئي هئي ۽ فيصلو ڪيو ويو هو ته هوءَ جيئن تهران موٽندي، تيئن کيس گرفتار ڪيو ويندو. ان تي گل شيفته ايران موٽڻ جو ارادو ختم ڪري پيرس ۾ ئي رهي پئي ۽ ايران حڪومت خلاف احتجاج ڪندي nude shoot ڪرائيندي رهي ۽ فوٽو انٽرنيٽ تي Upload ڪرائي ڇڏيا هئائين، جنهن کانپوءِ هن جي ايران موٽڻ جو رستو هميشھ لاءِ بند ٿي ويو آهي. ساڳيءَ ريت قاهره جي عاليه ڪيو آهي، پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته عاليه ماجده پنهنجي ملڪ ۾ رهي اگهاڙو احتجاج ڪيو آهي ۽ اڃا به ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لاءِ تيار ناهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو