Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي ۾ هوٽلن تي حملا ڪير ۽ ڇو ڪرائي رهيو آهي
above article banner

ڪراچي ۾ هوٽلن تي حملا ڪير ۽ ڇو ڪرائي رهيو آهي

سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ به پٺاڻ هوٽل جي چانهه پسند ڪئي ويندي آهي. سڄو ڏينهن پٺاڻن جي هوٽلن تي کير پتي جا هنڍا چڙهندا ۽ لهندا رهندا آهن. شام کان پوءِ رات دير تائين فوٽ پاٿ يا هوٽلن جي ٻاهر رکيل ڪُرسين ۽ ٻاڪڙن تي هميشھ پيهه نظر ايندي آهي. ڪراچيءَ ۾ اهڙا ڪافي علائقا آهن جتي اُهي هوٽل رات دير تائين کليل رهندا آهن. ڪافي علائقن ۾ ته اُهي بند به نه ٿيندا آهن. انهن هوٽلن جا مالڪ ۽ اُتي ڪم ڪندڙ سڀ پٺاڻ آهن. جن جو تعلق ڪوئيٽا سان آهي ۽ انهيءَ ڪري انهن هوٽلن جا نالا به ڪوئيٽا سان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منسوب ڪيل هوندا آهن. اُنهن پٺاڻن جي مزاج ۾ ڪمال مستلق مزاجي آهي جو نه ٿڪن ۽ ڪڏهن بيزار نظر اچن. انهن جي چانهه ۾ ذائقو به شايد انهن جي طبيعت جيان هميشھ ساڳيو ئي رهي ٿو. سالن تائين ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي باوجود ڪڏهن به وڏائي کان ڪم نه وٺن. پئسي جو ڏيک به نه ڏيکارين. گهڻو ڪري مذهبي ئي رهن ۽ مذهبي جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪندي به ڏسڻ ۾ اچن. سياسي طور وابستگي گهڻو ڪري پختون خواه ملي عوامي پارٽي سان ۽ ڪن علائقن ۾ انهن جو تعلق عوامي نيشنل پارٽي سان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هڪ ننڍي هوٽل هڪ اندازي مطابق مهيني ۾ 50 کان 80 هزار بچائي ٿي ۽ وچولي درجي وارا هوٽل هڪ لک کان ڏيڍ ۽ انهيءَ کان وڏن ۽ رش وارن علائقن ۾ انهن هوٽلن جي آمدني گهڻي آهي. گهڻو ڪري اهو پيسو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موڪليندا يا پنهنجي خاندان جي ٻين فردن جي مدد ڪرڻ ۾ به خرچ ڪن يا هڪ کان ٻه ۽ ٻه کان ٽي هوٽل مختلف علائقن ۾ ڀائيواري تي کولين.


اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ انهن هوٽلن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ۽ اُهي غريب ڪوئيٽا جا پٺاڻ جيڪي هوٽل کولڻ جي سگهه نٿا رکن سي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات گاڏن تي مختلف شيون کپائيندي نظر اچن ٿا. نه صرف خيبرپختون خواه بلڪه بلوچستان جا پٺاڻ به ڪراچي کي ڌنڌي ۽ ڪاروبار جي لاءِ موزن شهر سمجهن ٿا ۽ گذريل ڏهاڪو کن سالن کان انهن جو رُخ هن شهر ڏانهن ڪجهه گهڻو ئي رهيو آهي.

هڪ طرف ڪراچي ۾ پٺاڻن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ته ٻئي طرف هر ڪاروبار ۾ به انهن جي اجارا داري به وڌندي ٿي وڃي. جنهن ڪري ڪراچي جي مقامي ماڻهن جا وسيلا محدود ٿيندا ٿا وڃن. اِهو اُهو فڪر ۽ ويزن آهي جنهن تي سنڌين کي سوچڻ گُهرجي پر ڇو ته اسان ذهني طور تي هن شهر کي پنهنجو نٿا ڪيون انهي ڪري اِها ڳڻتي به متحده کي ٿيڻ لڳي آهي. ڪراچي جي نواجوانن ۾ جاذب نظر، گهٽ محنت ۽ وڌيڪ نفعي جي ڪاروبار جو گهڻو رجحان آهي. ته ٻئي طرف اُهي پنجابين جيان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ گهڻا آتا ٿا نظر اچن ۽ انهيءَ ڪري ڪراچي ۾ هر ڪاروبار تي پٺاڻن جو قبضو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌنڌو ٿو وڃي. هڪ ڪاروبار ته ٻيو شهر جي تقريبن هر علائقي ۾ انهن جون رهائشگاهون به قائم ٿينديون ٿيون وڃن. جنهن ڪري انهن جو ووٽ بئنڪ به ايندڙ ڪجهه سالن ۾ تمام گهڻو وڌي سگهي ٿو، جنهن جو سڌي طرح نقصان متحده کي ئي ٿيندو. اِهي ئي ڪجهه اهم سبب آهن جنهن ڪري گذريل چئن سالن کان جڏهن اي اين پي ڪراچي مان صوبائي سيٽ کٽي ته انهن پٺاڻن کي پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن موڪلڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا.

هڪ پٺاڻ هوٽل جي مالڪ چواڻي ڪراچي ۾ ننڍا وڏا لڳ ڀڳ ڏهه هزار صرف چانهه جا هوٽل آهن، جنهن تي ڪم ڪرڻ وارن جو تعداد تقريبن هڪ لک آهي ۽ انهن هوٽلن جي ماهوار آمدني ڪروڙن ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اُن هڪ ڪاروبار تي اردو ڳالهائيندڙن جو قبضو ٿي وڃي ته هڪ طرف انهن جي آمدني وڌندي ته ٻي طرف بيروزگاري گهٽبي ۽ وڏو فائدو اهو ٿيندو ته پٺاڻن جو نه صرف ووٽ بئنڪ گهٽبو بلڪه هزارن جي تعداد ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختون خواه مان ايندڙ پٺاڻ به گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ جو رُخ نه ڪندا.

اورنگي، سائيٽ ايريا، نارٿ ڪراچي، گلشنِ اقبال، گلستان جوهر، سُرجاني، ڪورنگي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ گذريل ٻن سالن ۾ تقريبن 1400 هوٽل بند ٿي چُڪا آهن. ٽي هزار کان مٿي چانهه جي هوٽلن تي مختلف وقتن تي حملا به ٿي چُڪا آهن. جنهن ڪري ساڍا ٽي سو کان وڌيڪ هوٽل تي ڪم ڪندڙ ملازم مارجي به چڪا آهن. جڏهن ته انهن حملن دوران مارجي ويلن جو انگ تمام گهڻو مٿي آهي.

هن وقت نوان هوٽل کلندي نظر نٿا اچن ۽ جيڪڏهن اُهي کُلن به ٿا ته گهڻو ڪري اُهي پٺاڻ علائقن يا شهر جي ٻين هنڌن تي آهن جتي گهٽ ۾ گهٽ متحده جو اثر رسوخ نه هئڻ برابر آهي. نه ته انهن هوٽلن جي مالڪن ٻئي ڪنهن ڪاروبار ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي يا ته ڪراچي کان ٻاهر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ديرا ڄمائڻ شروع ڪيا آهن. جنهن جو ثبوت توهان پنهنجي شهر ۾ ڏسي سگهو ٿا.

پٺاڻ انتهائي مضبوط ۽ محنتي قوم آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اُهي انهن حملن جي باوجود به محنت ۾ رڌل ٿا ڏسجن ۽ اهڙي قسم جي حملن جو مٿن ڪو خاطر خواه اثر به حمله آوارن کي نظر نٿو اچي. اپريل جي وچ کان انهن هوٽلن کي پوليس خاص طور رات 12 بجي کان اڳ بند ڪرائڻ شروع ڪيو آهي. انهي عمل جي پويان بظاهر ته پوليس جي اعليٰ عملدارن يا حڪومت طرفان ڪي آرڊر ته جاري ناهن ڪيا ويا مگر پوءِ به اُهي بند ڪرايا ٿا وڃن. جنهن جو سبب اهو ٿو ٻُڌايو وڃي ته گذريل مهيني ۾ چانهه جي هوٽلن تي ڪافي حمله ٿيا آهن. بجاءِ تحفظ فراهم ڪرڻ جي مورڳو هوٽل ئي بند ڪرايا ٿا وڃن. اهڙي عمل سان نه صرف عام ماڻهن جي هوٽلن تي رش گهٽجي وئي آهي بلڪه پٺاڻن جو ڪاروبار به ٺپ ٿيندو ٿو وڃي. هڪ طرف پوليس جا داٻا ته ٻي طرف دهشتگردن جا حملا پٺاڻ خوف ۾ ورتل آهن. انهيءَ خوف جي سبب پٺاڻ سياسي پناهه به وٺڻ تي مجبور ٿيا آهن.

هي پٺاڻن کي محدود ڪرڻ جي اُها سازش آهي جيڪا ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيندي به نظر اچي ٿي. ڇو ته ڪڏهن به ڪنهن هوٽل واري پٺاڻ جي مارجي وڃڻ تي اي اين پي ڪو وڏو قدم ناهي کنيو. سياسي پشت پناهي نه هُئڻ ڪري ڪوئيٽا جا پٺاڻ پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ غير محفوظ محسوس ٿا ڪن. انهيءَ صورتحال ۾ انهن هوٽل مالڪن جي ايسوسئيشن ذريعن موجب وڏن پٺاڻن سان به مدد لاءِ به رابطو ڪيو آهي. ٽرانسورٽ کان پوءِ هوٽل جو ٻيو وڏو ڪاروبار آهي جنهن تي پٺاڻن جو راڄ آهي.

اطلاعن مطابق متحده اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن جي ٻاهر وڃڻ جي رجحان کان به گهٻرايل آهي ۽ انهن کي هدايت به ڪئي ٿي وڃي ته هو هر ڌنڌي ۾ گهڙي پون. جيئن گهر ويٺي ڪمائي به سگهن ته شهر جي مالڪي به ڪري سگهن ۽ پنهنجي انهن ڀائرن کي ائڊجسٽ به ڪن جيڪي گهٽ پڙهيل لکيل آهن. جيڪڏهن واقعي به انهن ڳالهين ۾ صداقت آهي ته پٺاڻن کي ڀت سان لڳائڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. انهيءَ جو اهم سبب هڪ ته انتهائي منظم پارٽي جو انهن جي سامهون هُجڻ آهي ته ٻي طرف هو سياست کان وڌيڪ ڪاروبار ۾ دلچسپي ٿا رکن ۽ انهيءَ ڪاروبار جي ڪري هو ڪنهن به پارٽي کي جوائن ڪري سگهن ٿا. پر ائين ڪرڻ سان متحده جا اُهي مقصد هرگز به پورا نه ٿيندا جنهن جا اُهي خواب ٿا ڏسن ۽ اهو خواب ڪراچي تي مڪمل قبضو آهي. چيو ته اهو به وڃي ٿو ته هِن سڄي عمل جي پويان بين الاقوامي سازش به ڪارفرما آهي. پر هن سڄي عمل کان پوءِ پٺاڻن جو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شفٽ ڪرڻ ڪو سُٺو سنوڻ ناهي. ڇو ته اسان متحده جيان پنهنجي ارد گرد جي ماحول تي نظر رکڻ جا عادي ناهيون ۽ پوءِ اهڙن هوٽلن جي ڄمڻ کان پوءِ انهن جو به اچڻ وڃڻ شروع ٿيندو آهي جنهن کان ڀائي لوگ واقف به ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي خلاف حڪومت کان اڳ عملي قدم به کڻي چُڪا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو