Home / ڪور افيئر / ٽارگيٽ ڪلنگ: متحده جي مَن ۾ ڇا آهي
above article banner

ٽارگيٽ ڪلنگ: متحده جي مَن ۾ ڇا آهي

مارچ 2012 جي آخري هفتي جي ٻئي ڏينهن شهر بلڪل پر امن ۽ پرسڪون هيو، پوءِ اوچتو صبح سوير ٽي وي چئنلن تي بريڪنگ نيوز هلڻ لڳي ته “پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي ۾ متحده قومي موومينٽ جا ٻه ڪارڪن قتل ٿي ويا ” بس اها خبر ڇا هلي سڄي شهر ۾ باهيون لڳي ويون، چئنل مني بسون سڙندي ڏيکاري رهيا هئا، جن دڪاندارن ساجهر دڪان کوليا هئا، اهي پڻ واپس گهرن ڏانهن روانيا ٿيا

. ايئن 42 گاڏيون ساڙيون ويون ۽ شهر ۾ سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس وٺڻ کانپوءِ آيل ٺاپر هڪ ڀيرو

وري رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي وئي.

مارچ جي آخري رات وڌيڪ اٺ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا، جڏهن ته هينئر تائين ڪراچي ۾ تازي شروع ٿيل رتوڇاڻ ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو موت جو بک بڻجي چڪا آهن. پهرين اپريل 2012 تي تشدد جي لهر کانپوءِ ڪجهه ٺاپر آئي هئي پر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه ماڻهو مارجي وڃڻ سبب وري شهر جون حالتون خراب ٿي ويون، جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو موت جو بک بڻيا ۽ زخمي پڻ ٿيا. ايئن ڪراچي جهڙو ملڪ جو مک واپاري مرڪز چئن ڏينهن تائين مڪمل بند رهيو، جنهن سبب ملڪ جي معيشت کي اربين روپين جو نقصان پهتو.

انساني حقن واري ڪميشن موجب سال 2011 ۾ ڪراچي دهشتگرد ڪاررواين جي ور چڙهيل رهيو، جنهن ڪارڻ 1300 شهري موت جو بک بڻيا.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ تشدد جي تازي لهر کان اڳ مختلف سياسي جماعتن جهڙوڪ پاڪستان تحريڪ انصاف، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، دفاع پاڪستان ڪائونسل ۽ متحده جا تمام وڏا ميڙاڪا ٿيا، جڏهن ته تازو جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان بشير قريشي جي سربراهي ۾ لکين ماڻهن طرفان پرامن فريڊم مارچ ڪيو ويو، جنهن مان ايئن پئي لڳو ته سياسي پارٽيون هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لڳيون آهن ۽ هڪٻئي کي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ Space ڏين پيون. پر تازي صورتحال ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهي آهي.

حقيقت ۾ ڪراچي بيوس ماڻهن جو شهر آهي، جتي عام شهري سياسي ڌريون، پوليس ۽ رينجرز، حڪومت ۽ طاقتور ميڊيا جا ادارا پڻ جڏهن ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿي ته بيوس بڻجي وڃن ٿا. نهايت ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي راڄڌاني وارو هي شهر جيڪو وفاق کي ٽئڪس جي مد ۾ وڌ مان وڌ روينيو ڏيڻ کانسوءِ سڄي ملڪ جي ماڻهن کي اجهو ۽ روزگار مهيا ڪري ٿو ان تي ٽارگيٽ ڪلرز جو راڄ آهي. جڏهن ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته هن شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ ڪير آهن؟ پر ڪير به سندن نالو وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته حڪومت جي دعوائن باوجود انهن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار نٿو ڪو وڃي. ويجهڙ ۾ ئي وفاقي گهرو وزير رحمٰن ملڪ دعويٰ ڪئي ته ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا ويا آهن ۽ کين سرعام سزائون ڏنيون وينديون، پر هينئر تائين اهو فقط هڪ اعلان ئي آهي جنهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو.

ياد رهي ته هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٿيل رتوڇاڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ پاڻ شنوايون ڪري صورتحال تي ضابطو آندو هو. سپريم ڪورٽ کي تڏهن ئي ٻڌايو ويو هو ته ڪراچي ۾ مک سياسي پارٽين سميت 30 گروپ ڪم ڪن ٿا جن ۾ پ پ، متحده، اي اين پي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ ۽ پابندي پيل مذهبي گروپ ڀتاخوري ۽ ٻين ڪاررواين ۾ ملوث آهن. سپريم ڪورٽ کي اهو پڻ ٻڌايو ويو هو ته سنڌ جي راڄڌاني ۾ 30 لک غير قانوني طور پرڏيهي پڻ رهن ٿا جيڪي پڻ اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن. جيتوڻيڪ رحمٰن ملڪ اعلان ڪيو هو ته غير قانوني پرڏيهين  کي ٿاڻن تي رجسٽر ڪيو ويندو، پر سندس اهو واعدو به وفا نه ٿيو. ان ڪري هاڻي ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن جو رحمٰن ملڪ تان اعتبار کڄي ويو آهي.

واضح رهي ته انهن پرڏيهين ۾ بهارين ۽ بنگالين جي گهڻائي آهي ۽ اهي اڪثر مظاهرا ڪري هتان جي شهريت ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهندا آهن، پرويز مشرف، جاويد هاشمي ۽ متحده سندن مطالبن جي سدائين حمايت ڪئي آهي جڏهن سنڌي قومپرست انهن جا شديد مخالف آهن، سندن چواڻي سمورن پرڏيهين کي سنڌ بدر ڪري پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس اماڻيو وڃي، انهن جي هتي هجڻ سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ته شهر ۾ ڪا به گڙٻڙ هجي ته ان جو نوٽيس ورتو وڃي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تازي رتوڇاڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي عدالت ۾ پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي شهر ۾ جڏهن به رتوڇاڻ ٿيندي آهي حڪمران پ پ ٽارگيٽ ڪلنگ جي انهن واقعن کي جمهوريت خلاف سازش قرار ڏيندي آهي، ان سلسلي ۾ 2008 کان وٺي هيلتائين ڪافي ڀيرا آل پارٽيز ڪانفرنس به ڪوٺايون ويون آهن، جن ۾ سڀ سياسي ڌريون شريڪ به ٿينديون رهيون آهن پر شهر ۾ مستقل امن لاءِ انهن به ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ جڏهن به ڪا دهشتگردي جي لهر شروع ٿيندي آهي ايم ڪيو ايم، پ پ جي حمايت يافته امن ڪميٽي، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي کي ان جو ذميوار ڄاڻائيندي آهي. سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم تازو چونڊيل سينيٽر مصطفيٰ ڪمال ۽ اي اين پي جي سينيٽر شاهي سيد کي وفاقي ڪابينا ۾ ڏسڻ جون خواهشمند آهن، ان ڪري ڪراچي ۾ وڳوڙ ڪري پ پ حڪومت تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. پ پ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي عهدو ٿي ڏئي ته ٻئي کي نٿي ڏئي سگهي.

“افيئر” کي مليل اطلاعن موجب امن ڪميٽي، اي اين پي ۽ حقيقي ايندڙ چونڊن کان اڳ سنڌين، بلوچن، مهاجرن ۽ پٺاڻن تي مشتمل اڻ اعلانيل اتحاد ٺاهڻ ڏانهن وڃي رهيون آهن. ان صورت ۾ متحده، ايم ڪيو ايم حقيقي تي پابندي هڻڻ لاءِ حڪومت تي پريشر وجهي رهي آهي.

اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڪراچي جي حوالي سان پ پ جو ذوالفقار مرزا ۽ تحريڪ انصاف جو عمران خان هميشھ کليل طور چوندا رهيا آهن ته ڪراچي ۾ وڳوڙن جي ذميوار متحده آهي، پر اهي ٻئي همراهه اڄڪلهه خاموش آهن.

چيو اهو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جو ٿيل عوامي جلسو ايم ڪيو ايم جي حمايت سان ٿيو هو، ان ڪري عمران خان ڪراچي ۾ تازي رتوڇاڻ تي خاموش آهي. جڏهن ته مرزا لاءِ اهو پيو چيو وڃي ته هن ڪنهن ڌر جي خاص “هدايتن” تحت جذباتي تقريرون ڪيون هيون ۽ هاڻ ان ڌر جي خاص “هدايتن” تحت ئي خاموش آهي.

ياد رهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو رڳو ايم ڪيو ايم يا اي اين پي ناهي، بلڪه هر سياسي گروهه، ڌر جا ان ڪلنگ ۾ ڪارڪن ماريا ويا آهن.

سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو اهو سلسلو آخر ڪيستائين جاري رهندو؟ جنهن جو ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي.

amarguriro@amarguriro.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو