Home / افيئر / پنجاب جي نارنگ منڊي ۾ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ مسلمان ۽ عيسائي جوڙو عتاب هيٺ
above article banner

پنجاب جي نارنگ منڊي ۾ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ مسلمان ۽ عيسائي جوڙو عتاب هيٺ

پاڪستان ۾ اقليتون ڏينهون ڏينهن غير محفوظ بڻجي رهيون آهن. ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ رنڪل ڪماري، آشا ڪماري ۽ لتا جي زبردستي مذهب مٽرائي شادي ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀرچونڊي درگاهه جي پيرن جي ڪردار تي پڻ آڱريون کڄي رهيون آهن. اڃا اهو معاملو درست يا غلط حل مس ٿيو آهي ته مٿان پنجاب ۾ ٻن عيسائي ڀائرن امين مسيح ۽ قيصر مسيح طرفان ترتيبوار ٻن ڀينرن شهناز ۽ گلناز سان شادي واري مسئلي ڪر کنيو آهي. شيخوپوره ضلعي جي نارنگ منڊي سان واڳيل ٻنهي جوڙن جي شادي اڍائي سال کن اڳ ۾ ٿي هئي. پر مقامي مسلمانن کان اها ڳالهه خفيه رکي وئي هئي ته ڪو انهن مسلمان ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي. اهڙي ريت مقامي مسلمان پڻ کين عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پر جڏهن کان کين اها خبر پئي آهي ته انهن ٻنهي عيسائي ڀائرن ٻن مسلمانن ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي تڏهن کان معاملا بگڙي ويا آهن ۽ اهي ڇوڪريون سندن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا آهن.

“اسان پنهنجي ٻارن سان نهايت خوش زندگي گذاري رهيا هئاسين پر جڏهن اها ڳالهه کُلي ته اسان ٻنهي ڀائرن جون زالون هڪ مسلمان خاندان جون آهن ته اهي ئي ٻاجهارا پاڙيسري اسان جا دشمن ٿي بيٺا آهن ۽ انهن کي سندن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا آهن” امين چيو پئي.

امين چواڻي 31 مارچ تي سندس گهر واري شهناز ساڻس بحث مباحثي کانپوءِ دانهون ڪندي گهٽي ۾ نڪري پئي ته “آءُ مسلمان آهيان، عيسائي مون تي تشدد ڪري رهيا آهن، مونکي بچايو”. پاڙيسرين پهرين ته خاموشيءَ سان اهو لقاءُ ڏٺو ۽ پوءِ سرٻاٽن ۾ مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون. اڳئين ڏينهن تي مقامي اڳواڻ سردار هاشم علي مَڻ، جيڪو هتان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو هو، ان امين ۽ سندس ڪٽنب کي پنهنجي ڊيري تي گهرايو. اتي امين کان سردار ڪجهه سوال پڇيا جنهن جي جواب ۾ هن وراڻيو ته شهناز پنهنجي مرضيءَ سان عيسائي مذهب اختيار ڪيو ۽ پوءِ اسان هڪٻئي جي رضامنديءَ سان شادي ڪئي. ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ سردار مَڻ اَمين کي ڏوهي قرار ڏيندي حڪم صادر ڪيو ته تون پنهنجي زال کي ڇڏي ڏي ۽ ڀاءُ کي به چئو ته اهو به زال کي ڇڏي ڏئي، ڇو ته مسلمان ڇوڪرين سان هاڻ توهان جو گڏ رهڻ ڪنهن به ريت درست ناهي.

امين چواڻي هنن اهڙي حڪم صادر ٿيڻ کانپوءِ فوري طور ڪجهه ضروري شيون گڏ کڻي گهر ڇڏي ڏنو. هن نارنگ منڊي جي ليسڪو آفيس ۾ سوئيپر طور ملازمت به ڇڏي ڏني. شهناز چوي ٿي ته هاڻ هن پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي آهي، اڳ هن امين کان الڳ رهڻ جو سوچيو به نه هو. هن وڌيڪ چيو ته سندس والدين هن جي پهرين شادي هڪ موالي سان ڪرائي هئي، جيڪو کيس مارڪٽ پڻ ڪندو هو، هن اهو به چيو ته سندس والدين ان سلسلي ۾ ڪا به مدد نه ڪئي ان ڪري هن پنهنجي پيرن تي بيهڻ خاطر پهرئين مڙس جو گهر ڇڏيو.

قيصر ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ٺوڪر نياز بيگ ۾ پنهنجي مائٽن وٽ اچي پناهه ورتي آهي، پر انهن به اسان کي وڌيڪ عرصو پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته اتي پڻ مقامي ماڻهن اسان خلاف مظاهرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سردار مَڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته هن اها خبر پوڻ کانپوءِ ته شهناز کي پهرين مڙس کان طلاق نه ٿي هئي ۽ هن بنا طلاق جي هڪ عيسائي مرد سان شادي ڪئي. مون جوڙيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان عمل کي غير اسلامي قرار ڏيندي مون کين پنهنجو علائقو ڇڏي وڃڻ جو چيو. هن امين کي اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن اهو اهڙيون غير اخلاقي حرڪتون جاري رکندو ته پوءِ سندس علائقي ۾ نه رهي. مَڻ چواڻي هن ٻنهي جوڙن کي هڪٻئي کي ڇڏڻ جو موقعو مهيا ڪيو پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڪري کين علائقي نيڪالي ڏني وئي.

ٻئي طرف هيومن لبريشن ڪميشن جي سربراهه رستم پرويز سهوترا ٻنهي جوڙن کان علائقو خالي ڪرائڻ جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي آهي. هن چواڻي پاڪستان جي آئين موجب ڪير ڪٿي به پنهنجي مرضيءَ سان رهي سگهي ٿو. هن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ گورنر کي ان معاملي جو نوٽيس وٺي عتاب هيٺ آيل ٻنهي جوڙن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو