Home / افيئر / ڇا سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه روپا ماڙي ۽ قومي سورمي شهيد دودي سومري جي مزار سمنڊ ڳڙڪائي ويندو
above article banner

ڇا سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه روپا ماڙي ۽ قومي سورمي شهيد دودي سومري جي مزار سمنڊ ڳڙڪائي ويندو

 

سنڌ جي لافاني قومي هيري شهيد دودي سومري جي عرس وارو ساليانو ٽن ڏينهن وارو ميلو 11 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ سومرا اتحاد پاڪستان طرفان 24 کان 26 مارچ تائين بدين ضلعي ۾ شهيد دودي جي آخري آرامگاهه ۽ سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه روپا ماڙي جي رڻ پٽ ۾ لڳايو ويو.

جنهن ۾ سڄي سنڌ جي سومرا برادري کانسواءِ لاڙ بدين ولاسو ۽ مانڌر جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٽن ڏينهن تائين روپا ماڙي جو هي رڻ روشنين سان جرڪندو رهيو. 24 مارچ جي شام سجاد حسين سومرو ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ علي محمد سومري ۽ بدين ضلعي جي اهم سومرا اڳواڻن سان گڏ هڪ وڏي جلوس سان ميلي جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پهتو. هن شهيد دودي جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ هن طرفان شهيد دودي جي قبر تي پهريون ڀيرو ٺهرايل خوبصورت پڃري جو پڻ افتتاح ڪيو. جڏهن ته حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ٻين لاڙ جي ڳوٺن جي شهر کان سومرا برادري جا نڪتل پيادل قافلا پڻ ڊگهو سفر ڪري شهيد دودي جي سلامي لاءِ پهتا. ميلي ۾ پهرين ڏينهن کان ئي هڪ بهترين بازار لڳي ويئي هئي. ميلي ۾ مٺو پاڻي پهچائڻ لاءِ انتظاميه طرفان پاڻي جي هڪ ٽئنڪ کانسواءِ تعلقه ڪائونسل بدين جي هڪ اڳوڻي لاٿل ناظم محمد هاشم عرف ڏاڏا جمالي طرفان تعمير ڪرايل پاڻي جي تلاءُ ۾ پڻ ڪيترن ئي ورهين کان گُڙهو مائنز مان ميلي جي موقعي تي روپا ماڙي جي ماڳ تي پيئڻ جو مٺو پاڻي پهچايو ويو. جيڪو ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ناهي. ميلي ۾ پهرين ڏينهن شام جو ملهه جو پڻ زبردست ملاکڙو لڳو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ملهه جي هن ملاکڙي ۾ بدين ۽ لاڙ جي پهلوانن حصو ورتو. ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ لاءِ هڪ خاص وڏو پنڊال ٺاهيو ويو. جڏهن ته شهيد دودي جي سلامي ڀرڻ لاءِ سڄي سنڌ مان ڪَهي ايندڙ سومرا برادري جي ماڻهن لاءِ هر ضلعي جو الڳ شاميانو لڳايو ويو. ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ پانڌيئڙن ميلي جي بازار گهمڻ کان اڳ سڀ کان پهرين شهيد دودي جي مزار ۾ داخل ٿي. حاضري ٿي ڏني جڏهن ته شهيد دودي جي مزار کان ٿورو پري ڏکڻ طرف دودي جي ويڳي ڀاءُ چنيسر سومري جي قبر آهي، جتي تمام ٿورا ماڻهو نظر آيا.

دودو-چنيسر جي لوڪ داستان موجب چنيسر سومري تخت ۽ تاج نه ملڻ ڪري پنهنجي ڀاءُ دودي ۽ سنڌ سان غداري ڪري دهلي وڃي خلجي لشڪر سنڌ تي چاڙهي آيو، ۽ روما پاڙي جي ماڳ تي سنڌي ۽ خلجي لشڪر ۾ آخري خوفناڪ جنگ لڳي جنهن ۾ دودو سومري بهادري سان وڙهندي، سنڌڙي تان سر گهوري شهيد ٿي امر بڻجي ويو ۽ چنيسر سومرو تاريخ جي ورقن ۾ غدار سنڌ بڻجي ويو. اهوئي ڪارڻ  آهي ته دودي جي مزار تي هزارين سنڌين جا ميڙ آهن ۽ چنيسر سومرو، روپا ماڙي جي موجوده رڻ ۾ اڪيلو آهي. سندس قبر پڻ ڀڄي ڀري زبون ٿي ويئي آهي. چنيسر جي قبر تي اڄ ڏينهن تائين ڪو به مقبرو تعمير ٿي نه سگهيو آهي. چنيسر جي قبر کان ڏکڻ طرف شهيد دودي سومري جي مزار کان اٽڪل هڪ ميل جي مفاصلي تي بدين واسين توڙي سڄي سنڌ لاءِ موت جي علامت بڻيل واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي جو سم نالو ڪي پي او ڊي گذري ٿو.

اسان وارو قافلو، جنهن ۾ نقاش لطيف جمالي، اسلم جمالي، سماجي اڳواڻ ۽ پارکو احمد علي جمالي،  امتياز علي عمراڻي، ارجن، راجيش سريش ميگهواڙ شامل هئا. اسين پڻ وڃي ڪي پي او ڊي تي پهتاسين. جتي ماڻهن جا ميڙ هئا. ڪيترائي اڻ ڄاڻ ماڻهو ان آفت جي باري ۾ هڪٻئي کان ڀڇي رهيا هيا. ڪي پي او ڊي جي آر ڊي 21-20 وٽان چئني طرفن کان ڀيانڪ رڻپٽ سڃ ۽ رڃ واڪا ڪري رهي هئي. رڃ جي ڄاڻ نه رکندڙ ڪيترائي ماڻهو هر طرف سمنڊ جي پاڻي جي ڇولين جو ذڪر ڪري رهيا هئا، جن مان ڪيترن کي مون ۽ احمد علي ٻڌايو ته اهو پاڻي نه پر نظر کي دوکو ڏيندڙ رڻپٽ جي رڃ آهي جيڪا منجهند ۾ شام نظر ايندي آهي. ان رڃ جي دوکي ۾ رولاڪ هرڻيون وڻ ڊوڙي ڊوڙي پاڻي جي پياس ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪنديون آهن. ماڻهن جي ان ميڙاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان اسان کي هڪ ماڻهو نظر آيو جيڪو ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي جو رهواسي حاجي چوهاڻ هو. حاجي چوهاڻ جيڪو بنهه گهڻو سمجهدار ماڻهو ٿي لڳو اهو گهڻو انڪري پريشان هو ڇاڪاڻ ته اهو اڄ کان 25 سال اڳ هي سڄو علائقو گهمي ويو هو. ان وقت جي ڪي پي او ڊي ۽ تاريخي ماڳ شيخاڻي گهاڙي به سندس ڏٺل هئي. هن وقت سڄي علائقي جو بدلجي ويل نقشو، ڀيانڪ ويراني، رڃ ۽ سڃ کي ڏسڻ کانسواءِ ڪي پي او ڊي جو اهو ابتو وهندڙ زهر جو درياهه ڏسي حاجي چوهاڻ دهلجي ويو هو.

هن جڏهن 25 ورهيه اڳ ڪي پي او ڊي کي ڏٺو هو تڏهن ان جي ويڪر اٽڪل 30 فوٽ هوندي هن وقت هن ئي ماڳ تي ان جي ويڪر اٽڪل 500 فوٽن کان وڌيڪ آهي. مون جڏهن حاجي چوهاڻ کي ان بابت بنيادي معلومات ڏني ۽ کيس ٻڌايو ته سنڌي سمنڊ جيڪو، 20 سال اڳ هتان ڪي پي او ڊي جي زيرو پوائنٽ کان ا‎ٽڪل 100 ڪلوميٽر پري هو اهو هاڻ هتان روپا ماڙي ۽ درگاهه شيخ قرهيو ڀانڊاري تائين 100 ڪلوميٽر اڳتي اچي پهچي ويو آهي. اها ڳالهه ٻڌي هو ڇرڪي ويو. هن رڙ ڪري چيو ته پوءِ هي سمنڊ ۽ ايل بي او ڊي جو راڪاس شهيد دودي سومري جي مزار ۽ روپاماڙي جي قديم تاريخي ماڳ کي چند سالن ۾ ئي هڙپ ڪري ويندو ۽ پوءِ شهيد دودي جو ميلو ڪٿي لڳندو؟ مون کيس چيو ته ٺٽي جي بزرگ ابراهيم شاهه جو ميلو ته سمنڊ جي پيٽ ۾ لڳي ٿو پر شهيد دودي جو ميلو سمنڊ جي پاڻي ۾ شايد ڪير به نه لڳائيندو. حاجي چوهاڻ سميت پري کان آيل شهيد دودي جا پانڌيئڙا ان ڳالهه تي پڻ حيران هئا ته ايل بي او ڊي جو اهو سم نالو، ان وقت اولهه کان اوڀر طرف ابتو وهي رهيو هو. اسان انهن کي ٻڌايو ته سمنڊ جي وير چڙهي رهي آهي ان ڪري سم نالو ابتو وهي رهيو آهي. هڪ ته ان ۾ سمنڊ جو کارو ڪارو پاڻي آهي ته ٻيو ته، بدين ميرپور خاص سميت ٻين ڪيترن ئي شگر ملن جي زهريلي ڪيميڪل واري بدبودار مادن وارو پاڻي پڻ ڇوڙ ڪيو ويو آهي. انڪري پاڻي جو رنگ ڪاري ڏامر جهڙو آهي. جنهن ڪري مڇي ۽ جهينگي سميت سم نالن ۽ سمنڊ جي سڄي آبي جيوت موت جو شڪار ٿي رهي آهي. اسين اڃا ايل بي او ڊي ڪپ تي بيٺا هئاسين ته اوچتو اولهه جون سامونڊي هوائون تيز ٿيڻ لڳيون ۽ سم نالي ۾ پاڻي جي سطح پڻ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. ايتري ۾ ميلي جو ملاکڙو مچي  مست ٿي ويو هو ۽ ميلي ۾ هن ملاکڙي ۾ ماڻهن جي غير معمولي دلچسپي جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو.

سنڌ جي قومي ثقافتي راند ملهه جنهن جي سنڌ حڪومت ڪا به سرپرستي نه پئي ڪري جنهن ڪري، ملهن جا هي ملاکڙا، زوال پذير ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جا عظيم ملهه پهلوان بکن ۾ پاهه ٿي ڏتڙ جي بيروزگار ۽ ڪنگال ٿي تيزي سان ان فن مان هٿ ڪڍي رهيا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي ته ملاکڙا سنڌ ۾ تمام گهڻا گهٽجي فقط ميلن تائين محدود ٿي ويا آهن. هن ملاکڙي مان ئي سنڌي ماڻهن جي ملاکڙن جي پياس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جيڪا ڀيانڪ ٻوڏ جي سٽيل ماڻهو هي ملاکڙو ڏسڻ لاءِ ڪيترا ماندا هئا. جيڪي اڻ هوند، هوندي به سرسري حاصل ڪندڙ ملهه پهلوانن کي انعام ڏيئي رهيا هئا. ميلن ۽ ملاکڙن ۾ سنڌي ماڻهن جي ان فطري دلچسپي کي نوٽ ڪندي ڪڍڻ شهر جو سماجي ڪارڪن احمد کٽي ان ملاکڙي ۾ ئي “افيئر” سان ڳالهائيندي چوي ٿو ته. سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتو آخر ڪهڙي مرض جو علاج آهن. ڇا ڪرڪيٽ ڪا سنڌ جي راند آهي؟ ڇا ڪرڪيٽ به ڪا راند آهي؟ هن چيو ته ملهه سنڌ جي قومي راند آهي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي هر سال الڳ بجيٽ رکڻ گهرجي. جيئن وفاقي بجيٽ ۾ ڪرڪيٽ جي راند لاءِ اربين روپين جو ناڻو مختص ڪيو وڃي ٿو. جيڪا رقم پڻ عوام جي کيسي مان وڃي ٿي. سنڌ جي ملهه پهلوانن لاءِ ثقافت کاتو وظيفا مقرر ڪري ۽ سنڌ جي هر شهر ۽ واهڻ وستي گهڻي ۾ گهڻا ملهه جا ملاکڙا لڳايا  وڃن. جيئن سنڌي عوام کي تفريح فراهم ٿي سگهي. هن ڄاڻايل ملاکڙي ۾ گهڻي کوٽ بدانتظامي جي هئي پوليس جي هوندي به تماشاين کي پٽ تي ويهارڻ جو ڪو به بندوبست نه هئڻ ڪري سڀ ماڻهو بيٺل هئا جنهن ڪري سوين ماڻهن کي پهلوانن جا مقابلا ڏسڻ ۾ ڏکيايون ٿيون. ملاکڙي جي پڄاڻي بعد جڏهن هزارين ماڻهو ميلي جي بازار ۾ داخل ٿيا ته ايتري ته پيهه وڌي ويئي جو ماڻهن جو گذرڻ به مشڪل ٿي ويو.

هن ميلي ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪا کوٽ نظر آئي ته 25 مارچ تي ميلي جي دعوتي ڪارڊن ۾ ڄاڻايل رٿيل شهيد دودو سومرو ادبي ڪانفرنس خبر ناهي ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري منعقد ٿي نه سگهي. جڏهن ته 24 ۽ 25 مارچ جي ٻنهي راتين ۾ ولاسو ۽ مانڌر جي ڪن مقامي سگهڙن ۽ شاعرن، حاجي رمضان ٿيٻو، انب نوتيار، فقير ناٿو خان لنڊ، معروف منڌرو، خير محمد چانگ، ۽ بين کي اسٽيج تي موقعو ڏنو ويو سگهڙن جي ان ڪچهري کانسواءِ ڪا به ادبي ڪانفرنس ٿي نه سگهي ۽ نه ئي سنڌ لاڙ ۽ خود بدين ضلعي جو ڪو به نالي وارو شاعر اديب ۽ قلمڪار اسانکي ميلي ۾ نظر نه آيو. جڏهن ته شهيد دودي جي مزار تعمير ڪرائيندڙ مرحوم حاجي شير محمد سومرو طرفان 1997 کان 2001ع تائين پنهنجي خرچ تي لڳايل ميلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سميت سنڌ جا برک قلمڪار ۽ محقق ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندا هئا. بدين لاڙ ۽ سنڌ جي قومي سياسي اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري اڪيلو ماڻهو هو، جيڪو شهيد دودو جي سلامي ڀرڻ لاءِ ميلي ۾ پهتو. شهيد دودي ۽ سومرن جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪندڙ. عمر اڪيڊمي جي سرواڻ عمر سومري ۽ بدين جي سڄاڻ قلڪار محمد صديق “سڄڻ” سومرو “افيئر” کي ٻڌايو ته ميلو لڳائيندڙ سجاد سومري ۽ بدين جي سومرن کين ميلي جي دعوت ئي نه ڏني آهي. روپا ماڙي تائين پهچڻ لاءِ سيراڻي ۽ ڪڍڻ کان ويندڙ پڪا روڊ اذيتناڪ هئڻ ڪري پانڌيئڙن کي سخت ڏکيائون پيش آيون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو