Home / افيئر / نَور ۽ نانگ جي ويڙهه
above article banner

نَور ۽ نانگ جي ويڙهه

جانورن جي مزاج، رَوِش جو مطالعو ڪندڙ ڪجهه به لِکن، رِڇ ۽ ڪُتي جي ويڙهه بُڇان ڏياريندڙ منظر آهي. ڏاها، وحشت جي اصطلاح کڻي ايندا. ٺيڪ. پَرَ، هڪڙي ڳالهه جنهن ڏانهن گهٽ ڌيان ڏيندا سَا ته اهڙي مهاڏي لاءِ ڊگهي تياري گهربل هجي ٿي. سَاهسيءَ وٽ جِبلت ملندي. جُنون. تنهن هوندي به ان طرح جي ٽڪراءَ جي هڪ حد تائين غير فطري هئڻ ڪارڻي اوهان بيزار ٿي اُٿندا. جُڙتو مقابلو ڏسي بنا ڪنهن سبق پرائڻ جي گهر موٽندا. رڳو توهان جي اندر جو جناور مڙئي تسڪين محسوس ڪندو. اطمينان جنهن جون پاڙون انسان جي جهنگ واري جيوت جي زماني ۾ کُتل آهن. هزارن سالن تائين پاڻ، خونخوار ڪڙم ۾

طاقتور ۽ نقصان پهچائي سگهندڙ ڀاتين کان ڊڄندا رهيا آهيون. ڪٿي ڪٿي بنهه نفيس ۽ ڏُٻري مخلوق پڻ انديشي جو سبب رهي آهي. نهارڻ ۽ هٿ لڳائڻ ۾ بلڪل ابهم ۽ موهيندڙ سَپُ. دنيا جي ٿورڙي حصي ۾ مُنڍي لاهي، کيس خوراڪ طور واپرائجي ٿو. سندس ڏند ۽ انهن ڀرسان وِههَ جون ڳوٿريون لکين ماڻهن جي اجل جو سبب آهن. آسماني سِرڻ چنبن ۾ نوان ڄاول ٻار کڻي وڃي ٿي. ٻيو ته ٺهيو. پَٽَ تي واچوڙو لڳي. ٻَالڪَ، پوڙها، نٻل جِيوَ لڪائبا وتجن. وات ڪٿائن کان سَرس منش جي اجتمائي ياداشت جا ڪم. مشاهدو ۽ تجربو هُن کان سا ڪرت ڪرائي.

رڇ ۽ ڪُتي جو وَيرُ بَرابر جئنيٽڪ مامرو آهي. بَڇَ انساني مداخلت چئجي ته غلط نه ٿيندو. اتهاس لاڀ ڏياريندڙ سلسلو آهي. وٽس صديون آهن. وقت، هُنَ جي سگهه. جهنگ جي سِٽاءَ ۾ گذرندڙ سَمئه اِنَ دُشمناءَ کي جنم ڏنو. تضاد جنهن پٺيان زمانو بيٺو آهي. جياپي جو بچاءُ ۽ بَقَابُڻَ طور پسجن. ضرورت، حاجت، طلب ۽ مزاج، روش، رَوَيو-جيوت جي جينياتي سُٽَ جو ڀاڱو ٿين. تنهن خاطر هزارين ورهيه ڪتب آيا. اڃا به جَهجَهو ٽائيم لڳو جڏهن نفرت اهڙي فصل جو حصو ٿي. چِڙَ جي مقابلي ۾ مخالفت ۽ دُشمني جئنيٽڪ هجن، عجب لڳي. نَور ۽ نانگ جي ويڙهاند کي مثال ڪري وٺجي. مهاڏو ۽ ان جا ڪارڻ غير باطني معاملا آهن. وحشي جيوت وٽ گڏيل ياداشت ۾ شامل ٿي جِينز جو جُز نهارجن-نيچر جا ڪرتب آهن. خارج ۾ پيش ايندڙ حالتون، واقعا-احساس ۽ اُڌما بڻجي نسلن تائين منتقل ٿيندا رهن. حياتيءَ جي لقاءَ ۾انوکائپ جو ڏيک ڏين. نه وسارڻ کپي ته زندگيءَ جي بلڪل ننڍڙي سِرَ، جِين ۾ سڀ ڪجهه ڪيميائي مادي جي شڪل ۾ محفوظ هجي ٿو. جئنيٽڪ ڪوڊ جنهن کي ڪوٺجي سوپڻ. پاڻياٺ ۽ اُن جي جوڙجڪ، ترتيب. رڇ ۽ ڪُتي، نَورَ ۽ نانگ وچ ۾ عناد ساڳي طرح جي ڪيميا آهي جا هڪ گَهرڙي کان ٻئي ڏانهن امانت ٿيندي ملي ٿي.

راوي ايترو ذهين ڪونهي جو هن لکڻيءَ کي ٿيسز جي صورت ڏئي وٺي. سائنس جا کٿابي ئي تحرير ڪري سگهن ٿا. آرٽس جا باب ڦلهوريندي هُو پنهنجو اچرج ڪٿي لڪائي-خاص طور تي ان بابت ته دُشمناءَ، وَيرَ سَندو آبجيڪٽِو، ظاهري لقاءُ ڪيئن سبجيڪٽ، باطن ۾ پيهي وڃي ٿو. غير مادي تضاد، ڪيميائي روپ وٺي زندگيءَ جي جنياتي نظام جو ڀاڱو ٿئي. ٽَاڻو، مٽيريل شڪل اختيار ڪري. ويڙهاند جي جبلت آڏو اچي. نَور ۽ نانگ جي قصي ۾ ايئن ناهي ڇا؟ تَازي ۽ رڇ جي مهاڏي ۾ هُوڙيائپ ۽ تنهن کان خود کي بچاءَ ۾ رکڻ جي سَئي ملندي. ڪمزوز مٿان هَلان ۽ ڏٻري جي پاڻ کي محفوظ بنائڻ لاءِ اهو ڪو موچارو مثال ڪونهي. وحشت ٻنهي ساهوارن ۾ ڏسبي. وڌ يا گهٽ. بنهه ڪلاسيڪي وارتا جنهن منجهه معصوم، ابهم جيتامڙو ڪنهن اجگر سان جهيڙيندي گڏجي، گهٽ ملندي. وحشت پهرين سَٽ کيس هڙپ ڪري ڇڏيندي. ڪتو، رڇ کان سَاڻِي جنس آهي. ويڙهاند جيآکاڻيءَ لاءِ ضروري آهي ته ٻه ئي سلامت هجن. سَاهسيءَ کي تنهن بقا خاطر درندگيءَ جو هڪ حصو سانڍڻو پوندو. رڇ جي ڪنڌ تي چَڪَ پائڻ ڪاڻ ڏند تِکا ڪرڻا هوندس. جيئدان جي بي ڪهل قائدي هيٺ ساهوارو، ساهواري جو رت پئي ٿو. هٿرادو بَڇَ جي منڊلي سجائڻ ته صفا ڪرڀ ڏياريندڙ عمل آهي. تنهن کان به سَرس خنزير کي سوڙهي ڪرڻ وارو ٽڪساٽ. ڪوڙڪي جوڙيندڙ ماري اول ماڻهپو تين وال نه ٿو ڪري؟

رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه جي ڀيٽ ۾ نور ۽ نانگ جو مقابلو اسٽيج ڪرڻ ڏکيو آهي. هر ڏيهاڙي ناٽڪ رچائڻ ڪاڻ چَوبَند اداڪار کپن. تَازيءَ جي وفاداريءَ جون ڪٿائون ٺيڪ پر مالڪ جي اشاري تي ڦَڏي تان دستبرداري ان جئنيٽڪ سٽاءَ جي نفي آهي جيڪو مٿي پڙهي آيا آهيون. ساڳئي ڪار رڇ سان آهي. ٿورڙي رَهنڊَ ۽ معمولي رت وهائڻ بعد پوئتي هٽڻو آهي. صبحاڻ، ساڳي ريت ٻيهر جُنب ۾ پوڻو آهي. تماشو ڏيکاري مالڪ ڀرسان ڪنڌ نِمائي بيهڻو آهي. بَڇَ جا مَتا آهن. پالڻهار ڏوڪڙ ڳڻيندي سَاهسيءَ طرف احسان ڀريل نگاهن سان نهاري. ساهوارو فخر وچان ڪنڌ مٿي کڻي. اڳتي هلي اِها ڪُڌائپ سندس جينياتي سرشتي منجهه ڪاهي. جهنگ هجي ته به هُو پنهنجي ويڙهه پُوري نه ڪري. جهيڙو جَوٽي ۽ ڪجهه ويرم بعد دَادَ جي تمنا ۾ پاسائتو ٿي هيڏانهن هوڏانهن واجهائي. رڇ خواهش رکي ته ڪوئي هُن کي ناڪيلي کان جَهلي چوڌاري چڪر هڻائي. جانور ماڻهوءَ جو ڀِڀ ڀرڻ لاءَ ڪتب اچن. خوش پَسجن. ورلي ڏسبو ته وحشت، رکوال سان جنگ جَوٽي هجي. پيٽ پالڻ خاطر اختيار ڪيل مُهاڏي جي واٽَ ڪي حدون ٿي رکي. جناور کڻي نه سمجهي، انسان ته ويچاري سگهي ٿو.

نَور ۽ نانگ جو ڦڏو، تماشو نه آهي. فساد چئجي جيڪڏهن سماجي ماهر اعتراض نه وارين. آدرشي ويڙهاند ۾ هڪڙي ڌُر زيربار، ختم

ٿيڻي آهي. انجام جو ايترو ويجهو مُشاهدو شايد ئي ٻيءَ ڪنهن جاءِ حاصل ڪري سگهجي. صدين کان جِينز اندر پاليل ڪيميا پنهنجو جسماني اظهار ڳولهيندي. نَور کي نَٿَ ناهي هوندي ۽ نَه وري ڪارو، مُرليءَ جي لَهر تي ڪروڌ ڇڏي نچڻ شروع ڪندو. سامهون اُڇلايل سِڪن تي گدگد پيو ٿيندو. ڏکيو ٿو لڳي ته ظاهر، باطن تي حاوي ٿي وڃي. يُڌ جو حقيقت تي آڌاريل نظارو. انسان جو ڪٽڻپو آهي جو اهي منظر، عام نه ٿو سجائي. سندس هَردئه جي ڪانئرتا رڇ ۽ ڪتي جي بَڇَ، سُوئر مٿان تازي يا وري ٻانَگي جون ٻانگي کي کَڙهُون نهاري سرشار ٿئي ٿي. نور ۽ نانگ جي ويڙهه جي مشاهدي کانپوءِ ڏکيو آهي ته ڪوئي شخص مَسواڙي جنگاڻ ۾ ڪُڏي، ڀاڙي جو قاتل ٿي وڃي. مُهانڊي ۾ ناڪيلي پسي خوش ٿئي. جسم تي هلڪي رَهنڊَ ۽ چار ڦُڙا خون جا کپائڻ پسند ڪري. رکوال سندس واپار ڪري، پئسا ڳڻي. ڏانهنس ٿورائتي اک کڻي ۽ مانيءَ ڳڀو اُڇلائي ڏئيس. ٽپ ڏئي پاڻ سو ٽُڪر کڻي. چٻاڙيندي هُن طرف پِدَر واري رشتي سان پنبڻ جهڪائي. سندس ٻانهن سان پُٺي گسائي. مَاري ۽ شڪار جي سنٻڌ کي پختو ڪري.

نانگ ۽ نور جي جهڙپ ۾ الاهي اسرار آهن. اڪيلي جنگ آهي جا حياتيءَ جي پراچين تاڃي پيٽي واري وقت کان وجود رکي ٿي. دشمناءَ، وَيرَ جي جينيٽڪ ڪيميا جو طبعي اوتار. اختلاف، ٽڪراءَ جي جبلت جي هوند جو بهترين مثال، دليل. معاشرتي زندگي گهاريندڙ جديد زماني جو انسان جانور جي قريب فقط چونڊ مطلب خاطر وڃي ٿو. وَهٽ کپن. گوشت کائڻو آهي. بَڇَ سِٽي ڏوڪڙ ۽ لطف-ٻه ئي حاصل ڪرڻا آهن. ايئن هُو فطرت جون هدايتون لنوائيندو پاتال منجهه ڪري رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو