Home / افيئر / ملازمن سان ٻه اکيائي- ٻه لک ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي NCHD
above article banner

ملازمن سان ٻه اکيائي- ٻه لک ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي NCHD

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اڄ ڪلهه متاثرن جو ميلو متل آهي، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ يعني انساني ترقي جو ادارو/ ڪميشن جي انهن ملازمن جو آهي، جيڪا 18-هين آئين ترميم کانپوءِ تعليم کاتو صوبائي سبجيڪٽ/اسم قرار ڏيڻ سبب وفاق ۽ صوبي وچ تي ٽنگيل آهي، ذڪر ڪيل آئيني ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت اهو چئيNCHDمان هٿ ڪڍي ورتا آهن

 

ته جيئن ته تعليم هاڻي صوبائي حڪومتن جو معاملو آهي، ان ڪري NCHD کي چار ٽڪر ڪري هرهڪ صوبو پنهنجي پنهنجي حصي جي ٽڪر کي پاڻ وٽ رکي، جڏهن ته صوبائي حڪومتن جو وري اهو چوڻ آهي ته جيئن NCHD ڪو ريگيولر ادارو  آهي، ئي ڪو نه، ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون ڀرتيون نج خانگي طريقئه ڪار مطابق ٿيون هيون جيڪو پبلڪ سيڪٽر کان بنهه مختلف آهي ۽ ٻيو  اهو ته اهڙن ملازمن کي صوبائي حڪومتون پنهنجن

کاتن ۾ ضم ڪن ته ڪهڙن اصولن هيٺ ڪن، ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ ڪم ڪندڙ سڀ ملازم هڪ سينارٽي ۽ پي اسڪيل جي معيار مطابق ڪم ڪندڙ آهي، ان ڪري NCHD جي ملازمن جو معيار ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي هيٺ مقرر ڪجي ۽ ڪهڙن ملازمن کي ڪهڙن ڪهڙن اسڪيلز تي رکجي ۽ ٻيو اهو سوال ته مختلف کاتن ۾ اڳ ئي ڪم ڪندڙ ملازمن جي ترقي واري رفتار نه رڳو وقتي طور جهڪي ٿيندي پر ترقي نه وٺڻ جي قرباني ڏيڻي پوندي.

بهرحال جيستائين وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ڪنهن نتيجي تي پهچن NCHDجي سنڌ صوبي جا ملازم اڳ جيان هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ هلائي رهيا آهن، احتجاجي مظاهرن کانپوءِ هو هاڻي هڪ مهيني کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ هڻي ويٺل آهي، جتي سنڌ صوبي جي 23- ضلعن کان لڳ ڀڳ 3- سو ملازم هڪ منصوبابندي سان پنهنجي واري سان ڪئمپ ۾ شامل ٿين ٿا. هي سٽون لکڻ وارو ڏينهن ملازمن جي احتجاج جي ٻئين  مهيني جو پهريون ڏينهن آهي، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ويٺل هي ملازم هر هفتي پنهنجو ياداشتنامو اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ لاءِ وزيراعليٰ           ۽ گورنر سنڌ جي هائوس تائين  پهچڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. پر پوليس روايتي اندار برقرار رکندي کين لٺين، شيلنگ ۽ پاڻيءَ جي ڦوهارن وسيلي سائو ڪري، واپس ڪئمپ ۾ واڙيو ڇڏي، اڄ يعني ڇنڇر واري ڏينهن به پوليس نيشنل ڪميشن جي متاثر ملازمن جا لٺين سان پٺا سيڪيا آهن، شيلنگ، هوائي فائرنگ، ۽ پاڻي جي تيز رفتار ڦوهارن وسيلي جيڪا انسانيت جي تذليل NCHD جي ملازمن سان ٿي رهي آهي، اها روش جمهوري حڪومت جي ڪڌن ڪارنامن جي الڳ تاريخ رقم ڪري رهي آهي.

جيتوڻيڪ هنن ملازمن جو احتجاج بنهه پرامن  آهي ۽ سندن نعريباي ۾ ڪٿي به حڪومت خلاف وڃڻ جو تاثر به نه ٿو جڙي پر پوءِ به خبر ناهي ڇو گذريل هڪ مهيني ۾ ٿيندڙ پنج ڀيرا مارچ دوران پوليس جي لٺبازي ۽ هوائي فائرنگ ۾ هن وقت تائين 20 ملازم زخمي ٿي چڪا آهن ۽  3 مختلف ايف آءِ آرز ۾ 92 ملازمن تي ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، ٻئي پاسي حڪومتي حلقن جي بي حسي ۽ ڪن لاٽار تعجب ۾ وجهندڙ آهي. ايئن ناهي ته ڪو هي ملازم پهريون ڀيرو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر هن کان اڳ ملڪي سطح جو احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي چڪوآهي، جتي ٻين صوبن جا ملازم پڻ احتجاج ۾ شامل هئا پر سنڌ جا ملازم اسلام آباد ۾ سنڌين جي حاڪميت واري ڏڍ تي احتجاج ۾ پيش پيش هئا. اها ڳالهه نظر ۾ رکندي باقي ٽن صوبن جا ملازم اچي اسلام آباد  ۾ قائم ڪئمپ تي ويٺا ته جيئن سنڌين پاران احتجاج ۾ هئڻ سبب وفاقي حڪومت سندن مسئلو ڪجهه ڏينهن اندر حل ڪري وٺندي، پر پوءِ اها خوش فهمي به تڏهن جلد ختم ٿي وئي، جڏهن ڪيترن ڏينهن تائين سندن ڪئمپ تي حڪومت جو برجستو ڪو اڳواڻ ته پري پر حڪومت سان لاڳاپيل ڪو هوائي  توائي وڏيرو به لڙي ڪو نه آيو.

حڪومت جي لاتعلقي ۽ عدم دلچسپي تي حيرت ئي کائي سگهجي ٿي، جو نه رڳو ايڏي وڏي اداري جي هزارين ملازمن جون نوڪريون داءَ تي لڳل آهن، پر هزارين پرائمري اسڪول ٻيهربند ٿي ويا آهن، جتي 2- لک کان وڌيڪ ٻار پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي ويندا.

“افيئر” پاران حاصل ڪيل ڄاڻ مطابق نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ 490- ڪميونٽي فيڊر اسڪولز هلائي رهي آهي، جڏهن ته ڪميشن تعليم کاتي جا بند پيل اهي 3577 پرائمري اسڪول فيڊر ٽيچر مقرر ڪري ٻيهر هلائي رهي هئي، جيڪي اسڪول سالن کان استاد نه هئڻ سبب پيل هئا، نيشنل ڪميشن جي اختيارين کان “افيئر” کي مليل ڄاڻ مطابق اهڙن اسڪولن ۾ 2- لک کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، هن وقت استادن کي ريگيولر پگهارون نه ملڻ ۽ احتجاج ۾ شامل هئڻ سبب ذڪر ڪيل لڳ ڀڳ 4- هزار اسڪول بند آهن، جتي ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت آهي، جنهن جي معاملي کان لاتعلقي ۽ ڪن لاٽار جو اندازو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته NCHD جي ملازمن جي احتجاجي ڪئمپ، جيڪا سنڌ اسيمبلي کان چند قدمن جي مفاصلي تي آهي، انهن وٽ هن وقت تائين ڪو به ذميوار ماڻهو ٺلهو دلاسو ڏيڻ لاءِ به لڙي ناهي آيو، حيرت ۽ افسوس جو مقام آهي، جو گذريل هڪ مهيني کان پوليس هر آئي ڏينهن ملازمن تي بدترين تشدد ڪري رهي آهي، اهڙا ڀيانڪ منظر هر روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن، جڏهن ته پوليس جو هر تشدد ٽي وي چينل سنڌو سنئون نشر ڪري رهيو آهي، پر هي جمهوري حاڪم معاملي کان ايئن لاتعلق بڻيل آهن، ڄڻ ته هنن ملازمن جو سنڌ پرڳڻي سان تعلق هجي ئي نه ۽ نه ئي داءَ تي لڳل 4- هزار اسڪول ۽ 2- لک ٻارڙن جو تعلق پاڻ سان هجي ئي نه، حڪومت جي اهڙي روش، احتجاج تي ويٺل ملازمن کي مايوس ضرور ڪيو آهي پر ٿڪايو هرگز ناهي، جيڪي گذريل رات به محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي تصوير جي سامهون سوين ڏيئا روشن ڪري کيس اٽي، لٽي ۽ اجهي سميت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ حڪمرانن لاءِ سفارشون ڪري رهيا هئا.

جيتوڻيڪ ان نوعيت جو هي ڪو پهريون احتجاج ناهي، هن کان اڳ تعليم کاتي، هيلٿ، پبلڪ سميت مختلف کاتن جا ملازم پنهنجي ترقين، نوڪريون پڪيون ڪرڻ سميت مختلف مطالبن هيٺ احتجاج ڪندا رهيا آهن پر نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ اداري جي ملازمن جو ڪيس ڪافي مختلف آهي، جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته گذريل چئن سالن کان نيشنل ڪميشن بغير ڪنهن طئي ڪيل رخ يا مقصد جي هلڻ بجاءِ ڀٽڪندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي اچڻ کان چند ڏينهن پهريانNCHDجي ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جا ليٽر ڏنا ويا ۽ پ پ سرڪار به مشرف جي ساڳئي فيصلي جي تائيد ڪندي نظر آئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ سرڪار ملازمن تي رحم کائيندي يا خبر ناهي ته پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ اداري کي ٻيهر هلائڻ جو فيصلو ڪيو پر اهو فيصلو اٽل فيصلي بجاءِ وقتي ثابت ٿيو.

اصل ۾ هن اداري جي بدقسمتي فقط اها آهي ته هن جو قيام اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف هڪ آرڊينينس نمبر XXIV هيٺ 2002 ۾ عمل ۾ آندو. هن اداري جو بنيادي مقصد ان وقت قائم ڪيل ضلعي حڪومتن جي تعليم جي شعبي، صحت، ڪميونٽي ڊولپمينٽ سميت انساني ترقيءَ واري عمل ۾ مد ڪرڻ هو ۽ شروعاتي طور تي پاڪستان جي ٻين ضلعن سميت سنڌ صوبي جي گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ٺٽو،  ۽ بدين ۾ به شروع ڪيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ٻن وڌيڪ مرحلن ۾ پاڪستان جي سڀني ضلعن سان سنڌ جي به سڀني ضلعن تائين ڦهلجي ويو. اها حقيقيت آهي ته مشرف پنهنجي دور اقتدار تائين نيشنل ڪميشن فار هيومن کي هڪ سگهاري اداري طور روان دوان رکيو پر بدقسمتي سان مشرف سرڪار وڃڻ کانپوءِ ترت جڙندڙ پ پ سرڪار هن اداري کي مڪمل وسيلن ۽ اختيارن بجاءِ مالي ۽ انتظامي طور بنهه ڪمزور ادارو ڪري هلايو. هتي هڪ ٻي بدقسمتي اها ٿي ته پ پ حڪومت هن اداري کي به مڪمل ڪنٽرول ۾ ائين رکيو جئين ٻيا ضلعي ادارا حڪومت جي مڪمل هٿ وس آهن، اصل ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جو قيام  عمل ۾ آيو ئي ان ڪري هو ته جيئن حڪومت جي ڪمزور کاتن جنهن ۾ خاص طور تعليم کاتي کي هٿي وٺرائجي پر جيئن NCHD خود پاڻ مڪمل سرڪاري کاتو بڻجي وڃي، جنهن سبب هن اداري جو قيام جو بنيادي جواز ئي ختم ٿي ويو. بظاهر ته NCHD کي هلائڻ لاءِ ادارتيManagementپنهنجو ڪم جاري رکيو، جنهن هيٺ ضلعن جا ڊسٽرڪٽ جنرل مئنيجر، صوبي تي ڊائريڪٽ آپريشن ۽ مرڪز ۾ نفيسا شاهه چيئرمين جي حيثيت ۾ موجود هيون پر سرڪاري سطح تي هڪ ٻي متبادل قوتون بڻجي چڪيون آهن، جيڪي پڻ ضلعن کان ويندي مرڪز تائين NCHD کي مڪمل ڪنٽرول يا ضابطي ۾ رکنديون آيون، ضلعي سطح تي لاڳاپيل وزير يا ايم اين اي، صوبائي سطح تي پير مظهر الحق، چيف منسٽر، فريال ٽالپر ۽ مرڪز ۾ به فريال ٽالپرNCHD جا انتظامي معاملا پنهنجي هٿ کڻي ورتا. حد ته اها هئي ته نه رڳو ضلعي آفيسر پر 2500 رپين تي مقرر فيڊر ٽيچر جون مقرريون به هر ضلعي پاران صوبائي سطح تي ٿيڻ لڳيون، ايئن ٻن سالن ۾ NCHD جيالن يا انهن جي مٽن مائٽن سان ڀرجي وئي، اهڙي حالت کانپوءِ اهو سمجهڻ گهڻو مشڪل ته ناهي اداري جو انجام ڇا ٿيڻ کپي؟- ۽ ائين ئي ٿيو. فقط ٻن سالن ۾ NCHD ڌڪي تي هلندڙ پراڻي گاڏي بجاءِ هاڻي ته مڪمل تباهه ٿيل گاڏي جيان روڊ ڪناري بيٺل آهي، جڏهن ته کاتي جا ملازم اهڙي بس ۾  سوار ٿيل مسافرن جيان گاڏي جي ٻيهر هلڻ جي انتظار ۾ حيران ۽ پريشان آهن.

هن و قت صورتحال اها آهي ته گذريل هڪ سال کان NCHD ۾ ڪو به ڪم نه پيو ٿئي، جو ملازمن جي پگهارن کانسواءِ آپريشنل بجيٽ زيرو آهي، جنهن سبب سڀ ملازم رڳو آفيسن  ۽ پنهنجن گهرن تائين محدود آهن، جڏهن ته ڪنهن جون پگهارون ريگيولر ڪونهن، هر ٽن چئن سالن کانپوءِ پگهارون اچن ٿيون، ايئن فيڊر ٽيچرس سميت ٻيا ملازم پگهار کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به نه پيا ڪن. جيئن ته اسڪولن جي نگراني نه ٿيڻ سبب اڪثر فيڊر اسڪول به بند پيل آهن ۽ استاد پگهارون وقت سر نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي گهر ويٺل آهن، جڏهن ته بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل ملازمن جو هڪ ئي نعرو آهي ته سرڪار نيشنل فار هيومن ڪميشن ڊولپمينٽ کي ايئن برقرار رکي جيئن هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي برقرار رکيو ويو آهي ۽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو وڃي  جن جو تعداد لڳ ڀڳ 6- هزار آهي. جيتوڻيڪ 18-هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبائي سبجيڪٽ قرار به ڏنو ويو  آهي پر ملازمن پاران اسلام آباد ۾ ڪيل زوردار احتجاج سان گڏ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ به درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جتان الڳ الڳ فيصلا ٿيا.

احتجاج کانپوءِ حڪومت پاران ڪيل فيصلو:

جولاءِ-آگسٽ 2011 ۾ ملازمن پاران ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتجاج کانپوءِ مجبورن ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ احتجاج جو زور ٽوڙڻ لاءِ ساڻن ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ڪيون ۽ اڻپورا فيصلا ٻڌائي کين مطمئن ڪيو ويو. 2- آڪٽوبر 2010ع تي مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ملازمن جي ڌرڻي ۾ اچي کين ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. خورشيد شاهه پاران ڪيل اعلان مطابق NCHD جي سڀني ملازمن کي “پروفيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ (P&TT) جي نالي سان جڙندڙ نئين وزارت جي هٿ هيٺ ڏنو ويو، سيد خورشيد شاه کين ان وقت حڪومت پاران نڪتل نوٽفڪيشن پڻ ڏيکاريو، جيڪو خبر ناهي ڪهڙي مقصد هيٺ هو پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. پر اڄ ڏينهن تائين6- مهينا گذري وڃڻ باوجود ان ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي. خبر ناهي ته اهو نوٽيفڪيشن ڪوڙو هو يا وري اهو بعد ۾ واپس ورتو ويو. بهرحال ان ڏس ۾ هن وقت تائين ڪا به اميد باقي ناهي رهي.

سپريم ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي ۾ فتح:

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 22- آڪٽوبر 2011ع تي ملازمن ۽ اداري جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ نيشنل ڪميشن کي برقرار رکندي ڪميونٽي سطح تي کوليل اسڪولن تي هر حال ۾ هلائڻ ۽ ٻارن جي بنيادي تعليم سميت اداري جي ملازمن کي فارغ نه ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو پرپوءِ به اداري کي ايڊهاڪ طور چند مهينن جي بجيٽ تي هلايو پيو و ڃي ۽ هلائڻ چئجي يا کڻي ايئن چئجي ته ادارو بند پيل آهي، فقط ملازمن کي گهر ويٺي پگهارون ڏنيو پيون وڃن ۽ اهو سلسلو به 11-2012ع جي پڄاڻي تائين، جڏهن ته هي سلسلو به برقرار رهيو ته پوءِ جولاءِ 2012 واري سالياني بجيٽ کان اڳ شايد سرڪارNCHDملازمن جون پگهارون ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏي.

جيتوڻيڪ NCHD ملازمن جو احتجاج دوان دوان آهي. پر هتي هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. خود اداري ۾ “ٻن سوچن واري عمل” جنم ورتو آهي ۽ نتيجي ۾ NCHD جا ملازم ٻن ڌڙڻ/ڪئمپ ۾ ورهايل آهن. هڪ ڪئمپ ۾ هيڊ آفيس ۽ صوبائي آفيس جا اعليٰ عملدار آهن، جن جو خيال آهي ته سڀ ڪجهه سرڪار تي ڇڏي ڏجي، جيڪو سرڪار چاهي اهو فيصلو ڪري. جڏهن ته ٻي ڪئمپ ۾ ضلعي آفيسر استاد آهن، جن جو خيال آهي ته ڀرپوت احتجاج وسيلي ئي NCHD کي جيئدان ملي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ملازمن پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج کي سرڪار پنهنجي خلاف تصور ڪري، مرڪزي آفيس کي هدايتون ڏنيون آهن ته احتجاج ختم ڪرايو وڃي، جڏهن ته اسلام آباد آفيس جا اعليٰ عملدار به ان خيال جا آهن ته جي سرڪار اداري کي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ته پوءِ هو انهن ڳرين پگهارن کان محروم ٿي ويندا، جيڪي هو هن وقت کڻي رهيا آهن. ان ڪري اسلام آباد آفيس پاران ڪراچي واري احتجاجي ڪئمپ ختم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب  اسلام آباد ۽ ڪراچي آفيس پاران روزاني بنياد تي سڀني ضلعن ۾ فون ڪري ملازمن جي حاضري لڳائي پئي وڃي، جڏهن ته گذريل جمعي واري ڏينهن اسلام آباد جي اعليٰ عمدارن پاران سنڌ جو دورو ڪرڻ جو تڪڙو شيڊول جاري ڪندي سڀني ملازمن کي هدايتون ڏنيون ويون ته سندن دوري دوران جيڪڏهن ڪو ملازم غيرحاضر نظر آيو ته هو پنهنجي نوڪري جو خير نه گهري، اهڙي کڙڪ پوڻ تي NCHD جي ملازمن پاران جوڙيل ايڪشن ڪاميٽي جو گذريل ڏينهن هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد مان ڪهي اچڻ تي NCHD جي اعليَ اختيارين جو ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ نوابشاهه ايئرپورٽ تي امڪاني لينڊنگ دوران بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪرڻ سميت احتجاج جاري رکڻ جا فيصلا ڪيا ويا. آخري اطلاعن تائين مليل ڄاڻ موجب NCHD اسلام آباد جي اعليٰ اختيارين ملازمن جي امڪاني رد عمل سبب سنڌ جو دورو وقتي طور منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن پ پ پاران نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن نفيسه شاهه 25- اپريل 2012ع تي احتجاجي ڪئمپ جي ڪيل دوري دوران ملازم سان عهد ڪيو آهي ته هو 30 اپريل تائين وزيراعظم کان NCHD کي HEC جي طرز تي بحال ڪرائڻ جو اعلان ڪرائي وٺندي، جڏهن ته ملازمن اسلام آباد ۾ڪيل خورشيد شاهه جي اعلان کي نظر ۾ رکندي نفيسه شاهه جي هن اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته احتجاج جاري رکندا. ڏسجي ته سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت ڪڏهن ٿي هنن ملازمن ڏانهن ڌيان ڏئي، جيتوڻيڪ ان ڳالهه جا امڪان بنهه گهٽ به آهن پر ملازمن جي احتجاج ۾ جو ش ۽ جذبو برقرار رهيو ته سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار لاءِ گهڻي دير تائين هن مسئلي کان لاتعلق رهڻ بنهه مشڪل هوندو.

جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جا عملدار NCHD واري معاملي کي انتهائي پيچيده سمجهي رهيا آهن پر منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته NCHD کي صوبي سطح تي الڳ ڪميشن جوڙي نه رڳو ملازمن کي پڪو ڪري سگهي ٿي، پر سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي ڪناري پهچائڻ لاءِ ڪميشن جي 10- سال تجربو رکندڙ ملازمن کان ونجهه وارو ڪم وٺي سگهي ٿي. اصل ۾ تعليم صوبائي سبجيڪٽ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت تعليم پاليسي جوڙي ۽ سنڌ ۾ تعليم جي فروغ جنهن ۾ ٻارن جو سو سيڪڙو داخلا، ڊراپ آئوٽ روڪڻ ۽ معياري تعليم جي حاصلات لاءِ صوبائي سطح تي Provincial Education Commission for Human Development (PECHD) جو اعلان ڪري ۽ NCHD ملازمن کي ان ۾ ضم ڪري.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو