Home / افيئر / نيٽو سپلاءِ: ٽيڪس اوڳاڙي ۾ سنڌ جا اربين روپيا هڙپ
above article banner

نيٽو سپلاءِ: ٽيڪس اوڳاڙي ۾ سنڌ جا اربين روپيا هڙپ

ملڪ ۾ مشرف دور کان شروع ٿيل دهشتگرديءَ خلاف جنگ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن جو ڪاٿو کربين رپين ۾ لڳائي سگهجي ٿو پر سنڌ ذريعي ئي آمريڪا کي نيٽو سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي. اهي ايندڙ شيون سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي پورٽ تي لهن ٿيون ۽ اهي سڀ ڪراچي،حيدرآباد،سکر،شڪارپور ۽ جيڪب آباد کان ٿيندي وڃي قنڌار ۽ ڪابل پهچن ٿيون، نيٽو کي ڪل ٻن رستن کان سپلاءِ ٿئي ٿي جيڪي ٻئي سنڌ مان ٿيندي ئي ٻين صوبن ذريعي افغانستان ۾ داخل ٿين ٿيون،هڪ شڪارپور وٽان بلوچستان  جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ داخل ٿي افغانستان جي شهر چمن مان ٿيندي قنڌار ۾ قائم نيٽو هيڊڪوارٽر ڏي سپلاءِ پهچائي وڃي ٿي ۽ ٻي جيڪب آباد کان ڪوئٽيا ۽ ملتان جي حدن مان گذرندي خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۾ داخل ڪري خيبر پاس وٽان جلال آباد ذريعي ڪابل ۾ قائم نيٽو هيڊڪوارٽر وٽ آندي وڃي ٿي جتان هڪ هزار ميل پري سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي،جيڪڏهن قنڌار نيٽو هيڊ ڪوارٽر کي سپلاءِ دادو واري روٽ سان ڪجي ته اها تمام گهٽ سفر طئي ڪري پهچندي جنهن کي سنڌ ۽ بلوچستان جا ويران علائقا دادو ،قلات ۽ خضدار  ذريعي ڪوئيٽا وٽ  نيٽو سپلاءِ ڪري سگهجي ٿي،نيٽو سپلاءِ سبب سنڌ جا روڊ رستا،پلون،قدرتي وسيلا تباهه ٿي رهيا آهن پر ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
جئين سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ڌڪ کائي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير نيٽو سپلاءِ سبب تباهه سنڌ ٿي رهي آهي پر وري ٽيڪس وفاقي سرڪار اوڳاڙي رهي آهي،هاڻي اچو ته پارليامنٽ جي قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي نيٽو سپلاءِ بابت تيار ڪيل سفارشن تي نظر وجهون ته انهن ۾ سنڌ کي ڪيئن نظرانداز ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني ريفائنريز مان نيٽو کي 575000 گئلن تيل روزانو سپلاءِ ٿئي ٿو ۽ نيٽو بگرام ۽ قنڌار ايئر بيسز تي 30 لک گئلن تيل جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته نيٽو کي پاڪستان مان ماهوار 8 ارب 70 ڪروڙن جي سپلاءِ ٿئي ٿي جڏهن ته پاڪستان في ليٽر تي 20 رپيا ٽيڪس لاڳو  ڪري ٿو.نيٽو سپلاءِ ڪندڙ وزندار ٽرڪن جو هاءِ وي تي هلڻ سان ملڪ جو انفرااسٽريڪچر تباهه ٿيو آهي جنهن ۾ 60 سيڪڙو نقصان سنڌ جو ٿيو آهي ۽ ٻيو 40 سيڪڙو بلوچستان ۽ پختونخواهه جو شامل آهي جنهن سبب وفاقي سرڪار ست ورهين جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي آمريڪا سرڪار کان 60 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جي مد ۾ گهري ورتا آهن. سنڌ  ٽول ٽيڪس جي مد ۾ 8 ارب رپيا ساليانو سمورن صوبن کان وڌيڪ ٽيڪس ڏي ٿو پوءِ به سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ڪبي ته پنجاب جي حدن ۾ ايندڙ اين ايڇ اي وارو روڊ بلڪل اعليٰ درجي جو هوندو پر سنڌ جي حدن ۾ ايندڙ تقريبن 500 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ اين ايڇ اي روڊ تباهه لڳو پيو آهي جنهن جو سبب نيٽو جا هيوي ڪنٽينر آهن جن جي هلڻ سان ڪراچي کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين روڊ تباهه ٿيل آهن.
قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جون تيار ڪيل سفارشون: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي سلامتي واري ڪميٽي سفارشون پيش ڪندي چيو آهي ته ڊرون حملا پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري خلاف آهن جيڪي فوري طور بند ڪيا وڃن،پاڪستاني سرڪار آمريڪا کي چئي ته هو سلالا چيڪ پوسٽ تي ڪيل حملي تي غير مشروط معافي گهري، ڪاميٽيءَ نيٽو سپلاءِ جي بحالي تي غور ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوان اصول طئي ڪرڻ، سمورا زباني معاهدا ختم ڪرڻ ،پرڏيهي فورسز جي اڏن ۽ فضائي سرحدن جي استعمال لاءِ پارليامينٽ کان اجازت حاصل ڪرڻ،مستقبل ۾ آمريڪا يا نيٽو سان معاهدن ۾سلامتي ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ معاهدا فوري طور ختم ڪرڻ جي شق شامل ڪرڻ، سرزمين تي ڪنهن پرڏيهي آپريشن کي برداشت نه ڪرڻ، پرڏيهي ڳجهن ادارن جي اهلڪارن جي پاڪستان ۾ موجودگي ۽ انگ بابت اڳواٽ اجازت جو شرط لاڳو ڪرڻ، نيٽو سامان تي انفرااسٽرڪچر جي استعمال جي مد ۾ معاوضي طور ٽيڪس مڙهڻ،آزاد پرڏيهي پاليسي کي آئين جي آرٽيڪل 40،  گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون مطابق يقيني بڻائڻ،پاڪستان جي حدن اندر ڊرون حملا بند ڪرڻ، پاڪستان جي سرزمين اندر آمريڪي فوجي ڪارروائي بند ڪرڻ،پرڏيهي نجي سيڪيورٽي عملدارن جي پاڪستان اندر سرگرمين کي شفاف ۽ پاڪستان جي قانون مطابق ڪيو وڃي،پاڪستان جي ائٽمي پروگرام ۽ اثاثن توڙي انهن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي تي سوديبازي نه ٿيندي،ڪاميٽي مطابق آمريڪا-ڀارت سول نيوڪليئر معاهدي خطي ۾ طاقت کي سخت متاثر ڪيو آهي،ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاهدي تحت فزائيل مٽيريل ڪٽ آف ٽريٽي (ايف ايم سي ٽي)  واري موضوع تي ڪو ٺاهه نه ڪبو،پاڪستان کي ضمانت ڏني وڃي ته پاڪستان جي خودمختياري خلاف ڪي به قدم يا مهمند جهڙا حملا نه ڪبا، نيٽو سپلاءِ روٽ جي بحالي تي ڪنهن به قسم جو غور سامان يا فوجين جي چرپر کي ريگيوليٽ ڪرڻ سميت انهن جي پاڪستان ۾ داخلا ۽ خرچ وقت سخت مانيٽرنگ سميت تعاون جي اصولن تي نظرثاني سان مشروط ڪبو، حڪومت ان جا ادارا ڪنهن به پرڏيهي حڪومت يا اختياري سان قومي سلامتي جي حوالي سان ڪو زباني معاهدو نه ڪندا ۽ اهڙو ڪو معاهدو موجود آهي ته ان کي فوري طور لکت واري شڪل ڏيو، ٻي صورت ۾ پارليامينٽ طرفان سفارشن جي منظوري کانپوءِ ٽن مهينن اندر اهڙا معاهدا ختم ٿي ويندا، ڪاميٽي قومي سلامتي سان لاڳاپيل مامرن تي ڳالهين توڙي معاهدن ۽ يادداشتنامن تي نئين سر ڳالهين لاءِ 4 مک اصول طئي ڪيا آهن، جنهن مطابق سمورا معاهدا يا يادداشتناما، فوجي تعاون جي حوالي سان معاهدا راءِ ڏيڻ لاءِ پرڏيهي وزارت توڙي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن ۾ سرڪيوليٽ ڪيا ويندا، سمورن معاهدن يا يادداشتنامن جي قانون ۽ انصاف واري وزارت کان توثيق ضروري هوندي، اهڙا معاهدا يا يادداشتناما قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي کي فراهم ڪيا ويندا جيڪا ڌرين سان مشاورت ذريعي سفارشون تيار ڪري منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي موڪليندي، آمريڪا ۽ نيٽو جي 50 سيڪڙو ڪنٽينرن جي آمد رفت پاڪستان ريلوي ذريعي ٿيندي، ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ امپورٽ ٿيندڙ يا پاڪستان ذريعي منتقل ٿيندڙ سمورين شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، جيڪو انفرااسٽرڪچر جي استعمال يا ان جي متاثر ٿيڻ جي مد ۾وصول ڪبو ۽ ان مد ۾ ٿيندڙ آمدني کي ڪراچي طورخم ۽ ڪراچي چمن روڊ جي سار سنڀال ۽ انفرااسٽرڪچر جي بحالي تي استعمال ڪيو وڃي،عالمي برادري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي انساني توڙي مالي نقصان جي مڃتا تسليم ڪري، پاڪستاني شين جي آمريڪا، نيٽو ملڪن ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن تائين رسائي جي اثرائتي نموني پوئواري ڪري،پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ، ڏوهاري عنصرن جي سرحد پار آمدرفت، منشيات ۽ هٿيارن جي چرپر روڪڻ لاءِ اليڪٽرانڪ سرويلنس نصب ڪرڻ سان گڏ اضافي قدم کنيا وڃن ۽ مقامي گڏيل جرڳن کي هٿي ڏني وڃي،پاڪستاني سرزمين ڪنهن ملڪ جي قومي سلامتي خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏني ويندي جيڪڏهن پرڏيهي ويڙهاڪ موجود هوندا يا ڏٺا ويندا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،اتحادي سپورٽ فنڊ جي مد ۾ رهتن ۽ ادائگين يا ٻئي ڪنهن قسم جي نافذ ڪيل بلنگ جي حوالي سان تڪڙو عمل اختيار ڪيو وڃي.پاڪستان حڪومت پاڪستاني ۽ برطانوي وزارت دفاع  وچ ۾ 19 جون 2002ع جي يادداشت نامي توڙي ايساف سان ساڳئي قسم جي يادداشتنامي تي نظرثاني ڪري. ڪاميٽي ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا دفاع واري وزارت وچ ۾ ڪراس سروسنگ معاهدو (پوليس پي ڪي 10) 9 فيبروي 2002ع تي ڪيل معاهدو فيبروري 2012ع ۾ ختم ٿي ويو، ڄاڻايل معاهدو يا معاهدن تي ڪا عملدرآمد نون ضابطن ۽ شرطن تي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ سرحدي سلامتي ۽ پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ ۽ قومي مفادن کي يقيني بڻائڻ کي شامل ڪيو وڃي، ڄاڻايل معاهدن يا يادداشتنامن تي نئين سر ڳالهين جي صورت ۾ اهو شرط شامل هوندو ته آمريڪا يا نيٽو ۽ ايساف طرفان پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اهي معاهدا فوري طور ختم ٿي ويندا، پاڪستان جي سرزمين تي ڪنهن به ڳجهي يا ظاهري آپريشن کي برداشت نه ڪيو ويندو،.ڇا واقعي پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت جوڙيل ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ٿي سگهندو؟ ڇو ته جنرل ڪياني ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيان ڏنو هو ته جيستائين آمريڪا پارليامينٽ جي تيار ڪيل سفارشن تي عمل نٿو ڪري تيستائين آمريڪا سرڪار جو ڪوبه انتظامي شخص پاڪستان جو دورو نه ڪندو يا ملاقات نه ڪبي پر ڪياني جي ان بيان جي ٻن ڏينهن بعد آمريڪا جي فوجي قيادت جو وفد اچي پهتو هو،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر ان بيان ڏيڻ جو سبب ڪهڙو هو،جيڪڏهن آخر پاڪ-آمريڪا تعلقاتن جون ڳالهيون فوج کي طئي ڪرڻيون هيون ته پوءِ پارليامنٽ کي ايڏي وڏي ذميواري ڇو ڏني وئي آهي؟
گم ٿيل نيٽو ڪنٽينرز اسڪينڊل:گم ٿيل ڪنٽينرز اسڪينڊل سبب قومي خزاني کي 70 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي جيڪا رپورٽ ايف بي آر طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته  7500 نيٽو ڪنٽينرز گم ٿي ويا آهن ۽ ان کان اڳ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي ان ۾ ڄاڻايو ويو هو ته افغان ٽرانزٽ جي لاءِ آمريڪي فوج لاءِ هڪ لک 57 هزار 736 آيا جن مان پهرين مرحلي ۾ 1175 آمريڪي ڪنٽينرز جو ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونهي جڏهن ته نيٽو/ايساف  جا 3396 ڪنٽينرز لاپتا آهن جيڪي 3106 ڪنٽينرز ڪوئٽا ڪسٽمز ڪلڪٽريٽ ۽ 290 پشاور ڪلڪٽريٽ کي وصول نه ٿيا آهن جيڪي 2007ع کان 2010ع کان وٺي گم ٿيا آهن جن بابت ذريعن جي دعويٰ آهي ته اهي ڪراچي ۾ گم ٿيا آهن ۽ اهي ڪنٽينرز  ڪراچي پورٽ کان شهر ٻاهر شهر جي هڪ وڏي پارٽي ۽ حڪومت جي اتحادي جماعت پنهنجي ڪارڪنن جي پروٽوڪول ۾ ڪڍرائيندي آهي،انهن ڪنٽينرز بابت اهي خدشا آهن ته گم به ان پارٽي ئي ڪرايا آهن.جڏهن ته ڪراچي پورٽ کان ٻاهر نڪرندڙ هر ڪنٽينر تي هڪ شهري پارٽي جا ڪارڪن 5000 هزار رپيا ڀتو اوڳاڙيندا آهن جن خلاف سرڪار قدم نٿي کڻي ۽ اهو سلسلو گذريل 9 سالن کان جاري آهي، پورٽ تان روزاني هزارين ڪنٽينرز ٻاهر نڪرن ٿا ۽ جيڪڏهن ان جو ڪل ڪاٿو لڳايو وڃي ته هڪ ڏينهن جو ڪروڙين رپيا ڀتو اوڳاڙجي رهيو آهي،آمريڪا جا جيڪي ڪنٽينرز گم ٿيا آهن ان ۾ جديد قسم جا هٿيار،گاڏيون به شامل آهن.
عالمي ڌرين سان ٿيندڙ معاهدا ۽ سنڌ جا نظراندز ٿيندڙ وسيلا:پاڪستان ڀارت کان 5000 ميگاواٽ بجلي روزانو بنيادن تي ڏيڻ واري ڀارت جي پيشڪش قبولي ڇڏي آهي ۽ اها بجلي به پنجاب جي رستي کان آندي ويندي جنهن سان ان کي ٽيڪس ۽ اها بجلي سستيءَ به پوندي پر  ڀارت جا بارڊر سڄي سنڌ سان ملن ٿا،ويندي گهوٽڪي ۽ سکر کان ويندي ڪراچي جي سامونڊي پٽي به شامل آهي يعني سنڌ جو سڄو ساڄو پاسو سنڌ سان ملي رهيو آهي ته پوءِ ڀلا بجلي جي سپلاءِ سنڌ بدران پنجاب ڏانهن ڇو ڪئي پئي وڃي؟ ڇا ان ملندڙ بجلي مان سنڌ سميت ٻين ٽنهي صوبن کي نظرانداز ڪيو ويندو؟ سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد، ڄامشورو ۾اربين ٽنن ۾ ڪوئلو موجود آهي ته ان کي نظرانداز ڪري آخر پوءِ ٻين ملڪن کان مهانگي اگهن تي بجلي ۽ گئس ڇو ورتي پئي وڃي. جيڪڏهن ٿر جي مقامي ڪوئلي تي مرڪزي سرڪار سيڙپ ڪري ان ته ان مان ايتريءِ بجلي پئدا ٿي سگهي ٿي جو اسان پرڏيهي ملڪن کي به اهي شيون ڏئي سگهون ٿا پر ان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي،اسان جي سرڪار جيڪڏهن سچائي سان مقامي ڪوئلي کي ترقي وٺرائي ته ان مان تيل،گئس،بجلي ۽ ٻيون وڏي مقدار ۾ پئدا  ڪري پاڙيسريءَ ملڪن کي به سپلاءِ ڪري سگهون ٿا پر ان جو سبب اهي آهي ته ڪوئلو صوبائي اسم آهي ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن ڪوئلي کي ترقي وٺرائي وئي ته پوءِ وفاق ۾ ويٺل پنجاب جي لابي جو دڪان بند ٿي ويندو جيڪي اهي ڪالاباغ ڊيم جهڙن اشوز ذريعي چمڪائي رهيا آهن،ڪجهه مهينا اڳ صدر آصف علي زرداري تاجڪستان ۽ ايران جي دورن تي ويو هو جتي ان ٻنهي ملڪن سان گئس سپلاءِ جا معاهدا ڪيا آهن جيڪي اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهن،اسان جو اهو مقصد نه آهي ته سرڪار عالميءَ ڌرين سان توانائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهه نه ڪري، بلڪل اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏهن اهي وسيلا جيڪي پائيپ لائينن تي سيڙايا پيا وڃن جيڪڏهن اهي سنڌ ۾ موجود مقامي وسيلن تي سيڙپ ڪئي وڃي ته ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند مطابق ايندڙ 2014ع تائين اسان سنڌ جي بجلي ۽ گئس جي ضرورت پوري ڪري سگهون ٿا پر ان کي گذريل ٽن سالن کان وفاق 140 ارب رپيا ڏيڻ جا صرف آسرا ڏئي رهيو آهي جنهن سبب اها رٿا ڏينهون ڏينهن رولڙي جو شڪار آهي. ٻئي طرف ڪوريا جي ڪمپنين سان وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 3000 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪرڻ جو ٺاهه ڪيو آهي جيڪا شمسي توانائي،پن بجلي گهر ۽ ٻين شين مان بجلي پئدا ڪندي.
موجوده سرڪار جا نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ لاءِ آمريڪا آڏو رکيل شرط:مشرف سرڪار آمريڪا کي نيٽو سپلاءِ پاڪستان مان ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر ان نيٽو گاڏين جي آمد تي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني هئي جيڪا هاڻي موجوده سرڪار ٽرانزٽ في ۽ ٻي سامان تي ٽيڪس جي مد ۾ هلندڙ سال کان 20 ارب ٽيڪس اوڳاڙي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جڏهن ته گذريل 10 سالن ۾ في سال سان 12 ارب رپيا گذريل سپلاءِ تي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ ڏيڻ جون سفارشون ڪيون آهن جيڪي هڪ ڏهاڪي جا 70 ارب رپيا بيهن ٿا جيڪي آمريڪي سرڪار پهريان ادا ڪري پوءِ ئي نيٽو سپلاءِ بحال ڪئي ويندي،آمريڪا سرڪار کان پاڪستان اهو مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جا 40000 جوان شهيد ۽ 60000 زخمي ٿيا آهن جن جو معاوضو ادا ڪيو وڃي
نيٽو ڪنٽينرز بابت صوبن جي تجويز ڪيل ٽيڪسز:نيٽو ڪنٽينرز کي ان صورت ۾ پنهنجي صوبن اندر داخل ٿيڻ ڏينداسين جڏهن اهي صوبائي ٽيڪسز ڀريندا،200 ڊالر سنڌ،100 ڊالر خيبرپختونخواهه،150 ڊالر پنجاب ۽ 50 ڊالر بلوچستان سرڪار في ڪنٽينرز تي اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ نئين ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو آهي جڏهن ته روزانو سنڌ مان 500 ٽرڪون نيٽو سپلائي جي لاءِ نڪرن ٿا جيڪڏهن اهو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ته سنڌ جي خزاني ۾ 2 ڪروڙ ڊالر روزانو ٽيڪس اوڳاڙي ٿي سگهي ٿي پر قومي سلامتي واري ڪميٽي جيڪي سفارشون تيار ڪيون آهن ان ۾ ڪوبه صوبائي ٽيڪس شامل نه آهي ۽ انهن ايف بي آر طرفان اوڳاڙي لاءِ 12000 وفاقي سرڪار جي في ڪنٽينر اوڳاڙي ڪرڻ جي تجويز ڪيو ويو آهي جيڪو معاهدو 2014ع تائين رهندو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو