Home / ڪور افيئر / ڪروڙ ماڻهن کي ڀاڪر ۾ وٺڻ جي سزا
above article banner

ڪروڙ ماڻهن کي ڀاڪر ۾ وٺڻ جي سزا

 

هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پهچڻ بعد ميڊيسن، سائنس نه پر آرٽ ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو. خاص طور، فارينسڪ ميڊيسن ته آهي ئي سموري فَنُ. ٻن ڏهاڪن دوران ٻه سو جي لڳ ڀڳ پوسٽ مارٽم چڪاسون ڪندڙ ۽ انهن جون رپورٽون لکندڙ راوي، تجربي جي روشني ۾، بشير قريشي جي ڪُمهلي لاڏاڻي کي فطري موت قبولڻ کان نهڪار ٿو واري. هي سٽون سندس موڪلاڻيءَ جي چوٿين ڏهاڙي لکيون پيون وڃن. ڪيميڪل ايگزامنر وٽان نتيجو اچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. پاڻ جنهن پرڳڻي ۾ رهون ٿا اُتي خون لُڙهي وڃڻ جي روايت ورلي ناهي. قومي تحريڪ ۾ بشير جو مرتبو هُن جي اوچتي مرگ بابت سوال اُٿارڻ جو ڪارڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو. فرض ٿا ڪريون ته جسماني حصن جي ڪيميائي تپاس ۾ ڪنهن زهريلي مادي جو ڏَسُ نه ملي. ايئن اڻ ٿيڻو به نه آهي. هتان جي وايومنڊل ۾ فقط چند ڏوڪڙن عيوض کير، پاڻي ۽ پاڻي، کير ٿيو وڃي. ڳجها هٿ چُست هجن ته هر طرح جي توقع رکي سگهجي ٿي. ڪيميڪل ايگزامنيشن ڪندڙن پاران نفيءَ ۾ رپورٽ جاري ٿيڻ جي صورت ۾ پڻ راقم، نابريءَ تان دستبردار نه ٿيندو. انومان يقين ۾ بدلجندي نهاريندو ته ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ موجود آهي.

 

طبي سکيا کي ڪلا، آرٽ جو روپ وٺڻ واري مرحلي تي رَسي وڃڻ کانپوءِ ڏسبو ته دروهه جي واٽ هلندڙ هر باغي روح کي منظر تان تڪڙو هٽائڻ خاطر هُن جو باطن، جسم پهريون نشانو هجي ٿو. سنڌ اندر قومي ڪارڪنن جي لڏي پويان ڪيترائي واڳون ڇڏيا اٿن. هڪڙا سَپَ اسين پاڻ پاليندا وتئون. بشير قريشي جهڙن ڌُوپار همراهن، هيانءَ جي ڏَڍَ کان ڪم ورتو. دشمن کي سدائين ٻُوڙن ۾ لڪل ڏٺو. نه ڄاتو ته ساڳيو ڏانئڻُ ٿالهي ۽ دَٻڪيءَ مان به مُنڍي ڪڍي سگهي ٿو جن ۾ رات جي ماني کائي رهيا هجئون. وَيري تنهن وَٽيءَ ۾ هجي سگهي ٿو جنهن مان چُسڪيون پيا ڀريون. سِرائي قربان وارن جي بُتَ کي ڪَوڪلو ڪندڙ تيلي گهڙيءَ اسان جي ڇاتيءَ منجهه اُڇلائي وڃي ته عجب نه وٺي. غور سان تڪبو ته ميڊيسن خود وضاحت ڪندي. سُڻائيندي ته وِههُ هوريان هوريان بشير جي تَنَ ۾ اوتيو ويو. بلڪل ان سمئه زهر جو مقدار وڌايو ويو جڏهن سندس وڌيڪ اڳتي وڌڻ منظور نه هئو. اهي ديوتائن جا ڪم آهن. اٻوجهه لوڪ جي سُرت کان مٿڀرا.

20 مارچ جي رات. آءُ ۽ پيارو همسفر گاڏهي تيز وِکون کڻندا پهچئون ٿا، محمد خان شيخ ۽ نورالدين جماليءَ جي مَڏي. ويهارو دوستن جي غير رسمي ويهڪ. اسين تنظيم جو ڀاڱو نه هوندي به صلاح مشوري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوٺيل. مانواري آصف بالادي جي جنرل سيڪريٽري ٿيڻ ڪري مون جهڙن کوڙ سُتل ڪارڪنن ۾ ڦُڙتي آئي. گڏجاڻيءَ ۾ مُک شخصيت بشير قريشي. ٻن ڏينهن بعد ٽيويهين تاريخ تي رٿيل فريڊم مارچ جي مختلف معاملن جو جائزو وٺڻ جي ايجنڊا. صحافي خورشيد عباسي، سُڄاڻ ضمير گهمرو، شڪيل سومرو، شفقت کوسو، حميد سبزوئي، محبوب عباسي. پارٽيءَ جا آصف، بشير خاصخيلي ۽ ٻيا. مڙني ساٿين جي ذڪر پويان هڪ مطلب آهي. شاهدي گهربل آهي. سندن روبرو تنهن آڌيءَ بشير قريشيءَ هي ڳالهه چئي. ڇرڪائيندڙ نه پر همٿائيندڙ . ڪراچيءَ ۾ سنڌي عوام ڪَٺَي ڪرڻ لاءِ پاڻ الاهي وقت کان رابطي جي مهم تي نڪتل هئو. واهڻ واهڻ، وسندي وسندي. نهايت وڏي اُتساهه وچان ۽ ٿڌو ساهه کڻندي ٻُڌايائين-يَارو، مان گذريل مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪروڙ ماڻهن سان ڀاڪر پائي آيو آهيان. پَڪَ سان اُتي پٿاريل همراهن جي پهرين نگاهه سِڌو بٽڻ کليل هُن جي ڇاتيءَ ڏانهن وئي هوندي. ليکڪ لاءِ حياتيءَ جو اولين مشاهدو هئو. تنهن سِيني منجهه تڪڻ جنهن سوا سو لک ٻيا سينا پاڻ ڏانهن ڇڪيا هجن. ميڊيسن آرٽ به آهي. وجدان، ڪلا جو بنياد آهي. ساڳيو وجدان مون کي ڏَسي ٿو ته اهڙي ڇاتيءَ اندر ڌڙڪندڙ دل کي ڀَور ڪرڻ جي سگهه فطرت وٽ نه آهي. ٻيو نه ته به جلد بازيءَ جي گنجائش بنهه ڪانه هوندس.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪيئن به اچي. ڇيهه اهو ڪندي ته ماهرن کي بشير جي موت جو ڪو غير فطري ڪارڻ نظر نه آيو. فارينسڪ ميڊيسن جي طالب هئڻ ناتي ڄاڻان ٿو. هُو ان مَرتيي کي نيچرل ڊيٿ پڻ لکي نه ٿا سگهن. طِبي سَٿَ جي ننڍڙي رڪن طور ٿو لکان هُن کي يوناني هِيرو پراميٿئس وانگر ديوتائن عتاب ۾ وڌو. هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ٻَکُ پائڻ جي سزا ڏني. ٻه سو آٽوپسيز ڪندڙ ڊاڪٽر جي هيءَ تحرير رڪارڊ تي رکي وڃي. مهل سِر ڪم ايندي.

-ارشاد ميمڻ

 

below article banner

هڪ رايو

  1. اڌ دنيا جي متاثر مھاجرين کي اقوامي متحده پاڪستان اماڻيدو آھي پاڪستان اقوامي متحده کي جواب نه ڏئي سگھندو آھي ان جو ڪارڻ اھو آھي ته اسان کي انھن مھاجرين جي نالي امداد ملندي آھي ۽ انھي امداد جي لالچ ۾ اسان مھاجرين جي لوڌ کي سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي ۾ جمع ڪندا اچون مھاجرين لاء ملندر امدادجي حڪمرانن کان سواء ٻين ڪنھن کي به خبر نٿي پوي ڪيڏانھن ويندي آھي نه مھاجرين کي ڏني وڃي ٿي نه پناھ ڏيندڙ صوبي سنڌ کي ڏني وڃي ٿي سنڌ کي عالمي يتيم ڪالوني بنائي مھاجرين جي لوڌ کي سنڌ موڪليو وڃي ٿو جنھن ڪري سنڌجا حالات ۽ معيشت خراب ٿيندا وڃن ٿا مقامي ماڻھو اقليت ۾تبديل ٿيندا وڃن ٿا مھاجرين جي اڄ تا ئين ڳڻپ نه ڪئي ويئي آھي ته ڪيترو تعداد اچي چڪو آھي ھاڻ وڌيڪ سھپ جي گنجائش نه آھي قانوني طور مھاجرين جي ڳڻپ ڪري انھن جي به بجٽ سنڌ کي ڏيڻ کپي جيسين ڪراچي ۾ افغانين سميت سڀني مھاجرين کي نه ڪڍيو ويو ته حڪومت کان به ڪراچي ۾ امن امان نه ٿيندوسنڌي ته اڳئي سورن ۾آھن

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو