Home / افيئر / پوپ بينڊٽ جو دورو ڪيوبا انقلاب ۽ ڪليسا ۾ دوريون گهٽجڻ لڳيون
above article banner

پوپ بينڊٽ جو دورو ڪيوبا انقلاب ۽ ڪليسا ۾ دوريون گهٽجڻ لڳيون

تازو پوپ بينڊٽ سورهون لاطيني آمريڪا جي ٻن ملڪن جو ڇهن ڏينهن جو دورو ڪري موٽيو آهي، جن ۾ ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا شامل آهن. پوپ جان پال آنجهاني به ڪيوبا جو دورو ڪيو هو.
اهو ان جو ڪيوبا ۽ چرچ آف ويٽيڪن جو پهريون رابطو هو. اهو رابطو ان وقت ٿيو هو جڏهن سويت يونين جي 1991 ۾ تڏاويڙهه ٿي. پوپ بينڊٽ 16 ميڪسيڪو ۾ قيام دوران ڪيوبا جي حڪومت خلاف بيان به ڏنو ۽ طرز حڪمراني تي تنقيد به ڪئي آهي. پر ڪيوبا سرڪار ان جو نوٽيس گهٽ ورتو ۽ پوپ جو هوانا ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. پوپ پنهنجي قيام دوارن ملڪ جي صدر رائول ڪاسترو سان ملاقات ڪئي ۽ ان کان وڌيڪ ڪيوبا جي اڳوڻي حڪمران فيڊل ڪاسترو جيڪو رٽائرڊ زندگي گهاري پيو، ان سان به ملاقات ڪئي. ڪيوبا ۾ پوپ وڏي چرچ ڪيٿيڊرل ۾ دعايا تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو.
ڪيوبا جيڪو دنيا ۾ لادين ملڪ سمجهيو ويندو هيو اتي اصل ۾ ڪيٿولڪ عيسائي مذهب فرقي وارن جي اڪثريت آهي. جيئن 1969 واري انقلاب کانپوءِ رياست چرچ جي پٺڀرائي ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ چرچ جو ڪو به ڪردار سرڪار ۾ نه رهيو انڪري چرچ پوئتي پئجي ويو. ٻيو ته چرچ انقلاب دوران انقلابين خلاف هيو ۽ چرچ ان وقت جي حاڪم پٽسٽا جو حامي هو، جيڪو چرچ جي حمايت سبب پنهنجي عوام جا حق غضب ڪيو ويٺو هيو. آمريڪا جي ڀر ۾ هڪڙي ننڍي رياست ويهي ڪري گذريل ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ آمريڪا جي چئلينج کي قبول ڪيو ۽ اڄ زنده رهي ڪري حڪومت ڪري رهي آهي. سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سياسي پنڊتن جو خيال هيو ته هاڻ ڪيوبا گهڻو وقت جالي نه سگهندو ڇو ته ان جي سڄي معيشت جو دارو مدار سويت يونين تي هيو، هٿيارن کان وٺي تيل تائين. نه اهو سويت يونين رهيو ۽ نه وري ڪيوبا رهندو. مگر ڪيوبا انهن سڀني قياس آراين کي مٽي ۾ ملايو ويٺو آهي ۽ 21 هين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ داخل ٿيو پيو هلي. جڏهن ته ڪيوبا جو سگهارو ماڻهو فيڊل ڪاسترو بيماري جي ڪري في الحال عارضي پوءِ مستقل حڪومت جي واڳ پنهنجي ننڍي ڀاءُ رائول ڪاسترو حوالي ڪري ڇڏي آهي. پوپ جڏهن هوانا ايئرپورٽ تي پهتو ته ملڪ جي ڪيٿولڪ آبادي واري ملڪ جي ماڻهن آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي وڏي چرچ سان گڏ انقلابي اسڪوائر ۾ پڻ خطاب ڪيو. هن رواداري جو درس ڏنو ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪيوبا خلاف پابندين جي به ڳالهه ڪئي.
پوپ جي اچڻ کان اڳ ۾ اهو چيو پئي ويو ته ڪيوبا جيڪو بندمعاشرو آهي ۽ ماڻهو گهٽ ٻوسٽ جو شڪار آهن اهي شايد ڪنهن تبديلي طرف ويندا ۽ عرب بهار وانگر ڪو اندر جهٽڪو ايندو پر ايئن ڪو نه ٿيو، ڪيوبائي عوام انهن پابندين جو عادي ٿي چڪو آهي ۽ انهن پنهنجي اندر مقابلي جي سگهه پيدا ڪئي آهي. ڪيوبا ڪالهه اڪيلو هيو اڄ ان جي ساٿين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ 20 هين صدي جي خاتمي سان گڏ لاطيني آمريڪا اندر جيڪا اٿل پٿل ٿئي پئي تنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. اڄ فيڊرل ڪاسترو اڪيلو نه پر هيوگو شاويز جهڙو ساٿي وينزويلا جو صدر موجود آهي. لاطيني آمريڪاجي اڌ کان وڌيڪ ملڪن ۾ سوشلسٽ حڪمران حڪومت پيا ڪن ۽ ايئن ڪيوبائي انقلاب کي بنا ڪنهن گولي جي لاطيني آمريڪا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، جنهن جو مثال چي گويرا جي ملڪ بوليويا جو وٺو اتي به مورال جهڙو صدر ٿيو آهي. جڏهن ته 1973 ۾ چلي جي صدر سلواڊور الندي کي اقتدار کان الڳ ڪري فوجي بغاوت ذريعي قيد ۾ ماريو ويو. ان جو ڏوهه صرف اهو هيو ته هن ملڪ جي ٽامي جي ذخيرن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ۽ ان شام جي ذخيرن جي مالڪي چلي جي عوام جي حوالي ڪئي. ان تي آمريڪا منازو ڊاڪٽرائين تحت حڪومت جو تحتو اونڌو ڪرايو. هزارين سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو غائب ڪرايا ويا جن جو پتو اڃا تائين ڪونهي.
ڪيوبا جي موجوده سرڪار جيڪا انقلاب جي واٽ وٺي پئي اچي ان تي قائم ۽ دائم آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته ڪالهه ان کي سويت يونين تي ڀروسو هيو اڄ هو پنهنجي پاڙيسرين تي ڀاڙي ٿو. جيئن ڪيوبا کي تيل وينزولا وارا پيا ڏين ۽ لاطيني آمريڪا جي ايسوسئيشن جي ملڪن ۾اهو طئي ٿيو آهي ته هو هاڻي ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين مداخلت جي حمايت نه ڪندا ۽ ڪنهن به فوجي آمر کي مڃتا نه ڏيندا ۽ ملڪن اندر باهمي اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪندا ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪندا. ائين ڪرڻ سان ارجنٽائين جيڪا فاڪلينڊ واري معاملي ۾ برطانيه واري جنگ ۾ آمريڪا جي مداخلت تحت ارجنٽائن کي پنهنجو ٻيٽ واپس وٺي نه سگهيو پر هاڻي ارجنٽائن برطانيه کي فاڪلينڊ واري معاملي ۾ سوڙهو ڪيو آهي ته هو هاڻي اهو اڏو واپس ارجنٽائن کي ڪري ڇاڪاڻ ته اهو سندن ملڪ جي ملڪيت آهي.
آمريڪا 1942 واري منارو ڊاڪٽرائن تحت جيڪو لاطيني آمريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ مداخلت ڪندو هو، جنهن ۾ آمريڪا کي محسوس ٿئي ته ان ملڪ جو حاڪم آمريڪي مفادن خلاف ڪم ڪري ٿو يا آمريڪي دشمن سان ملي ڪري آمريڪا خلاف سازش ۾ شامل آهي. اڄ لاطيني آمريڪا ۾ پيرو کان وٺي برازيل تائين چونڊيل حڪومتون آهن ۽ ماڻهن جي ڪافي وقت کان فوجي آمريتن کان جان ڇٽي آهي. نه جنرل پنوشي رهيو ۽ نه وري پيرونسٽ جنرل جيڪي مئي پڄاڻان حاڪم رهن.
آمريڪي صدر اوباما جڏهن اقتدار تي اچڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو هو ته هو ڪيوبا سان رابطا بحال ڪندو ۽ ورڪنگ ناتا قائم ڪندو. دريائي پابنديون نرم ڪندو موٽ ۾ ڪيوبا به ڪجهه لچڪ پيدا ڪري. ليڪن ايئن ٿيو گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته واشنگٽن ۽ هوانا ۾ هڪٻئي خلاف جيڪا اعتماد جي گهٽائڻ يا وارداتون ٿيون آهن انهن کي گهٽائڻ لاءِ وقت گهربو ۽ هاڻي آمريڪا کي به گهرجي ته ڪيوبا سان رويو تبديل ڪري ڇو ته ڪيوبا ڪنهن پابندي تحت نه جهڪندو. پوپ جي دوري سان ڪيوبا تي ڪو به فرق ڪو نه پوندو پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته ڪيوبا اندر بند معاشري ۾ ٿوري لچڪ آئي آهي ۽ ماڻهن کي مذهبي هجڻ سان روحاني سڪون ميسر ٿيو آهي. ڪيوبا حڪومت پهريون ڀيرو پوپ جي تنقيد جو ڪو به جواب نه ڏنو آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي. پوپ به پهريون ڀيرو آمريڪا کي چيو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪريو ۽ سهپ برداشت پيدا ڪريو. ڪيوبا اندر خوف وارو دور ختم ٿيڻ گهرجي هاڻي ڪيوبن انقلاب کي ڪو خطرو ڪونهي. بلڪه انقلاب پيغام کي ڪجهه وقت ضرور لڳو پر لاطيني آمريڪا کي پنهنجي گود ۾ ورتو آهي. هاڻي ڪو به آمريڪي حاڪم لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ پنهنجي پسند جو جنرل نوريگا نه آڻيندو ۽ نه وري جڏهن چاهي ان کي نارڪوٽڪ جي الزام ۾ ملڪ مان ٻڌي آمريڪا جي عدالت ۾ سزا ڏئي سگهندو.
ڪيوبا ۽ آمريڪا کي ڳالهين ذريعي هڪٻئي کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچڻ وڃڻ ۾ پابندي ۾ نرمي ڪئي وڃي. هڪٻئي خلاف سازش کي بند ڪيو وڃي. ڪيوبا اندر به اليڪشن ڪرائي سڀني پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. ماڻهن جي چرپر تان پهرا گهٽائڻ گهرجن. ڪيوبا کي پنهنجي معيشت کي خطي جي ملڪن لاءِ کولڻ گهرجي. معيشت جي استحڪام لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
هاڻي 1962 وارو دور ڪونهي جو ٽين مهاڀاري ۽ پهرين ائٽمي جنگ جو خطرو هجي. نه هاڻي جان ايف ڪينيڊي رهيو آهي ۽ نه وري سويت يونين جو صدر خروشيف.
21 هين صدي آهي ملڪن ۾ باهمي لاڳاپن ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن. هاڻي پوپ انقلاب کي مٽائي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪليسا ۾ اهو تاب نه رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو