Home / پروفائيل / ڊاڪٽر قادر ابڙو؛ ڀڳي هڏ جيئن، سڄڻ ياد آيا
above article banner

ڊاڪٽر قادر ابڙو؛ ڀڳي هڏ جيئن، سڄڻ ياد آيا

 

قادر مون سان نوي جي ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ الاءِ ڪهڙي پل، الائي ڪهڙي موسم، الائي ڪيئن مليو. پر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مليو ۽ پوءِ وجود جو حصو ٿي ويو. دوستن جي موجودگي محسوس نه ڪبي آ. اهي بس اوهان سان گڏ هوندا آهن. اوهان جي بدن جي ڪنهن حصي، ڪنهن عضوي جيان. جڏهن اوهان کي ڪنهن جي موجودگي محسوس ٿيڻ لڳي، اوهان پڪ سمجهو ته اوهان جي تعلق ۾ بناءُ، مصنوعيت اچڻ لڳي آهي. ها، سندن غير موجودگي اوهان تي قيامت آڻي ڇڏيندي آهي. اوهان پاڻ کي پرزا پرزا ٿيندي ڏسندا آهيو. اوهان جي وجود جو ڪو حصو اوهان کان الڳ ٿي چڪو هوندو آهي. ڀٽائي چواڻي، “ڀڳي هڏ جيان، سڄڻ ياد ايندا آهن.”

نوي جي ڏهاڪي جي شاگرد سياست ڪو سنڌ جو شانائتو باب ناهي جو ان کي هتي ويهي ياد ڪجي، پر ان شاگرد سياست جي ميري تلاءُ ۾ اسان ڪُجهه دوست بااخلاق ۽ باعمل شاگرد سياست جا بنيادرکڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئاسين. چانڊڪا ميديڪل ڪاليج ۾ ان جا بنياد وڌيڪ سگهارا هئا. قادر ۽ انور  ابڙو، دادو جا ٻه نوجوان تن ڏهاڙن ۾ اسان جي سفر جا ساٿي بڻيا هئا.آءُ تڏهن جساف (محاذ) جي مرڪزي باڊي تي هئس ۽ قادر تمام جلد چانڊڪا يونٽ جو پريس سيڪريٽري بڻيو. اهي ڏينهن هئا جو شاگرد سياست ڪرڻ جي اجازت رياست يا سرڪار بجاءِ تعليمي ادارن کي ڄورن جيان چنبڙيل لوفر شاگرد اڳواڻن کان ملندي هئي. ۽ اُهي دليل بجاءِ طاقت جي ٻولي سمجهندا هئا. قادر ابڙو، انور ابڙو، مشتاق شيخ، اياز جمالي، ستار ٻٻر، اشفاق قريشي، محب ڏيرو ۽ اهڙائي ڪُجهه دوست هئا جن جي ساٿ سان نوي جي ڏهاڪي جي جساف (محاذ) نه رڳو چانڊڪا جي سڀ کان طاقتور تنظيم تي اڀري پر ان عام شاگردن ۾ پاڻ لاءِ ايترو چاهه پيدا ڪيو جو اڪثر ڪلاسن جي ايڪشن ڪاميٽين جون ساليانه چونڊون جساف محاذ جا دوست کٽڻ لڳا. پنج فٽ ڇهه انچ جو قد ۽ مشڪل سان سٺ ڪلو. اهو هو ڊاڪٽر قادر ابڙو. نظرياتي ڪارڪن. پڙهڻ جو بي پناهه شوق. ادب، سياست ۽ پنهنجو ڪورس. هر موقع تي ڳالهائي ڄاڻي. پر عمل کان ڪڏهن به انڪار نه. ظاهر آ ته چانڊڪا جي ان جنهگل ۾ بگهڙن سان وڙهي جيئڻ جو حق  نيش وڌائڻ کان سواءِ ملڻ ناممڪن هو ۽ هُن کي ڪنهن به ڏکي گهڙي مون پوئتي هٽندي نه ڏٺو.

1994ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر جو ڪو عمل کيس نه وڻيو. پريس ترجمان جي حيثيت ۾ مخالفت ۾ پريس بيان ڪڍي وڃي اخبارن جي آفيسن ۾ ڏيئي آيو. اڳئين ڏينهن سڀني اخبارن اهو بيان ڇپيو ۽ پارٽي پاران جساف تي ذيلي ونگ هجڻ ناطي انتظامي نوٽيس جاري ٿيو. مون کان پڇاڻو ٿيو ته اوهان ضابطو ڇو نه رکرائي سگها آهيو. مون کين ٻڌايو ته قادر ابڙو جيڪو به سچ سمجهندو اهو چئي به ڏيندو ۽ لکندو به، ان ڪري اوهان کيس روڪي نه ٿا سگهو. هو عجيب ماڻهو هو. مون زندگي ۾ ٻه ماڻهو ڏٺا جيڪي زماني جي مروج هنر کان پري ڏٺا، اتفاق سان ٻئي ابڙا. هڪ نظر ابڙو ۽ قادر ابڙو. ڏهاڪن جي رفاقت ۾ مون کين ائين ئي ڏٺو. اسان سڀ زماني سان گڏ هلندڙ ماڻهو آهيون. ٿورو گهڻو ڪوڙ ڳالهائي وڃون. ٿوري زمانه گيري ڪري ڄاڻون، پر هي يگانا يار ان هنرکي نه ڄاڻن. ۽ ان محبوب ادا سبب ٻنهي يارن زماني ۾ سٺو به ڏاڍو. ان معصوم ٻار جيان، جنهن خوشامدين هٿان گهريل بادشاهه کي چئي ڏنو ته بادشاهه ته اگهاڙو آهي، قادر کي مون ڪڏهن به، ڪٿي به ڪاري کي اڇو يا اڇي کي ڪارو چوندي نه ڏٺو. چانڊڪا ۾ مونکي ذاتي حساب سان سڀ کان ويجهو پر اجلاسن ۾ منهنجي کل لاهيندو هو. چئي، تنطيم تي تنهنجي هڪ هٺي ڇو آهي؟ مان کيس چوان ته مون ڪنهن کي ڪم کان ناهي جهليو، ٻيا اڳواڻ  به ايتري محنت ڪن، هي بار کڻڻ ته مان پاسيرو ٿيان نه!

چانڊڪا ڇڏي سياسي سفر ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها آيا. ڪيئي موڙ آيا. اسان وچ ۾ ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڪڏهن پاليسي جي سوال تي. ڪڏهن  حڪمت عملي جي سوال تي. وطن جي آزادي جي سوال تي سندس موقف ۾ ڪا به لچڪ نه ڏٺي. هُو باعمل رهيو. ها سياسي ٽيم وکرجڻ سبب هو ڪنهن به ضابطي جو باقائده حصو نه رهيو پر پوءِ به سندس اُڻ تڻ ۽ هورا کورا ساڳي هئي.

جناح جي وارڊ 20 ۾ سائيڪيٽري جي ڪا ڊگري وٺڻ لاءِ مون داخلا ورتي ۽ جلد ئي ڀڄي جان ڇڏائي جو وارڊ جي انچارج پروفيسر کي پاڻ طبي معائني جي ضرورت هئي. اتفاق سان امتحان ۾ پاس ڪرڻ به سندس هٿ هو. ڇهن مهينن تائين اسان وچ ۾ اڻ بڻت رهي. سينئرز مونکي سمجهايو ته کيس خوشامد وڻندي آهي تون هيٺاهين وٺينس. من پاڻ ۾ اهو ڀوتو نه ڀانيو. ڪُجهه سال پوءِ هڪ ڏينهن قادر مون وٽ آيو ته مان سائيڪيٽري وارڊ جوائن ڪيو آهي. مان ڇرڪي ويس. کيس مون چيو ته مون جهڙي ماڻهو جوئي پروفيسر سان گذر نه ٿي سگهيو ته ميان هُو توکي ڪٿان سهندو؟ هن يار جي ضد ته اها ڊگري وٺبي ته جيئن بيمار قوم جي نفسيات جو ڇيد ۽ علاج ڪري سگهجي. نيٺ اهو ئي ٿيو. پاڻ قابل علاج پروفيسر کي قادر جي اڻ موٽ کري طبيعت نه وڻي.  ڊاڪٽر قادر اتر سنڌ جي زبان ۾ ايف سي پي ايس امتحان وٺڻ واري پروفيسر جو “ڪارو” ٿي ويو. هن سٻاجهي ۽ دلبر يار کي جيڪي ذهني اذيتون اتي مليون سي ئي کيس ان آخري سفر ڏي وٺي ويون جتي مارگلا جي ڀرپاسي ڦهليل ٻنين مٿان سندن هستي ڀوجا ايئر جي جهاز سان گڏ وکرجي وئي. سندس آخري سفر جي انجام جي خبر ٻڌي دل مٿان قيامت گذري وئي. هڪ بامقصد جياپي جو بي مقصد موت. هُن سان هڪ حياتي گذري هئي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان هُو مون تي ناراض رهندو هو. ان سپاهي جيان جيڪو اهو سمجهي ته سندن ساٿي ويڙهه جو مورچو ڇڏي مقصد تان هٽي ويو آهي. حالانڪه اهو انهن دوستن مان هو جن کي مون سڀ کان پهرين “افيئر” جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو پر سندس خيال هو ته مان ان ڪم ۾ ضايع ٿي رهيو آهيان. عشق جي منزل اڳتي آهي. سندس تنقيدون ۽ رايا آءُ ٻڌندو هئس. سوچيندو هئس ته جڏهن “افيئر” جي هڻ هڻان مان واندو ٿيندس ته هن دلبر کي ٻه چار ڏينهن پاڻ سان ڪاڏي وٺي ويندس ۽ ايئن ڇهن ستن سالن جي اڊڙيل تعلق جي گودڙي کي سبي ٻيهر اچي ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن کي لڳنداسين. افيئر  جي 2005 جي 01 فيبروري واري شماري ۾ قادر نفسياتي بيمارين تي آرٽيڪل لکيو. وعدو ڪيائين ته هو لکندو رهندو، پر وري نه لکي سگهيو.  بعد ۾ ٻڌايائين ته شاعري جو ڪتاب به گڏ ڪري رهيو آهي. پر حقيقت ۾ کيس جناح جي نفسياتي ڊاڪٽرن ايترو ڊسٽرب ڪري ڇڏيو جو گذريل اٺن ڏهن سالن کان هو ايف سي پي ايس جي چڪر ويو مان نه نڪري سگهيو. تنهن شام به هُو ايف سي پي ايس جي زباني امتحان لاءِ اسلام آباد ويو پئي.

قومون منزل ماڻن کان پوءِ گمنام سپاهين جا ڪتبا لڳائينديون آهن. هُو قومي مقصد نظر ۾ رکي سائيڪيٽري ۾ FCPS ڪرڻ نڪتو هو ۽ ان مقصد جي راهه ۾ رک ٿي ويو. مقصد سان توڙ نڀائڻ ڪو کانئس سکي. سنڌ جڏهن به سندس خواب جي ساڀيان ماڻي ته سندس ڪتبو ڪنهن نمايان جاءِ تي هڻي. ڪنهن کي خبر ته قادر جي ساهه جي ردم تي سنڌ جو ورد ڪيئن ٿيندو رهيو.

ها، جڏهن به جتي، ديس جي دنگ تي،

جوٽڻي جو ٽجي،

مونکي منهنجي قبر مان کوٽي ڪڍو،

منهنجو نالو لکو.

(استاد بخاري)

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو