Home / ڪور افيئر / مون اهڙا مڙس مٿير ڏٺا بشير قريشي جي جهدوجهد جو عوامي رنگ
above article banner

مون اهڙا مڙس مٿير ڏٺا بشير قريشي جي جهدوجهد جو عوامي رنگ

جيئن ڪنهن کي اوچتو اچي ڪو هانءُ ۾ ڌڪ لڳي، بشير خان قريشي جي شهادت کي سموري سنڌي قوم ايئن محسوس ڪيو. هو جيڪو قومي تحريڪ جو راڻو هو جنهن جو ماروئڙن سان وچن ۽ واعدو سون جي سڪي وانگر پڪو ۽ جٽادار هو. جيڪو قافلو ڏيئا ڏيئا ٿي ٻريو هو، ان کي هن پنهنجي ڄمار، اوجاڳا، وسيلا ۽ حياتيءَ جو پل پل ۽ آخر ۾ پنهنجو رت ڏيئي به جلائي رکيو. “ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ”.

هو 23 مارچ واري فريڊم مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ مون وٽ اَمڙ جي تعزيت لاءِ آيو هو ته مون کيس خاڪن تي مشتمل ڪتاب “فاني جڳ لافاني ماڻهو” کيس ڏنو، ڪتاب جو ٽائيٽل ڏسي سرهو ٿي چيائين “چاچي حفيظ قريشي تي به لکيو اٿيئي” مون چيو ها! سائين ٻه مضمون لکيا اٿم. ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ اسانجي دوست آصف بالاديءَ وراڻيو ته “سائين-! اهو ڪتاب اڃا مڪمل ناهي، حميد کي ٻيا پروفائيل به لکڻا آهن، پهرين وڏن اڳواڻن جا ۽ پوءِ ننڍن جا” جيڪو ٻڌي سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ٻن هفتن کان پوءِ هي آزاديءَ جو مسافر، سيد کان صلاحون وٺڻ ۽ کيس پنهنجي ڪم جي رپورٽ ڏيڻ لاءِ روانو ٿي ويندو ۽ مونکي سندس جو ئي پروفائيل ڏڪندڙ هٿن ۽ لڙڪ ڀنل اکين سان ويهي لکڻو پوندو.

جيئن ول ڊيورانٽ لکيو آهي ته “طاقت اڌ جينيس آهي. باقي اڌ ان کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ سڪندر اعظم سراسر توانائي هو”. اها ساڳي ڳالهه بشير خان لاءِ به چئي سگهجي ٿي. هو 24 ڪلاڪن مان 20 ڪلاڪ قومي تحريڪ کي ڏيندو هو ۽ تمام ٿوري ننڊ ڪندو هو، شايد هو انهن تمام ٿورن انسانن منجهان هو جن جي لاشعور ۾ اهو سمايل هوندو آهي ته کين قدرت تمام ٿوري وقت لاءِ هن ڌرتيءَ تي اماڻيو آهي. ان ڪري سڄو وقت پنهنجي ماڻهن جي خدمت ۽ انهن جي حقن واري جهدوجهد کي ڏيڻو آهي انهي ڪري هن جو شوق، عشق توڙي سوچ سنڌ ۽ سيد جي فڪر سان سلهاڙيل هئي. ننڊ کان هن کي چڙ هئي. شايد هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته لافاني ڪردار، هيروز ۽ ديوتا آرام نه ڪندا آهن.

هن کي ته اهو افسوس به نه ٿيو هوندو، جيڪو سڪندر کي آرام ۾ وقت وڃائڻ سبب ٿيو هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو هر پل، گهڙي ۽ ڏينهن پنهنجي ساهه جي تند سميت سنڌ کي ارپي ڇڏيو هو. سنڌ کي جيئن هن پنهنجي ساهن، گفتن ۽ اکين جي اوتارن ۾ سمائي ڇڏيو هو. ايئن شايد سنڌ به کيس پنهنجي دل، روح ۽ تاريخ ۾ جاءِ ڏني هئي. نه ته اهو معجزو ڪيئن ٿئي ها جو سڄي سنڌ هن جي جسماني وڇوڙي تي اکين جا نير ڀڃي ۽ ڌڌڪا ڏئي نه روئي ها-!!

10 آگسٽ 1959ع جو غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو هي شهزادو جڏهن 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو شاگرد ٿيو ته هي سنڌ جي ٻين شاگردن وانگر لا ابالي ۽ پنهنجي ڌن ۾ مگن رهندڙ نوجوان هو. سندس سفر ڪلاسن کان هاسٽل جي ڪمري، ڪينٽين ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيسانا موري واري پڪنڪ پوائنٽ تائين هوندو هو. کيس جساف جو ميمبر شهداد ڪوٽ واري الطاف تنئي ڪيو هو ۽ پوءِ سڄي حياتي ان جو نالو احترام سان وٺندو هو. ان سان هن جي سنگت هوندي هئي ميمبر هوندي به بشير خان ڪو گهڻو سرگرم نه ٿيو هو ۽ يونيورسٽي جي شامن ۾ جڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ وڌي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن سڀ دوست گڏجي سنڌ جي روايتي ٿاڌل به پيئندا هئا ۽ رات جو ڊيري فارم تي وڃي کير پيئڻ جا مقابلا ٿيندا هئا. هڪ مقابلو ته مونکي به ياد آهي جيڪو بشير خان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳواڻ فضل بنگوار جي وچ ۾ ٿيو هو. هن ۾ غير معمولي تبديلي ان ڏينهن آئي هئي، جڏهن هو جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو هو. هن واندڪائي وارا ڀوڳ ٺڪاءُ، کيسانه موري واري تفريح سميت ڪڏهن ڪڏهن واري ٿاڌل پيئڻ به ڇڏي ڏني هئي ۽ پنهنجو سمورو وقت تنظيم کي ڏيڻ لڳو هو ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جساف جي سڀني تنظيمن کان اڳتي نڪري ويئي.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات شايد 1984ع ۾ سن ۾ ٿي هئي، جتي جساف جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس رکيل هو. اجلاس کان پوءِ اسان سڀ گڏجي سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ ويا هئاسين ۽ درياهه جي ڪناري تي بيهي گروپ فوٽو به ٺهرايو هيوسين، ان تصوير ۾ سنهڙ و قدآور ۽ خوبصورت بشير خان نمايان آهي. وهنجڻ وقت جساف جو تڏهوڪو مرڪزي صدر شفيع ڪرناڻي سڀني کي ڌمڪيءَ جي انداز ۾ هدايتون ڏيئي رهيو هو ته وهجندي درياهه ۾ گهڻو اڳتي نه وڃجو. ڪجهه ٿيو ته پارٽيءَ وٽ توهانکي گهر پهچائڻ جا پئسا به ڪونهن.

ان کان پوءِ به مختلف هنڌن تي ٿيل اجلاسن ۾ ملاقات ٿيندي هئي.

بشير خان قريشيءَ جي شخصيت ڀرپور طريقي سان تڏهن اڀري آئي هئي جڏهن 1985ع ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي سبب جيئي سنڌ جي لڳ ڀڳ سموري قيادت گل محمد جکراڻي، شفيع ڪرناڻي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري جيل هليا ويا هئا. نتيجي ۾ جساف جي سموري واڳ بشير خان قريشي حوالي ٿي ۽ 1986ع ۾ کيس پهريون ڀيرو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو مرڪزي صدر ۽ پوءِ سندس، عوامي ۽ ڪارڪنن ۾ مقبوليت ۽ محبت آڏو ڪو به بند ٻڌجي نه سگهيو. هو پنهنجي پيش روئن کان به گهڻو اڳتي نڪري ويو ۽ بغير ڪنهن وڌاءُ جي قومي تحريڪ ۾ گذريل 25 سالن کان سندس قد، ڪاٺ، مرتبو ۽ اهميت مسلسل وڌندي ئي رهي ۽ هو گهڻن جهونن جوڳين کان پنهنجي بهادري، توڙي، سچائي ۽ جاکوڙي ڪردار سبب وڌيڪ اڀرندو ۽ نکري نروار ٿيندو ويو.

86 جو اهم واقعو اهو به هو ته ملڪ تي ضيا شاهي، جي اونده ڇانيل هئي ۽ جيئي سنڌ جا ڪارڪن جيلن، ٽارچر سيلن ۽ ڦٽڪن واري ٽڪٽڪيءَ تي ٻڌل هئا، انهن ڏينهن ۾ آمر ضيا کي الائي ڪهڙو ريچڪ آيو جو وزيراعليٰ غوث علي شاهه کي چئي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه روڪرائڻ لاءِ D.C کي چئي سن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ D.C بذات خود ليٽر کڻي اچي سائين جي ايم سيد کي ڏنو. سيد ليٽر ڊي سي کي واپس ڏيندي تڏهوڪي وزير اعليٰ لاءِ جيڪي گفتا چيا، تنهن بعد ڊي سي خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري ويو ۽ پوءِ سيد تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس گهرائي راءِ ورتي ته هاڻي ڇا ڪيو وڃي-؟ گهڻن اڳواڻن چيو ته سائين سالگرهه جو پروگرام نه ٿيڻ گهرجي، اجائي خونريزي ٿيندي ماڻهو مرندا؟ وغيره جڏهن بشير خان جو راءِ ڏيڻ جو وارو آيو ته چيائين “سالگرهه ٿيندي رت جا درياهه وهن ٿا ته اهي به وهندا” سائين جي ايم سيد وراڻيو مان بشير خان جي راءِ سان سهمت آهيان، وڃو ان جي تياري ڪريو.

ان کان پوءِ ستت ئي سنڌ ۾ نسلي فساد ٿيا ۽ هڪ نسل پرست تنظيم سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ۽ حيدرآباد ۾ ئي سنڌين جو ويهڻ وههُ ٿي ويو. سازش ڪنهن جي به هئي پر ان تنظيم اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ڪنهن به سياسي تنظيم کي کنگهيو به نه ٿي. هي اُهي ڏينهن هئا جن بابت عبدالواحد آريسر “چانڊوڪيون ۽ چيٽ” ۾ لکيو هو ته “توهان پنهنجي دليري جا قصا بيان ڪندي نٿا ٿڪجو پر سنڌي به اها قوم آهي جن هڪ ۾ ڏينهن پنهنجا 20 هزار ڪونڌر ڪهايا ۽ ڳائي وڄائي دفنايا.” توڙي جو گهڻو پوءِ آريسر الائي ڪهڙو خيال من ۾ رکي انهن جي پروگرامن ۾ راجستاني پٽڪا ٻڌي ويهي رهيو-!!؟ پوءِ بشير خان سندرا ٻڌي انهن قوتن سان وڃي هٿ اٽڪايا ۽ موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ويهي رهيو. هُن ۽ سندس ساٿين کي خراج ته تاريخ پاڻ ڏنو آهي، انهن جهيڙن ۾ هن ۽ سندس دوستن شهادت جي آواز کي دروازي جي ٺڪ ٺڪ وانگر ٻڌو هو. انهي جي نتيجي ۾ اُهي قوتون جيڪي سنڌين سان ڳالهائڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ جي موڊ ۾ به نه هيون پاڻ ئي اچي سيد وٽ حاضر ٿيون ۽ سيد جي پيرن ۾ ويهي ڊرامي بازيءَ جي انداز ۾ سهي پر اَمن جي خيرات گهرڻ لڳيون. اهي ڏينهن هئا جڏهن ڪراچي ايندي سائين جي ايم سيد حيدرآباد ۾ ترسيو هو جتي ٻين صحافين سان گڏ سنڌ جو ديده ور ۽ محب وطن صحافي جي اين مغل به سائين سان مليو هو، جتي هن پهريون ڀيرو بشير خان کي ڏٺو هو ۽ چيو هئائين مونکي بشير خان جي اکين ۾ سنڌ نظر اچي رهي آهي ۽ اها سنڌ سدائين هن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل رهي ۽ موت به ان جو تصور ۽ تصوير هن کان ڇني نه سگهي.

انهي کان پوءِ جي سڀني سالن ۾ به هو جساف جو مرڪزي صدر رهيو. توڙي جو جساف ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجو ڌڙو الڳ ڪري ورتو. اسان پڻ ان جو حصو هئاسين، پر بشير قريشي سمورين صلاحيتن سميت جهدوجهد ۾ جٽيو رهيو. اسان سياسي طور تي هن سان اختلاف ۾ رهياسين، پر سندس ملڻ جي انداز، محبت، مزاج ۾ ڪڏهن به گهٽ وڌائي نه آئي. هو هر ڪنهن سان ڳراٽڙي ۽ وڏا ڀاڪر پائي ملندو هو. منهنجو خيال آهي ته ويٺي هٿ ته هن ڪنهن ٻار کي به نه ڏنو هو.

ها! هو قومي ڪارڪنن جو “وڏو” ۽ سيد جو “لاڏلو” ضرور هو، سائين جي ايم سيد جي ويجهو رهندڙ سڀني سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ياد هوندو ته 1992ع ۾ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ ٿيل سالگرهه ۾ سيد ڪيئن بي صبريءَ ۽ پيار مان هن جو انتظار ڪيو هو ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ملهايل آخري سالگرهه جو خطبو کيس پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ڇا سيد جي اندرين اک هن شخص ۾ اها مڻيا ڏٺي هئي، جنهن کي هو پنهنجي تصوف جي ٻوليءَ ۾ “صالح” چوندو هو؟ ڇا اها علامت نه هئي ته سيد جي ٻاريل لاٽ کي، هو سادو سودو، سٻاجهو ۽ محبتي انسان نه رڳو اجهامڻ نه ڏيندو. پر ان کي هڪ وڏي ڀنڀٽ ۽ مچ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ان ڪري سيد کيس علامتي انداز ۾ پنهنجو فڪري ۽ روحاني وارث قرار ڏنو هو. سيد جيڪو سدائين چوندو هو ته مان ڪنهن کي به پنهنجي تحريڪ جو اڳواڻ نٿو چونڊيان جيڪو صالح هوندو، اهو پاڻ ئي اها جاءِ وٺندو. ۽ مونکي اجازت ڏيو ته مان لکان ته سيد جو “صالح” ڪردار بشير قريشي ئي هو. جنهن سندس فڪر کي عوامي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪوشش ڪئي ۽ سوڀارو ٿيو. جيڪو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۽ وستي واهڻ ۾ ويو ۽ سنڌي قوم جون دليون کٽي آيو. اسان جي هڪ يادگار ڪچهري سندس گلشن حديد واري گهر ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ نصير ميمڻ، آصف بالادي، ارشاد ميمڻ ۽ دوست همسفر گاڏهي ۽ آئون شريڪ ٿيا هئاسين اها ڪافي دلچسپ، ڀرپور ۽ ڪارائتي ڪچهري ٿي. ان ڪچهري ۾ جڏهن 7 نومبر واري ڪامياب مارچ جو ذڪر نڪتو ته پاڻ بيحد سادگي ۽ دل جي گهرائي سان چيائين سائين! اسان اهڙن ڪامياب ميڙن لاءِ باقائده پورهيو ڪندا آهيون در در تي وڃي سنڌي ماڻهن کي شريڪ ٿيڻ لاءِ عرض رکندا آهيون.

هن 1992ع ۾ جڏهن شاگرد سياست کي خيرآباد چئي عملي سياست ۾ پير پاتو ته جيئي سنڌمحاذ جي تنظيمي جوڙجڪ ۽ دوستن جي رويي ۾ هن پنهنجي لاءِ ڪا گهڻي گنجائش نه ڏني. ۽ نتيجي ۾ سيد جي انهن “ڏنگن ٻارن” جيئي سنڌتحريڪ جي نالي سان پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي جنهن جو صدر گل محمد جکراڻي ۽ نائب صدر بشير خان قريشي ٿيو. 1995 ۾ سيد جي وصال وقت هو جيل ۾ هو. جتان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ کي هدايتون ڏئي موڪليو ته ڳاڙهي جهنڊي ۽ سيد جي رهبري مڃڻ وارا سڀ ڌڙا گڏجي هڪ تنظيم ٺاهين ته هو ان ۾ غير مشروط طور شريڪ ٿيندا ۽ عهدي وغيره جي به ڪا گهر نه هوندي ائين 95 ۾ سيد جي چاليهي جي موقعي تي جسقم وجود ۾ آيو، جنهنجو پهريون ڪنوينر عبدالواحد آريسر ۽ ڊپٽي ڪنوينر بشير خان قريشي ٿيا هئا. ان کان پوءِ هو ان جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ پوءِ 1998 کان آخري گهڙيءَ تائين چيئرمين رهيو.

اها جدا ڳالهه آهي ته انهن پندرهن سالن ۾ جسقم مان الائي ڪيترا ڌڙا نڪتا، پر بشير قريشيءَ جي قيادت سبب جسقم ويرو وير وڌندي ئي رهي. هن بهادر انسان ۽ قومي تحريڪ تي پنهنجي وقت، وسيلن ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندڙ هن اڳواڻ سان سندس ٻين هم عصر اڳواڻن جو رويو اهڙو رهيو جهڙو حضرت يوسف رضه سان سندس ڀائرن جو! پر هن هر دل عزيز شخص، جاکوڙي ڪردار تنهن 24 ڪلاڪ سرگرم رهندڙ مزاج مان مايوس ٿي وڃي پنهنجي الڳ ديڳڙي رکي پنهنجي ڌڙن جا اڳواڻ ٿي ويهي رهيا. پر هن سياسي اختلافن کي ڪڏهن به شخصي انداز ۾ نه ورتو “ڪهاڻي هڪ رات جي” واري ڪتاب تي هو ڏکارو ٿيو هو ۽ هڪ ٻئي دوست جي شخصي بهتان بازي تي ته هو ڌڌڪار ڏيئي رنو هو. پر پوءِ به مايوس نه ٿيو هو ۽ نه ازل کان ڪيل وچن کي پٺي ڏني هئائين اهو سچ آهي ته قومي تحريڪ ۾ هن کان وڌيڪ متحرڪ ۽ جهدوجهد ڪندڙ اڳواڻ ٻيو ڪڏهن ۽ ڪو به نه رهيو آهي. هو 32 سالن کان مسلسل جهدوجهد ۾ رهيو، ان عرصي دوران 10 سالن تائين مختلف وقتن تي جيل ۽ ٽارچر سيلن جون سختيون پڻ برداشت ڪيون ۽ آڙا ٻيڙين سبب سندس پنين ۾ ڦٽ ٿي پيا هئا، جن جا نشان آخر تائين رهيا. هن وڏا ڪشالا ڪڍيا هئا، سر جون سٽون هنيون هيون عوام ۽ ڪارڪنن جي محبت، اعتماد ۽ عقيدت کيس راتورات ۽ مفت ۾ پلئه نه پيون هيون هو جيڪو سنڌ جي هزارين سالن جي روايتن ۽ تهذيب جو نمائيندو هو، سندس سٻاجهي، اميد ڀري طبيعت ۽ مزاج جي تربيت ڪجهه اهڙي ٿيل هئي جو نه مون يا ڪنهن ٻئي ڪڏهن کيس مايوس ڏٺو ۽ نه ڪنهن اميد کڻي ايندڙ انسان کي هن مايوس ڪيو. “مٽي هن خمير-اصل هئي ايتري” ۽ هن جنهن گس جي چونڊ ڪئي هئي ان ۾ جيل، ڦٽڪا، ڦاسي ۽ شهادت ٻوليل هوندي آهي. هو جيڪو سدائين چوندو هو ته “يا ساهه ڏبو يا سنڌ وٺبي” ڇاڪاڻ جو کيس پروڙ هئي ته هر نسل کي پنهنجي حصي جي جهدوجهد ڪرڻي هوندي آهي باقي قومن جي تقدير کي تعبير مفت ۾ ته ڪو نه ملندي آهي-؟

هن جي ڪامياب جهدوجهد ۾ رڳو 23 مارچ وارو ڪراچيءَ جو اجتماع ناهي پر هن جو 10 آگسٽ 1998 ۾ ڪمون شهيد وٽ شهيد بي نظير ڀٽو جي لڳايل ڌرڻي ۾ هزارين ڪارڪنن سان شرڪت به تاريخي ڪارنامو هو. ۽ اهو شايد پهريون ۽ آخري موقعو هو جو شهيد بي نظير ڀٽو، جيئي سنڌ جي ڪهاڙي واري جهنڊي جي ڇانءُ ۾ بيهي تقرير ڪئي هئي. ۽ هزارين ڪارڪنن جي نعرن جي گونج ۾ بشير قريشي تقرير ڪئي هئي ۽ بي نظير ڀٽو هن قدآور ۽ سهڻي جوان کي حيرت ۽ سرهائيءَ سان ڏسندي رهي هئي. کيس ڪهڙي خبر هئي ته پنهنجي وڏڙن جي ڪيل غلطيءَ جي ڏوهه ۾ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويندو ۽ ساڳن بزرگن جي اٻوجهائي ۽ غلطين کي درست ڪرڻ جي پاداش ۾ بشير خان جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ڪيو ويندو ۽ چئن سالن بعد سندس مزار کان 12 ڪلوميٽر ڏور هن جي سرخ گلابن جهڙي مزار ٺهندي.

بشير قريشي اهڙي زندگي ماڻي، جنهن ۾ هزارين لکين ماڻهو کيس پيار ڪندا هئا، جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا ۽ اهڙي عظيم عقيدت به ڪنهن جي حصي ۾ نه آئي آهي جو ڪارڪن عقيدت سان سندس هٿن توڙي گاڏيءَ کي چميون ڏيندا هئا. ۽ اهڙو عظيم موت به ڪنهن جي ڀاڱي ۾ نه آيو آهي، جنهن ۾ هر سنڌيءَ جي دل ۾ تڏو وڇايل هجي. ۽ سندن اکيون اشڪبار هجن. هن جا لکين عاشق کيس اکين جي پنبڻين سان سجدا ڪري رهيا هئا. ۽ هن جي پيرن تي ڪنڌ لاڙي ڌڌڪار ڏيئي روئي رهيا هئا، اهي پير جيڪي سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ٿڪا نه هئا ۽ نه آرام ڪيو هئائون.

اها زندگي به عظمت ڀري هئي ۽ اهو موت به شاندار ۽ باوقار هو. هونئن به ازل جي ڌڻيءَ پينگهي ۽ قبر کي گڏ گڏ رکيو آهي. آدم جي دَم ڀلا ڪنهن سان وفا ڪئي آهي، زندگيءَ جي هنج هر ڪنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن خالي ڪرڻي آهي. پر اهو موت جنهن ۾ لکين دلين ۾ محبتن ۽ احترام جا تاج محل جڙيل هجن. هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه نٿو اچي. “جي مارڳ منجهه مرن، وڏا طالع تن جا”.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو