Home / ڪرنٽ افيئر / نام نهاد مهاجر صوبي جي نالي ۾ سنڌ ۾ نسلي فسادن جي سازش تيار
above article banner

نام نهاد مهاجر صوبي جي نالي ۾ سنڌ ۾ نسلي فسادن جي سازش تيار

 

صدر آصف علي زرداريءَ ملتان ۾ سرائيڪي صوبي لاءِ چٽو اعلان ڪندي چيو ته سندس سرڪار ئي سرائيڪي صوبو قائم ڪندي. پيپلز پارٽيءَ جي سرائيڪي صوبو قائم ڪرڻ جي پاليسي ۾ ملتان کي ان صوبي جي راڄڌاني بڻائڻ جي تجويز آهي. هڪ تجويز بهاول پور کي به راڄڌاني بڻائڻ آهي. سرائيڪي صوبي جو مطالبو پنجاب جو ورهاڱو آهي. ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ بهاول پور جي ٽن ڊويزنن تي ٻڌل سرائيڪي صوبو ٺاهي ان ۾ هڪ اڌ نيون ڊويزنون ۽ چار پنج نوان ضلعا جوڙيا ويندا. سرڪار جي تجويز ڪيل سرائيڪي صوبي ۾ ڏهه کان ٻارهن ضلعا اچن ٿا. پر صوبو ٺهڻ کانپوءِ ضلعن جو انگ پندرهن سورهن ٿي سگهي ٿو.پيپلز پارٽيءَ کان اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جو ناراض حلقو سرائيڪي صوبي تي شديد ناراض آهي. سرائيڪي صوبي جو “پلاند” ڪراچيءَ ۾ وٺڻ جي رٿابندي تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته سرائيڪي صوبي جي عيوض “مُهاجر صوبو” ڏيڻو پوندو.

اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪجهه سياسي ڌرين ۽ مافيائن کي اڳتي ڪري بليڪ ميلنگ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ سرائيڪي صوبو بمقابله مُهاجر صوبو جو تاثر پيدا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مُهاجر صوبي جو نعرو صرف هڪ نسلي نعرو آهي ڇو ته سنڌ ۾ ٻاهران ماڻهو الڳ صوبي جو مطالبو ڪن پيا جيڪي اڃا تائين پاڻ کي مُهاجر چوڻ تي فخر ڪن ٿا. مُهاجر يا پناهگير بنيادي طور تي عارضي رهاڪو هوندو آهي. هُو مقامي ماڻهن جي مهربانيءَ سبب هجرت ڪري آيو ۽ انهن جي مهرباني سبب ئي رهيل آهي. دنيا ۾ اهڙا کوڙ مثال آهن جو ملڪن پناهگيرن کي اقوام متحده جي ذريعي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ مُهاجر يا پناهگير آهن مطلب ته هُو پاڻ کي هن ڌرتيءَ جو نه ٿو سمجهي. هو پاڻ کي سنڌي تصور نه ٿو ڪري ته پوءِ کيس سنڌ مان سرڪار اقوام متحده جي ذريعي ٻاهر ڪڍرائي سگهي ٿي ۽ اڳتي هلي مقامي ماڻهن کي افغاني پناهگير، بنگالي پناهگيرن ۽ برمي پناهگيرن سان گڏ هندستاني پناهگيرن کي به واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻو پوندو. ڇو ته اُهو پناهگير سنڌ کي ورهائي پناهگيرن لاءِ الڳ صوبو ٿو چاهي. ڪراچيءَ ۾ روز اهڙيون چڙ ڏياريندڙ حرڪتون ٿينديون آهن ته جيئن مُهاجر صوبي جي شوشي تي مقامي سنڌين ۽ بلوچن کي مڇرائجي. تازو اورنگي ٽائون ۾ مُهاجر صوبي جي نقشي جي نمائش ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ کي ورهائي اڌ سنڌ تي مُهاجر صوبو ڏيکاريو ويو. سڄي شهر ۾ سنڌ کي ورهائڻ ۽ سنڌ ورهايل نقشي جا بينر ۽ پوسٽر هنيا ويا آهن. جڏهن به سرڪار پاران سرائيڪي صوبي بابت ڪا چُرپر ٿيندي آهي تڏهن وري ڪراچي ۾ مُهاجر صوبي بابت چُرپر تيز ٿيندي آهي. اورنگي ٽائون ۾ مُهاجر صوبي جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙ ۽ بعد ۾ مُهاجر صوبي جي نقشي جي نمائش وقت موجود ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ مُهاجر صوبي جا ۽ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا هُئا. ان ئي ڏينهن ايم ڪيو ايم اڳواڻن پنهنجي پريس ڪانفرنس م چيو ته “سرڪار مُهاجر صوبي جي حامين سان ڳالهه ٻولهه ڪري نه ته احساس محرومي وڌي سگهي ٿي”. هاڻي ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو به اڃا تائين احساس محرومي جي ڳالهه ڪري ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ مُهاجر سرائيڪي صوبي آڏو ديوار جي صورت ۾ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جو پيدا ڪيل ڊرامو آهي. جنهن جي بنياد تي هڪ دفعو وري سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي سولائي سان ويڙهائي سگهجي ٿو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نسلي بنيادن تي هٿياربند جهدوجهد جي سازش بابت انڪشاف ٿيندا رهندا آهن. ذريعن چواڻي ته مُهاجر صوبي کي ميدان تي آندو ويو. ڇو ته سرائيڪي صوبي جو فيصلو پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي. پنجاب جو اسٽيبلشمينٽ آڏو پيپلز پارٽي معنيٰ سنڌ هوندي آهي. ۽ مُهاجر صوبي تي پيپلز پارٽيءَ جي اهم اتحادي ايم ڪيو ايم پڻ “ڏي وٺ” ڪرڻ تي ايندي پنهنجا مطالبا ميدان تي کڻي ايندي. جيئن ته آصف زرداري ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي قربان ڪرڻ کان لاڳيتو پاسو ڪري پيو هُو سڀني اتحادين کي ساڻ کڻي هلڻ ٿو چاهي. پر هن سوال تي ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کان الڳ به ٿي سگهي ٿي ته پارليامينٽ ۾ جڏهن سرائيڪي صوبي تي سنجيده بحث ٿيندو ته ايم ڪيو ايم هزاره صوبي جو مطالبو کڻي ايندي. ان لاءِ ايبٽ آباد ۽ ڪراچي ۾ مظاهرا به ڪرايا ويندا. هزاره صوبي جو اصل مطلب مُهاجر صوبو هوندو.

ظاهر آهي ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ هزاره صوبو به قابل عمل ڪونهي ۽ مُهاجر صوبي تي پيپلز پارٽي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ڪانهي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ اها “ٽرننگ پوائنٽ” ٿي سگهي ٿي. سرائيڪي صوبي بابت ريسرچ پيپر تيار ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جو سينئر اڳواڻ تاج حيدر ٻڌائي ٿو ته سرائيڪي صوبي سان هزاره ۽ مُهاجر صوبن جي ڀيٽ ڪرڻ غير منطقي ڳالهه آهي. تاج حيدر پنهنجي تيار ڪيل ريسرچ پيپر ۾ لکيو آهي ته “سرائيڪي صوبي جو مطالبو ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ سرائيڪي صوبي جو مطالبو احساس محرومي ۽ تخت لاهور جي نظرانداز ڪرڻ جو نتيجو آهي. سرائيڪي عوام کي پنجاب ۾ نه رڳو حقن کان محروم رکيو ويو آهي پر سندن وسيلن تي هميشھ تخت لاهور جو قبضو رهيو ۽ تخت لاهور مٿان عطا ۽ نوازش طور سرائيڪين کي خيرات ڏيندو رهيو. سرائيڪي صوبو سرائيڪي عوام جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ حقن جي مطالبي تي ٻڌل آهي”.

تاج حيدر مُهاجر صوبي ۽ هزاره صوبي کي رد ڪندي لکي ٿو ته “ڪراچي پاڪستان جو سُڌريل معاشي مرڪز آهي جتي سڄي ملڪ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ماڻهو روزگار ڪمائڻ ايندا آهن ساڳي ريت هزاره جيڪو خيبرپختونخواه ۾ انتهائي ترقيءَ سان همڪنار ٿيل علائقو آهي ان ڪري ڪراچي صوبي ۽ هزاره صوبي جو مطالبو نج لساني بنيادن تي ٻڌل آهي. هي انصاف جي ابتڙ مطالبو آهي ڪراچي جي 85 سيڪڙو تعليم جي شرح کي سرائيڪي عوام جي 7-سيڪڙو تعليم شرح سان ڀيٽي نٿو سگهجي ان ڪري هي ٻئي مطالبا گڏيل طور تي ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ ڪيا ويا آهن.”

پيپلز پارٽيءَ خود ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته مُهاجر صوبي ۽ هزاره صوبي جو مطالبو اصل ۾ سرائيڪي صوبي سان ٽڪراءُ جو نتيجو آهي. صدر آصف علي زرداريءَ پاران سرائيڪي صو بي جي قيام ۾ تيزيءَ سان ڪراچي ۾ مُهاجرصوبي جي سرگرمين ۾ واڌارو شروع ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم اڃا تائين اهو کُليل مطالبو نه ڪيو آهي ته مُهاجرن کي الڳ صوبو ڏنو وڃي پر مُهاجر صوبي لاءِ سموريون سرگرميون ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه ۾ ٿي رهيون آهن. ڪڏهن لياقت آباد ۾ ته ڪڏهن اورنگي ٽائون ۾ ڪڏهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو سڄي شهر۾ پلاسٽڪ جا بينر هڻڻ لاءِ اطلاع آهن ته اهڙا لکين بينر تيار ٿي چُڪا آهن جن ۾ سنڌ جو نقشو ورهايل آهي. ڪراچي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو به سياسي مخالف سندن کانسواءِ ڪا به سرگرمي نه ٿو ڪري سگهي. سو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مُهاجر صوبو ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ کانسواءِ ٺهي. مُهاجر صوبي لاءِ سڀ سرگرميون تنظيمي ڍانچي جي فيصلن تحت ٿي رهيون آهن. ان لاءِ دليل اهو ڏنو پيو وڃي ته سنڌو ديش کي روڪڻ لاءِ مُهاجر صوبي جو مطالبو ڪيو آهي. اصل ۾ سرائيڪي صوبي کي روڪڻ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. سنڌو ديش جو مُهاجر صوبي سان ڪهڙو ٽڪراءُ. جيڪڏهن سنڌو ديش ٺهي چُڪو هجي ها ان ۾ الڳ صوبي جو مطالبو هُجي ها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها. پر سنڌ ۾ اُهي ماڻهو الڳ صوبي جو مطالبو ڪن ٿا جن وٽ پنهنجي “زمين” به نه آهي جيڪي مُجاهر هجن. اصل ۾ نسلي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي ۽ سرائيڪي صوبي جي سزا پنجاب پاران سنڌ کي ڏيڻ برابر آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو