Home / افيئر / ٿر جو ڪوئلو ۽ ٿرين جا خدشا
above article banner

ٿر جو ڪوئلو ۽ ٿرين جا خدشا

 

ٿر جي ڪوئلي ۾ ڌارين جي ڀرتي خلاف مختلف فورمن تان ، اتان جي سياسي سماجي اڳواڻن ڪنهن حد تائين جدوجهد ڪئي آهي. پر اها جدوجهد هيل تائين ڪو وڏو نتيجو نـ ڏئي سگهي آهي.

تازو گذريل فيبروري مهيني جي پڇاڙي ۾ اسلام ڪوٽ کان مٺي تائين ٽن ڏينهن جو پيادل مارچ ڪيو ويو. انهي مارچ ۾ ٿرڪول ايڪشن ڪاميٽي ۽ ڪوئلوايڪشن فورم ۾ شامل سڀئي ڌريون شامل هيون سواءِ هڪ اڌ ڌر کي ڇڏي ڪري اهو 27 فيبر وري کان 29 فيبروري تائين ڪيل لانگ مارچ ٿر جي ڪوئلي بابت ڪيل جدوجهد ۾ سڀ کان وڏو ۽ ڪنهن حد تائين اثر انداز ٿيندڙ قدم هو. انهي جا به ٻه ٽي بنيادي سبب آهن هڪڙو ته هن ۾ ڪوئلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سموريون ڌريون شامل هيون ٻيو ته هن مارچ ۾ اهي ڌريون به شامل هيون جيڪي هيستائين هن مسئلي بابت خاموش رهيون آهن. انهي مارچ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين بشيرخان قريشي به هو ته پراڻا ڪامريڊ ماما جمن دربدر کان وٺي حليم باغي تائين شامل هئا ۽ ٻي جيڪا ڌر هئي جنهن کي مختلف ڌريون مختلف انداز سان ڏسي رهيون هيون اهو هو اربابن جو هن مارچ ۾ شامل هجڻ، جنهن کي ڪن سمجهيو ته هي اربابن جي سياسي حڪمت عملي آهي ڪن چيو ته جيڪڏهن ارباب هن مارچ ۾ شامل نه هجن ها ته پوءِ هنن کي ٿر جي مالڪي يا ٿر جي وسيلن جي مالڪي نه ڪرڻ تان تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ها. پر هنن جو هن مارچ ۾ شامل هجڻ سٺو عمل آهي جيڪڏهن ارباب ڪوئلي جي مالڪي لاءِ سنجيدگي سان بنا ڪنهن سياسي مقصد جي بيهن ٿا ته اها جدوجهد ڪنهن حد تائين نتيجا ڏيندڙ هوندي.

هن پيادل مارچ جي اڳواڻي ارباب احسان ڪري رهيو جنهن جو هيستائين ارباب سياست سان ڪو ايترو خاص تعلق نه رهيو آهي باقي هو انهن جي خاندان مان ته آهي. پر هنن جو ويجهڙايون قومپرست ڌرين سان رهيون آهن. ٻي ڳالهـ ته وقت کان اڳ ۾ ڪابه ڳالهه ڪرڻ ٺيڪ ناهي. “افيئر” جي رابطو ڪرڻ تي ارباب احسان جو چوڻ هو ته ڪوئلي جي مسئلي تي انهي ڪري جدوجهد شروع ڪئي تـ هي نج ٿر جو مسئلو آهي ۽ هي جدوجهد اسان ڪنهن سياسي پارٽي جي بجاءِ هڪ اد بي  تنظيم جي پليٽ فارم تان شروع ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو تـ اسان اپريل ۾ ڪراچي ۾ ڪوئلي تي وڏي ڪانفرنس به ڪرائي رهيا آهيون جنهن ۾ ٽيڪنيڪل ماهر، سول سوسائٽي ۽سياسي ڌريون هونديون انهي کان پوءِ اسان جو اڳيون قدم اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين ڪوئلي جي مالڪي جي حوالي سان  مارچ هوندو، پوءِ به آواز نه ٻڌو ويو تـ ڪول ايريا جو گهيراءِ ڪيو ويندو. جيڪڏهن ارباب ٿر جي ڪوئلي تي سنجيدگي سان نٿا بيهن ته اها انهن جي ٿر سان بيواجبي هوندي پر هينئر ئي ڇڙهي هڻي چئجي ته اها سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لئـ اربابن جي سياسي حڪمت عملي آهي ته اهو رويو ٺيڪ ناهي.

ٻي ڳالهه ته هيستائين جيڪا به ٿر جي ڪوئلي تي جدوجهد ٿيندي رهي آهي انهي جدوجهد ۾ انهي جو نعرو اهو رهيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي ۾ ڌارين جي ڀرتي بند ڪريو. اهو ٿر جي ڪوئلي جو هڪڙو مسئلو آهي انهي مسئلي سان گڏو گڏ ٿر مان ڪوئلو ڪڏهن بـ نڪري ۽ ڪئين به نڪري پر اهو ڪوئلو نڪرڻو ضرور آهي. انهي ڪري ٿر جي ڪوئلي تي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي انهي ڪوئلي نڪرڻ سان جيڪي ٻيا خدشا آهن انهن تي به سوچڻ گهرجي. ٿر ۾ موجود زير زمين ڪوئلو9100 چورس ڪلوميٽر ۾ چئن بلاڪن ۾ ورهايل آهن جيڪو 550 کان 600 فٽ زير زمين آهي ايترو هيٺ ڪوئلي تائين پهچڻ کان پهرين پاڻي جا ٻه ليئر ڪراس ڪرڻا پوندا جيڪڏهن اوپن پٽ ذريعي ڪڍيو ويو ته اها سموري واري اتان هيڪر ته هٽائي ويندي اهو سمورو پاڻي اتان نيڪال ڪيو ويندو. ايئن ڪرڻ سان هڪ ته ٿر جي سموري ماحوليات خراب ٿيندي زير زمين پاڻي ختم ٿيڻ سان وڻ ٻوٽا مڪمل تباه ٿي ويندا. اها هٽايل واري واري زمين آبادي جي لائق نه رهندي. ٿر جي ماڻهن جو ذريعي معاش آهي ئي چوپائي مال ۽ برساتي پاڻي تي جڏهن سڄي ٿر ۾ زير زمين پاڻي جا وهڪرا ختم ٿي ويندا ته پوءِ وڻ ۽ ٻوٽن جو زنده رهڻ ناممڪن ٿي پوندو ۽ جڏهن وڻ ۽ ٻوٽا ئي نه رهندا ته چوپايو مال ڪئين رهي سگهندو. ٻي ڳالهـ ته اها زمين پوءِ برساتي پاڻي تي به آبادي جي لائق نه رهندي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿي سگهي ته ٿر ۾ پوءِ برساتون به نه پون جيڪڏهن برساتن نه پوڻ جيترو اثر نٿو پوي ته به زمين جو مٿيون تهه هٽي وڃڻ جي ڪري گاه برساتن تي به نه ٿي سگهندو. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اتان لڏائي باقي ٿر جي ٻين علائقن ۾ آباد ڪيو ويو ته يقينن انهن علائقن ۾ آبادي جو پريشر وڌندو ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪوئلي واري علائقي مان ئي زير زمين پاڻي ڪڍيو ويو تـ انهي جو اثر پوري ٿر تي پوندو ڇو جو زير زمين پاڻي جا وهڪرا هوندا آهن جيڪي وهندا رهندا آهن. باقي ٿر جي ماحوليات تي پڻ اثر ٿيندو  اتي به چوپايو مال رکڻ ايترو ممڪن نـ هوندو. انهي ڪري ڪوئلي تي جدوجهد ڪندڙ ماڻهن کي انهي ڏس ۾ به سوچڻ گهرجي. انهي کان پوءِ ڪوئلي واري ايريا ۾ جن ماڻهن جون ذاتي سروي زمينون آهن يا هنن جا ذاتي گهر آهن انهن ماڻهن کي اهي گهر ۽ زمينون ته ڇڏڻيون پونديون پوءِ سوچڻ جي ڳالهه آهي تـ انهن ماڻهن کي معاوضي ۾ ڇا ٿو ڏنو وڃي. حقيقت ۾ انهن کي معاوضي ۾  بئراجي ايريا ۾ آبادي لائق اوتري  زمين ڏني وڃي جيتري هن جي ڪول ايريا ۾ آهي. يا ته پوءِ هن کي انهي جو جائز معاوضو ڏنو وڃي جيڪڏهن سرڪار سڳوري رٽائر فوجين کي بدين ۾ زمين ڏئي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ايئن ممڪن ناهي ۽ ٿرين کي ڏيڻ جيتري زمين سرڪار سڳوري جي هٿ وس ناهي ته ٿر ڪول جي حوالي سان ٿر ۾ اٿندڙ بي چيني جو هڪڙو ئي حل آهي ته سرڪار سڳوري کي گهرجي ته ذوالفقار آباد جي نالي تي جيڪو منصوبو ٺٽي ۾ سوچ ويچار هيٺ آهي. انهي منصوبي تي سنڌ کي اعتراض به آهن انهي ڪري انهي منصوبي تي خرچ ٿيندڙ رقم  مان جيڪڏهن سرڪار سڳوري همٿ ڪري ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڪو ماڊرن بگ سٽي تعمير ڪرائي. ۽ انهي بگ سٽي ۾ انهي ڪوئلي واري ايريا ۾ آباد ٿيل ٻاهتر ڳوٺن جي ماڻهن کي آباد ڪري، يقينن انهي بگ سٽي ۾ انساني ضرورت جون بنيادي سهوليتون ضرور مهيا ڪندي. جنهن ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج يونيورسٽيون صحت جي بنيادي سهوليتون پيئڻ لاءِ مٺي پاڻي جي سهوليت جنهن لاءِ ٿريا نسل در نسل سڪندا رهيا آهن. انهي بگ سٽي ۾ ٿرين کي آباد ڪري تـ اهو ٿرين لاءِ موزون معاوضو هوندو. انهي سان اهو ٿيندو تـ ڪوئلي نڪرڻ سان ماحولياتي جي خرابي جي ڪري ڪي بيماريون پئدا ٿين ٿيون ته انهن جو اتي جو اتي آساني سان علاج ڪري سگهبو.

جيڪڏهن انهي بگ سٽي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج۽ يونيورسٽيون هونديون ته ٻن ڏهاڪن اندر ٿر جو موجوده نسل ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪري انهي لائق بنجي ويندو جو هو انهي ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ ڪنهن سٺي پوزيشن تي نوڪري ڪري سگهندو. ٿر جي ڪوئلي وارن ڳوٺن کي سٺي نموني سان آباد ڪري سگهبو. انهي سان نسلن کان ڀوڳيندڙ ٿر جي ماڻهن جي تقدير تبديل ٿي ويندي  جيڪڏهن هينئر ايئن نه ڪيو ويو ته ڪوئلو نڪرندو ۽ ڪوئلي جي نڪرڻ سان اسلام ڪوٽ جي موجوده شڪل تبديل ٿيڻي آهي ۽ اها ٿيندي پر پوءِ ايئن ٿيندو جو انهي اسلام ڪوٽ ۾ اهي ماڻهو اچي آباد ٿيندا جيڪي ڪوئلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايندا ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پوءِ اهي رڳو ٽڪنيڪل ماڻهو ڪونه هوندا انهي ۾ نان ٽڪنيڪل ماڻهو به اهي ٽيڪنيڪل ماڻهو پنهنجي واسطي پٺيان اتان ئي وٺي ايندا ۽ انهن کي هتي آباد ڪندا. جئين هيئنر به ڪم ڪندڙ ماڻهون بورچي ۽ ڊرائيور پاڻ سان گڏ وٺي آيا آهن پوءِ اتي ڍاٽڪي يا سنڌي ڳالهائڻ وارو ڳوليو ڪونه لڀندو. انهي ڪري اربابن، سرڪار ۽ ڪوئلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي انهي ڏس ۾ سوچڻ ضرور گهرجي ٿر جو مسقبل جو وڏو شهر اسلام ڪوٽ آهي. ڪوئلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين جا ڌارين جي ڀرتي خلاف نعرا به ٺيڪ آهن پر هنن جي گهر اها هجي ته جن ڳوٺن ۾ ڪوئلو آهي انهن کي اسلام ڪوٽ ۾ آباد ڪري هنن کي بنيادي سهولتن سان گڏ ٽڪنيڪل تعليم جي وڌ کان وڌ سهوليت مهيا ڪئي وڃي. جيئن ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ هتان جو انساني وسيلو استعمال ڪري ڪوئلو ڪڍي سگهجي. ٻاڀڻئين ڀيل جو ڀيل سڀاڻي انجنيئر ٿي ڪوئلي ۾ ڪم ڪري باقي جدوجهد واريون حاصلاتون وقتي ۽ بي فائدا هونديون جيڪڏهن ٿريا چوڪيدار پٽيوالا ۽ ڊرائيور لڳا تـ بـ ڪيترا لڳندا نه ته ٿر ڪول ٿي سگهي ملڪ ۽ قوم کي ڪو فائدو ڏي ته ڏي پر ٿر کي نقصان ڏيندو ٿريا خانا بدوش ٿيا پيا بئراجي علائقن ۾ ڦرندا انهي ڪري جدوجهد ڪندڙ ڌريون هينئر ئي مسقل حل لئـ جدو جهد ڪن .

Jogee_khalid@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو