Home / افيئر / ڀاڙي جا قاتل
above article banner

ڀاڙي جا قاتل

بلڪل آسپاس ۽ ويجهي تاريخ جا ڪجهه واقعا ٿا ياد ڪريون. مصر جو تحرير چوسول. مبارڪ سرڪار کي لاهڻ لاءِ لک کان مٿي عرب جَوڙ ٿيل. هڪڙي ڪُنڊ حڪومت جا حامي ڪَٺ ٿي پهتل. صدر حُسني جي حق ۾ نعرا هڻندڙ. ڪنهن پاسي کان اوچتو گهوڙن ۽ اُٺن تي سوار همراهه اچي رَسيا. وَهٽَ جَي ڀَروارن اهرامن جي ديدار ڪاڻ غير ملڪي گهوماڪڙ ڀاڙي وٺندا رهندا آهن. جانورن تي لانگ وَرايل مَرد وچيئن ڌاري هُجوم منجهه ڪاهي پيا. نشو واپرايل هئن. هٿن ۾ بندوقون، پستول ۽ بَمَ. نه هَم ڏٺائون نه تُم، انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏنائون. گرينيڊ اُڇلائيندا، ماڻهن کي لتاڙيندا اڳتي وڌيا. اٺ سو ڪنواٺ ۽ گهوڙا. سندن لَتُون ۽ سُنبَ. احتجاج خاطر گڏ ٿيل عورتن ۽ مُڙسالن ۾ دانهوڙ پئجي وئي. قاهره جي وڏي حصي ۾ ڪيهاٽ ٻُرڻ لڳا. کوڙ شهري مارجي ويا يا گهايل ٿي اسپتال ڀيڙا. پهريون دفعو ان ڀونچال ۾ لفظ مَرسينري ٻڌڻ ۾ آيو-معنيٰ ڪِرائي جو قاتل.

وَنگارئون نَه پر ڏوڪڙ وٺي رت وهائڻ جي ڪرت سموري جڳ ۾ عام رهي آهي. اتهاس جي هر دور ۾. سڀني تهذيبن وٽ. آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي پرڳڻن منجهه اهڙو وهنوار اداري جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ڪافي وقت کان. اڄوڪي سمئه جڏهن دنيا خُود کي سُڌريل تصور ٿي ڪري، ڪيترن ئي عرب رياستن جي آرمي پاڙيسري ملڪن جي ڪُڙمي ۽ ڪاسبي انسانن تي مشتمل آهي. ڄاڻيندا هوندو ته نَار جي سلطنتن ۽ خاص طور تي اومان جي فوج ۾ گهڻائي پاڪستاني بلوچن جي آهي. ڪجهه تفاوت سان ساڳي صورتحال باقي امارتن ۾ آهي. ويڙهاڪ فورس-حرب-کان ڌار سماجي حياتيءَ جي مختلف شعبن ۾ کاپي هيٺ آيل ماڻهن جي سندن معاشري ۾ حيثيت ڀَاڙي تي ورتل خچر کان مختلف نه آهي. کانئن ڇڪي ڪم وٺبو. پئسا مناسبت سان ڏِبَن. سڄي عُمر گذارين پر شهريت جا حقدار نه هوندا. عرب جو عجم سان تاريخي رويو. انساني حقن جو سوال اُٿڻ بعد گورن جو اسان سان ورتاءُ مَٽيو. نه ته وٽن به اهائي ڪار هئي.

هاڻ ٿو سمجهه ۾ اچي ته خليج جي خطي ۾ ڪم ڪندڙ اسانجي همراهن جي ٺِڳَ ڪيتري ٺَلهي آهي. رِيال، دِينار ۽ درهم جي بدران ماڻهپي جو واپار ٿو ڪرڻو پَوي. نهايت غير انساني حالتن ۾ پورهيو ٿو ٿئي. اُتي جي قاعدي ۽ قانون موجب آدم جو وڻج ڏوهه جي زمري ۾ نه ٿو اچي. اوهان ڪنهن عرب سڳوري جي معرفت سندس ملڪ ۾ داخل ٿيو ٿا. هُو پنهنجي شخصي ضمانت جي موٽ ۾ توهان کان معاوضو پڻ وٺندو ٿو رهي. ٿي سگهي ٿو ته الاهي غير شائسته مطالبا به وات مان اُچاريندو وَتي. غلامي ۽ ٻانهپ جو ئي هڪ روپ. نئين زماني جي آقا خلاف ٻڙڪ به ڪڍي نه ٿي سگهجي. دانهن جي صورت ۾ پاڻ کي ئي واپس ڳوٺ اچڻو پوندو. ڪِرايي تي وهندڙ تَوڏي مثل. تيل جو خزانو هٿ اچڻ کانپوءِ وچ اوڀر وارن جي ٽانءِ ۾ اڃا اضافو ٿيو آهي. آفريڪا ۽ ايشيا جي ڏُتڙيل خلق ڏَانهن ڊوڙندي ٿي وڃي. امن جي وقت هُو کانئن پگهر جو ڪَسبُ ٿا وٺن. ڏڦيڙ جي گهڙيءَ وري رت جي راند ۾ ٿا ڌِڪين. بحرين جي پوليس ۾ ڪافي پاڪستاني آهن. گذريل سَالَ جي وڳوڙن دوران ٿورائيءَ ۾ رهندڙ سُني ماڻهن جي سرڪار، اڪثريتي شيعا آباديءَ تي ڪلور ڪيا. ڀاڙي جا قاتل، پاڻ وارا جوان ڪتب آيا. اُتي ترسيل پنجابي ۽ مُهاجرَ، لوڪ جي ڪَن مَهٽ جو شڪار ٿيا ته هاءِ گهوڙا هتي مَچي وئي.

ضرورت جو مَول پنهنجي جاءِ تي، منش پئسي جو ديوانو آهي. آفريڪا ۾ ڏکڻ کان اُتر طرف قافلا آهن جيڪي لڳاتار هجرت ۾ رهن ٿا. ويڙهاڪ-گهڻي قدر. مسخرائپ سان ڀريل هن دنيا ۾ اوهان چاهيو به ته ان لڏپلاڻ جي مخالفت ۾ ڳالهائي نه ٿا سگهو. الاهي ڏاها ايڪانامڪس جا اُصول ڳڻائيندا. ڪِن  وٽ جِپسي ماڻهن لاءِ رومانس جون خرزينون آهن. انجام؟-اهو ته لبيا جي مسئلي ۾ سائوٿ کان آيل شيدين کان 85 ڊالر ڏيهاڙي جي حساب سان پورهيو ورتو ويو. عظيم انقلابي اڳواڻ طور مشهور قذافي مرهيات کين ڏوڪڙ ڏئي، باغي جَٿَن، پنهنجي ئي راڄ مٿان ڪڙڪي پوڻ جو اشارو ڪيو. پاڻ پارن اٻوجهن ٻيهر مَرسينري جي اصطلاح سُڻي. ڀاڙي جا قاتل-جمع ۾ لکجي ته. هزارن جي انگ ۾ اهي ٻَيلي، ڪاسبي ڌرتي ڌڻي لبيائي عوام جا ڌاڻا ڪڍندا رهيا جو نيٽو جا جهاز پهتا ۽ قذافيءَ کي ڍير ڪيائون.

يَمن کان پاسائتو، شام ڏانهن اک کڻجي. اُتي به ساڳي ڪار آهي. فرق ٿورو ۽ هيءُ ته بشار حڪومت جي ڪميڻائپ ڏسڻ وٽان آهي. سندس فوج يا پوليس مان ڪنهن جو ضمير جاڳي. مخالف ڌر جي جَلسي جُلوسَ مٿان گولي هلائڻ کان نابري واري. سيڪيورٽي وارا کنڀي کڻي وڃنس. ڇانوڻيءَ ۾ سرڪاري جهنڊو اوڍي، سلامي ڏينس. ويهارو کن مُنڪرن جا مڙهه گڏ ٿين ته صدر اسد پاڻ اچي سيليوٽ ڪري، واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي. روز ٻُڌائين ته باغي ٽولن هيترا سرڪاري ڪارندا “شهيد” ڪري ڇڏيا. گورنمينٽ خود ڪيترا معصوم شهري ڪيرايا-خبر نه پوندي. ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان صحافين کي منع آهي ته سهڪاري اين جي اوز کي پڻ. جيڪي خابرو يا فوٽوگرافرز دمشق پهچي وياسي ويچارا به ته هڪ هڪ ٿي موت جي مُنهن وڃي رهيا آهن-نوگو ايريا.

پاڻ سندي پاڪ آستان ۾ صورتحال ٻي نه آهي. ڀاڙي جي قاتلن تي پوءِ ٿا اچئون، اول هيءُ قصو. ملير جي علائقي ۾ ڪپڙي جي پوڙهي واپاريءَ کي مَٿيَ ۾ ڀونري ٿي. تنظيم جو ماهوار چندو ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. پُٽن سمجهايس. پاڙيوارن چيس. ڪو نه مُڙيو. الائي ڪٿان لفظ “اصول” هٿ اچي ويس. پارٽي ڪاڻ معاملو ڊسيپلين جو ٿي پيو. اڄ هن جواب ڏنو آهي ته صبحاڻ ڪو ٻيو اُٿندو. چار ڇوڪرا موٽر سائيڪل تي آيا. ٽِي ٽِي پستولَ ڪڍيائون. ڪم خلاص.ساڳيا نوجوان ٿاڻي تي ويا. اڻڄاتل ماڻهن تي ٻُڍڙي جي مَرڊر جي ايف آءِ آر درج ٿي، تنظيمي ڪارڪن طور. پارٽي چرپر ۾ آئي. ٽَي رنگو جهنڊو آيو. جُهوني جي ميت کي اوڍيو ويو. احتجاج. پريس ڪانفرنس. ڪنهن ۾ مُڙسي آهي ته سچ ڳالهائي ۽ ڪنهن ۾ همت آهي ته حقيقت ٻُڌي؟ فقط ڪراچي نه هر هنڌ ڪاريءَ وارا ڪک آهن. ويڊيو ڀريل اعتراف ٽي وي تي ڏيکاريو ويو. سو کان سرس خُونَ ڪرڻ جو اقراري، پَهاڙي، آهستي آهستي ڇُٽي رهيو آهي. ڪَيسَ، هڪڙو هڪڙو ٿي، ڏٻرا پئجي رهيا آهن. جناب پَهاڙيءَ سو کان وڌ جيڪي قتل ڪيا تن انسانن سندس ڀَيلَ ڪئي هئي؟ ايترن ساَهوارن سان گَهرَ جي پلاٽ تي جهڳڙو هئس يا ٻارن تان تڪرار. هَٽَ سامهون گند ڪچرو اڇلائڻ سبب جهڙپ؟ ڪيڏا نَه ويچارا منش آهيون پاڻ. جن آقائن کانئس ڪِرايو ڏئي ڪم ورتو سَي ڇڏائي ويندس. ٻاهر اچي وڌيڪ رت وهائڻ کان لاچاري ڏيکاريائين ته ڪوئي ٻيو، ڀَاڙي جو قاتل چُست ٿيندو. ايف آءِ آر. گهڻ رنگو فليگ. ڌرڻو. پريس ڪانفرنس. ٿي وڃي ته ڊَڪيت جي موت جي پڻ ڪا حقيقي جانچ آڏو اچي. ڪير ڪنهن کان ڪهڙو فصل لُڻائيندو، ساڻس ڪيئن پيش ايندو رهيو آهي- ڪجهه ته معلوم ٿئي.

سنڌ جي اولهه ۾ ڇا وَهي رهيو آهي. اُتر طرف ۽ اڃا مَٿاهون. ايبٽ آباد واقعو ۽ تنهن کان آڳاهون. پڙهندڙ سُڄاڻ آهن. سڀ سمجهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو