Home / ڪور افيئر / ڪراچي رتوڇاڻ ۽ سياسي ويڳاڻپ جو شڪار شهري بابُو
above article banner

ڪراچي رتوڇاڻ ۽ سياسي ويڳاڻپ جو شڪار شهري بابُو

ڀتاخوريءَ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اوهان کي ايم ڪيو ايم جو غير معمولي احتجاج ته اڃا نه وسريو هوندو. ان کان صرف هڪ ڏهاڙو اڳ رات جو دير سان متحده قومي موومينٽ جي رابطه ڪميٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويهندڙ ڀوتارن کي خطرناڪ اخباري بيان جا تير وسائيندي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اهي اسيمبليءَ کي اوطاق ڪري هلائڻ چاهين ٿا ته “متحده کي اها اوطاق خالي ڪرائڻ وارو ڪم ايندو آهي.

” ڪراچيءَ جي هڪ اردو اخبار ان پريس رليز بابت خبر هيئن هنئي هُئي ته “ايم ڪيو ايم ني سنڌ اسيمبلي خالي ڪراني ڪي ڌمڪي ديدي.” ايم ڪيو ايم جي انهيءَ هيڏي وڏي گوڙ گهمسان کان 48 ڪلاڪ پوءِ 48 ڪلاڪ بعد ۾ واري سياست تي نظر وجهون ته اها بلڪل نارمل نظر ايندي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڀتاخوريءَ جو الزام آخر اوچتو ڇو نڪتو ۽ هڪ ڏيڍ ڏينهن کانپوءِ اهو بند به ٿي ويو. ڀائي لوگن صدر آصف علي زرداري جي گڏيل ايوان جي تقرير پڻ ٻڌي ۽ حڪومت کان به ڌار نه ٿيا. پيٽرول جي قيمت جڏهن حڪومت 86 روپيا في لٽر مقرر ڪئي ته متحده حڪومت کان ڌار ٿي وئي. اڄ 105 روپين ۾ في لٽر اعلان ٿيڻ کانپوءِ به اهي اقتدار کان ڌار ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهن-آخر ڇو؟

آخر ڇو وارو سوال تمام ننڍڙو آهي پر ان سوال جي پٺيان سياست جون حرفتون شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي انهيءَ سٽ وانگر آهن ته “انهيءَ ۾ آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.” هونءَ به متحده قومي موومينٽ جي سياست جذباتي پڻي طرف گهڻو مائل رهي آهي پر موجوده حڪومت دوران بلڪه ڪجهه مهينن کان تمام معاملن تي متحده قومي موومينٽ جي سياست ڏاڍي جذباتي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي 24 کان 48 ڪلاڪ تحت سرگرم رهڻ کانپوءِ سياسي طور يوٽرن وٺي وري نئون اشو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچن ٿا. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم سياسي طور تي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ به ڪراچي جي سمورن وسيلن تي متحده جو ڪنٽرول آهي. هي شهر جي اها واحد جماعت آهي جيڪا ڪجهه ڪلاڪن جي سڏ تي هزارين ماڻهن جو جلسو منعقد ڪري يا ڪلاڪ ڏيڍ جي نوٽس تي سڄو شهر بند ڪرائڻ جي سگهه رکي ٿي. پر سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته ڪراچي متحده قومي موومينٽ جي هٿن مان ان واريءَ وانگر وڃي رهي آهي جيڪا هٿن مان هوريان هوريان ڪرندي وڃي ٿي. اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جو دور متحده قومي موومينٽ لاءِ هڪ سونهري دور ثابت ٿيو. خاص طور 12 مئي 2007ع واري سانحي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ متحده قومي موومينٽ جي مخالفن جو تعداد نه صرف وڌندو وڃي پيو پر اهي منظم ٿي رهيا آهن. پٺاڻن جي تنظيم عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صدر سينيٽر شاهي سيد پارٽيءَ کي تمام گهڻو منظم ڪيو آهي. مهاجر قومي موومينٽ جو اڳواڻ آفاق احمد خان گذريل 8-9 سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ بهرحال آزاد ٿي چڪو آهي، جنهن پنهنجون سياسي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آهن. بلوچ فيڪٽر ڪراچيءَ ۾ هميشه ايم ڪيو ايم جي مخالف ووٽ ضرور ڏنو آهي پر لياري امن ڪميٽي ٺهڻ کانپوءِ بلوچ ايم ڪيو ايم جي مقابلي ۾ اچي رهيا آهن. سنڌ جي قومپرست لڏي پڻ اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته صرف حيدرآباد ۾ رهي سنڌ جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. انڪري ڪراچيءَ ۾ انهن جون سرگرميون وڌنديون پيون وڃن. جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) ۽ جيئي سنڌ تحريڪ تازو ايم اي جناح روڊ تي لکين ماڻهن جون ريليون ڪڍي ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو آهي. “اسين متحده جي خلاف مسلم الائنس جي نالي سان اتحاد ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيون” پنجابي پختوپن اتحاد (پي پي آءِ) جو اڳواڻ ملڪ ايوب اعواڻ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چوي ٿو. هن جو چوڻ هو ته “متحده جي خلاف سموريون ڌريون جن ۾ اي اين پي، پيپلز امن ڪميٽي، مهاجر قومي موومينٽ ۽ ڪجهه قومپرست شامل ٿيندا. هي اتحاد ايندڙ چونڊن ۾ پڻ گڏيل اميدوار بيهاريندو”.

ملڪي سياسي صورتحال کانپوءِ پرڏيهي سياست ۾ پڻ متحده قومي موومينٽ جو ڪردار گهٽجي رهيو آهي. لوئر پنجاب ۾ جڏهن پنجابي طالبان جو اثر رسوخ وڌي رهيو هو ته آمريڪي ادارن جو خيال هو ته لوئر پنجاب ۾ متحده قومي موومينٽ کي سرگرم ڪيو وڃي ته جيئن اها بنياد پرست قوتن سان ايئن منهن ڏئي جيئن هنن چواڻي ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪري بنياد پرستي گهٽ ٿي آهي. اهوئي سبب هو ته متحده قومي موومينٽ پنجاب ۾ گهڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اسٽيبلشمينٽ آمريڪي مفادن خاطر پنجاب جي مفادن کي ترجيح ڏني. پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي وڏو وزير هجي يا شهباز شريف انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه تي اتفاق ضرور نظر اچي ٿو ته “اهي متحده جي پنجاب ۾ پکيڙ جا مخالف آهن”. “جن جن علائقن ۾ متحده جا يونٽ کليا آهن انهن علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌي ويون آهن” هي بيان متحده جي اتحادي ۽ جنرل پرويز مشرف جو خاص ماڻهو چوڌري شجاعت حسين ڏنو هو جڏهن هو وفاقي وزير هو.

ڪراچيءَ ۾ ڀتاخوري ڪلچر ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. پر 90 جي ڏهاڪي دوران ڀتا ڪلچر کي سائنسي بنيادن تي بنائڻ سياسي ڪردارن جو ڪمال هو. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ضلعا بحال ٿيل آهن پر ڪراچي ۾ 18 ٽائون آهن. جن مان هڪڙو ٽائون صدر پڻ آهي. هن ٽائون ۾ مختلف علائقن ۾ 33 هزار ريڙها (گاڏا) لڳايا ويندا آهن. ڪجهه ڏهاڙا اڳ “افيئر” کي هڪ باخبر ذريعي ٻڌايو ته هڪ مذهبي جماعت ۽ ٽن سياسي جماعتن سميت پوليس، سٽي گورنمينٽ ۾ گاڏي کان 10 کان 20 روپيه روزانو وصول ڪنديون آهن. اها وصولي هڪ منظم طريقي سان اهڙي طرح ٿيندي آهي جو برابر واري کي به خبر نه پوندي آهي. ايئن هر گاڏو روزانو 60 کان ستر روپيا ڀتي جي صورت ۾ ادا ڪري ٿو. سياسي جلسن يا ريلين جي صورت ۾ ڀتو ڏيڻ وارن تي واڌو بار پڻ پوندو آهي. چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ گذريل سال بعد باهه دراصل هڪ سياسي جماعت کي يونين پاران جلسي لاءِ پيسا نه ڏيڻ جو نتيجو هئي. ڀتاگيري جو اهو هڪ ننڍڙو مثال آهي. پر وڏا ڪاروبار ڪندڙ، وڏيون مارڪيٽون ۽ خاص طور فيڪٽريون روپين بدران لکن ۾ ڀتا ڏين ٿيون. ٽرڪ، بسون هلائيندڙ صرف ڊرائيورن کي پر سياسي ماڻهن کي ڀتا ڏين ٿا. اهي رپورٽون پڻ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن ته ڪراچيءَ ۾ روزانو 2 ارب روپيا ڀتي جي مد ۾ ڏنا وڃن ٿا. فيڪٽرين، ادارن مان اهي ڀتا انهن جي يونين جي معرفت وصول ڪيا ويندا آهن. ڪجهه ڪلاڪن جي دير به سندس زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ ڀتا ڪلچر کي خوار ڪرڻ لاءِ شروعات لياريءَ کان ڪئي وئي. امن ڪميٽيءَ جي نالي تي مختلف ڪارخانن، دڪاندارن کي لکين روپين جي ادائيگي لاءِ پرچيون ڏنيون ويون. هاڻي جڏهن اهي پرچيون ڀتا ڏيندڙن وٽ پهتيون ته اهي انهن اصل ماڻهن وٽ دانهين ٿي پهتا جن کي هو سالن کان منظم طريقي سان ڪنهن به چون چراند کانسواءِ ڀتو ڏيندا هئا. ڀتو وٺندڙ پراڻي تنظيم ۽ ڀتو وٺڻ لاءِ آيل نين تنظيمن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي جيڪا باضابطه ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهوئي سبب آهي ته اڄ تائين ڪراچي پرامن ناهي رهي. کارادر، شير شاهه، بولٽن مارڪيٽ، گهاس منڊي، کان ويندي ڪراچي اولهه ضلعي جي ٻاهرين پٽي تائين ڀتي لاءِ نوان اميدوار پيدا ٿيا ته وري سائٽ ۽ لانڍي ايريا جي صنعتي يونٽن ۾ اهو عمل پٺاڻ فيڪٽر شروع ڪري ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ ڇا حق کسجڻ وارو خاموش رهي سگهندو؟ هڪ چوڻي آهي ته “جڏهن مردا پنهنجي جاءِ نه ڇڏيندا آهن ته پوءِ زنده ماڻهو ڇو ڇڏيندو؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف باهه ٻارڻ جو سبب وصوليءَ جي رقم ۾ گهٽتائي پڻ هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سياست مان نڪرڻ جو پيپلزپارٽيءَ کي نقصان اهو به پيو جو پيپلز امن ڪميٽي حڪومت جي هٿن ۾ نڪري وئي. اهوئي سبب آهي جو پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻ عزير جان بلوچ جي خاص ماڻهو ثاقب جي پوليس هٿان قتل کانپوءِ اڄڪلهه لياري فلسطين جي صورتحال جو ڏيک ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪو نوجوان بڪتر بند گاڏيءَ تي پيٽرول بم سان حملا ڪندي ٽي وي تي ڏيکاريو پيو وڃي.

جن ڏينهن ۾ متحده قومي موومينٽ ڀتاخوريءَ خلاف ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين احتجاج ڪيو هو. انهن ڏهاڙن ۾ آفاق احمد اسلام آباد ۾ سياسي طرو سرگرم هو. هن جون ڳجهين ادارن سميت مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون هيون. اهو به چيو پئي ويو ته آفاق احمد صدر آصف علي زرداري سان ملڻ وارو آهي. انڪري اهي امڪان پڻ ظاهر ڪيا پئي ويا ته اسٽيبلشمينٽ آفاق احمد کي ڪراچيءَ جي ڪجهه حصن ۾ سياست جو حق ڏيڻ واري آهي. اهوئي سبب هو جو ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي کان قومي اسيمبليءَ تائين احتجاج ڪري پنهنجي شديد تحفظات جو اظهار ڪيو. هنن اهو واضح پيغام ڏنو ته اسٽيبلشمنيٽ جو اهو فيصلو کين هرگز قبول ناهي. هو سڄي ڪراچيءَ جي ڪنهن به حصي تان هٿ کڻڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن. ڊاڪٽر خالده، شائسته عالماڻي، بلوچستان جي صورتحال، پيٽرول جي اگهن وارن معمولي معاملن کان حڪومت کان علحدگيءَ جي ڌمڪي ڏيڻ واري متحده قومي موومينٽ جي قيادت اهو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي ته جيڪڏهن هينئر حڪومت کان ڌار ٿيا ته حڪومت لازمي طور تي سندن مخالفن تي هٿ رکندي جيڪا ڳالهه هنن لاءِ ڳري ثابت ٿي سگهي ٿي. اهي ڄاڻن ٿا ته هنن جا مخالف سياسي ۽ اقتصادي طور تي منظم ٿي رهيا آهن. ان جي باوجود هو پنهنجا پتا کيڏن ٿا پر هنن جي راند ۾ جذباتي پڻي وارو رجحان واضح نظر اچي ٿو. سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته متحده قومي موومينٽ سياسي نويڪلائيءَ طرف وڌي رهي آهي. اهي سياسي ۽ اقتصادي طور تي جيڪڏهن ريورس گيئر نه به آهي ته تڏهن به سندس رفتار لڳاتار گهٽجي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت صاف شفاف چونڊن جو واعدو واقعي پورو ڪيو ته هن ڀيري شايد متحده جي پوزيشن ان جي اميدن جي ابتڙ اچي. هو سياسي طور تي اڪيلائپ جو شڪار آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنن جي لهجي  ۾ تلخي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو