Home / افيئر / ڪراچي ڊي ايڇ اي سٽي-سنڌين کي دربدر ڪندڙ منصوبو
above article banner

ڪراچي ڊي ايڇ اي سٽي-سنڌين کي دربدر ڪندڙ منصوبو

 

سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي وچ ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي جيڪا ذوالفقار آباد کان به وڌيڪ خطرناڪ ترين رٿا آهي جتي 5 لک ڌاريا آباد ڪيا ويندا جنهن ۾ 60 سيڪڙو رٽائرڊ فوجي ۽ 40 سيڪڙو سول شهري هوندا جيڪي به ٻاهريان آندا ويندا.

ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي اهڙو سنڌ دشمن منصوبو آهي جنهن کي ڊفينس 9 جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو 16-2015ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن بعد ان رٿا کي ڪاٺوڙ تائين ملايو ويندو ۽ انهن فوجي آفيسرن جو اڳتي هلي اهو پلان به آهي ته ان ڊفينس کي 16 نمبر تائين وڌايو ويندو جيڪا تقريبن وڃي حيدرآباد ضلعي سان لڳندي،ان رٿا جي ٺهڻ سان اتي موجود مقامي ماڻهن جون زمينن جا کاتا تبديل ڪري انهن جي زمين کي سرڪاري ڄاڻايو ويندو. مذڪوره رٿا جي نگراني پاڻ سنڌ جو ڪور-5 ڪري رهيو آهي، ان ڪري مقامي ماڻهن جو ازالو ڪرڻ بجاءِ انهن کي ڊڪائي ڪڍيو ويندو.

ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي جي ٺهڻ سان ملير،سپر هاءِ وي،ڪاٺوڙ ۽ ٻين علائقن جو گرين بيلٽ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو.ان رٿا جي لاءِ ڪل 11640 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن مان انهن 5000 ايڪڙ زمين جي پلاٽنگ ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ادائگي 9-10 سالن تائين جي مدي ۾ ڪري سگهبي ۽ اتي پاڪستان جو ڪوبه شهري پلاٽ وٺي سگهي ٿو.پلاٽ 200 کان 2000 اسڪوائر يارڊ جا آهن.سنڌ سرڪار اها زمين ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي اگهه تي ڏني آهي جنهن  ۾ 7000 ايڪڙ زمين هڪ لک رپيا في ايڪڙ آهي جنهن جي ڪل رقم 70 ڪروڙ رپيا بيهي ٿي،ان زمين ڏيڻ لاءِ 12 رڪني ڪميٽي ڪور-5 سنڌ جي سربراهي ۾ جڙيل هئي جنهن ان هزارين ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي ۽ ان بعد سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه اها زمين الاٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ ان مان ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي 5000 ايڪڙ زمين پلاٽن جي صورت ۾ الاٽ ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ اڪثريت ٻاهران آيل ڌارين جي آهي ۽ اها رٿا 16-2015ع ۾  مڪمل ٿيندي جنهن تي سڀ سنڌ دوست ڌريون خاموش آهن. جيڪڏهن ان رٿا جي مخالفت نه ڪئي وئي ته پوءِ انهن جي تيار ڪيل پلان موجب سنڌ جو هڪ وڏو حصو ڌارين جي قبضي ۾ ٿي ويندو. ڇو ته جيڪا ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي تعمير ڪئي پئي وڃي ان جو پهريون حصو ڊفينس نمبر-9 آهي جنهن جا وڌيڪ 7 حصا به تعمير ڪيا ويندا ۽ اهي ڊفينس 16 نمبر چورائيندا. جنهن جي لاءِ 77 هزار ايڪڙ زمين جي ضرورت پوندي جنهن سان ڪراچي جي ڀرپاسي ۾ پيل آباد ۽ غيرآباد زمين ان اٿارٽي جي قبضي ۾ اچي ويندي.

ڪراچي ۾ آبادي جو بار وڌڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي به شديد کوٽ آهي جنهن جي  لاءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ طرفان  شهر لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽان فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ باقاعده آبپاشي کاتي کي لکت ۾ پڻ خط لکيو آهي جنهن کي مڪاني ادارن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن اتفاق راءِ سان ان کي منظور ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي شهر کي فوري طور تي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي جنهن تي سنڌ جي آبپاشي کاتي سيڪريٽري بابر آفندي افيئر سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان اهو اعتراض واريو آهي ته ڪراچي کي صوبي جي گهرج موجب 600 ملين گئلن پاڻي فراهم ڪريون پيا ۽ هاڻي ايترو سنڌو ۾ ئي پاڻي ڪونهي ته ڪراچي کي وڌيڪ پاڻي ڪٿان ڏيون،ان لاءِ اسان اهو اشو ارسا جي اجلاس ۾ اٿارينداسين ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي وانگر الڳ پاڻي جي ڪوٽا رکي وڃي ڇو ته هي مني پاڪستان آهي هتي پوري ملڪ جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ رهن ٿا.ياد رهي ته مشرف طرفان جڏهن ڪراچي کي سنڌ سرڪار جي منظوري کان سواءِ 600 ملين گئلن پاڻي ڪوٽڙي مان ڏنو ويو هو ته ان سان اتان جي علائقي کي تمام شديد قسم جي پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو هو جيڪڏهن هاڻي وري ٻيهر ايڏو وڏو پاڻي جو وهڪرو ڪراچي ڏي ڇوڙ ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي پاڻي واري حصي مان ڪٽوتي ٿيندي،فصل ۽ پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ به وڏي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.

سنڌ سرڪار طرفان صوبي ۾ رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ يا انهن جو بار برداشت ڪرڻ تي مالياتي ايوارڊ ۾ خصوصي حصو رکڻ جي سفارش ڪئي آهي جنهن جو لکت ۾ هڪ خط گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين،هزاره،پٺاڻن،ڪشميرين،گلگتين ۽ ٻين کي فوري طور تي سنڌ مان نيڪالي ڏيو يا وري انهن کي هتي رهايو ويو ته پوءِ اسان جي وسيلن تي بار هجڻ سبب مقامي شهرين جا حق متاثر ٿي رهيا آهن تنهنڪري ان لاءِ ايندڙ مالياتي ايوارڊ ۾ خصوصي حصو رکيو وڃي.ٻي طرف سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري بابر حسين آفندي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي سنڌ سرڪار طرفان اهڙو هڪ خط گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي لکيو آهي جنهن ۾ اسان ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي گهڻي لوڌ اچي رهي آهي اهي سنڌ جي وسيلن تي بار آهن تنهنڪري مرڪزي سرڪار کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ته سنڌ لاءِ ڌارين ماڻهن کي پالڻ تي مالياتي ايوارڊ ۾ خصوصي حصو مختص ڪيو وڃي.

ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي جي ٺهڻ سان اڃا وڌيڪ سنڌ جا وسيلا متاثر ٿيندا ۽ ان سنڌ دشمن رٿا خلاف سمورين سنڌ دوست ڌرين کي گڏجي ان خلاف جدوجهد ڪرڻ گهرجي نه ته اها ڊفينس فيز 9 ٺهيو ته پوءِ انهن جو وڌيڪ ٻيا 7 فيز ٺاهڻ جو به ارادو آهي پوءِ جيڪا سپر ۽ نيشنل هاءِ وي واري پٽي سنڌين جي هٿ رهي آهي اها به ڌارين حوالي ٿي ويندي ڇو ته ڪراچي ۾ انهن علائقن تي ئي سنڌين جا قديمي ڳوٺ قائم ٿيل آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو