Home / سياسي افيئر / گيلاني: شارٽ عدالتي فيصلو ۽ شارٽ مارچ
above article banner

گيلاني: شارٽ عدالتي فيصلو ۽ شارٽ مارچ

اهو عدالتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو ته توهين عدالت جي ڪيس جو فيصلو به ڪنهن شارٽ آرڊر طور ٻڌايو ويو. پوري فيصلي ۾ ڇا لکيو ويندو، ان جي اڻ تڻ سڀنيءَ کي آهي. پاڻ ته اها ڳالهه ڪونه ٿا چئون پر عدالتي فيصلن جو تنقيدي جائزو وٺندڙن هن کان اڳ ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن  شارٽ آرڊرز ۾ اختيار ڪيل موقف تفصيلي فيصلا لکڻ وقت تبديل ٿيو وڃن ۽ شايد پوءِ جون سياسي حالتون پيرائتي فيصلي جي لکت تي اثر انداز ٿين ٿيون. خدا ڪري ته تفصيلي فيصلو ۽ شارٽ آرڊر  هڪٻئي سان ٺهڪي اچن.


اعتزاز احسن ته فيصلي اچڻ شرط شور مچايو هو ته وزيراعظم گيلانيءَ کي جن ٻن الزامن تحت سزا ڏني وئي آهي تن مان هڪ  الزام اهڙو آهي جيڪو  فرد جرم ۾ ئي شامل ڪونه هو. هاڻي جيڪو الزام فرد جرم ۾ شامل نه هجي، جنهن تحت ڪيس ئي نه هليو هجي، جنهن الزام جي ملزم کان صفائي به طلب نه ڪئي وئي هجي بلڪه اهو ملزم جي ڄاڻ ۾ ئي نه هجي ته ڪو اهو الزام به مٿس لاڳو ٿيل آهي، اهڙي الزام تحت ملزم کي سزا ڏيڻ ڪيترو انصاف ڀريو ٿي سگهي ٿو سو سڀنيءَ جي سوچڻ جو سوال آهي.

جيتوڻيڪ هن وقت به اڻ سڌيءَ ريت ته نمائندگيءَ جو وڏو حصو وري به انهن وٽ ئي آهي، پر جيئن ته پنجاب جي لاڏلن جي آشيرواد سان پنجاب جا پنهنجا پٽ سڌيءَ ريت تخت تي ويٺل ناهن، تنهن ڪري اڄ جي پاڪستان ۾ هنن کي سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نظر ڪونه ٿو اچي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي، نسبتا بهتر ۽ عوام دوست قانون سازي ڪندڙ پارليامينٽ جيئن ته چيف صاحبن کي پسند ناهي تنهنڪري اها هنن کي ان گهڙي وانگر لڳي ٿي جنهن لاءِ چيو ويو هو ته “اي گهڙا، تيڪون ڀڃ سٽان، ميڏي يار دي چيلهه رنجائي هو.”

هتي طريقو اهو رهيو آهي ته جيڪڏهن مجبور ٿي جمهوريت بحال ڪرڻي به پئجي وڃي ته هڪ پاسي وزيراعظم کي قسم کڻائي ٻئي پاسي کان مٿس بڇ ڪرائي ويندي آهي.آڳاٽي زماني ۾ پيارن جي آمريتي مشينري سمورا ڪم پاڻ ڪندي هئي. هاڻي ڪجهه نوان اسٽرڪچر ٺاهي، ۽ ڪجهه پراڻن اسٽرڪچرز کي هلڻي سيکاري ڪيترائي ڪم انهن جي حوالي ڪيا ويا آهن. مشرف جي مهاجر پنجابي مارشل لا کان پوءِ جيڪا جمهوريت بحال ٿي تنهن جا پرزا ڍرا ڪرڻ لاءِ پهرئين ڏينهن کان ٻه اسٽرڪچر مسلسل ڪم کي لڳا پيا آهن. هڪ آهي قومي ميڊيا ۽ ٻيو آهي انصاف کاتو. ٻئي هتي سياسي نظام جا ٻوٽ پٽيندا رهيا آهن. هن ميڊيا گيلانيءَ جي سزا واري فيصلي جي ابتي تشريح ڪندي سڄو ڏينهن کيس مجرم وزيراعظم سڏيو ۽ چيو ته هو هاڻي هر عهدي لاءِ نااهل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته فيصلي جي پيراگراف نمبر ٻه ۾ چيل هو ته ملزم کي سزا ڏيڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 63 (1) (g) تحت سياسي نظام لاءِ امڪاني طور جيڪي سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا تن جي شدت گهٽجي وڃي. اهڙي ئي خيال کان کيس رڳو ڪورٽ جي اٿڻ تائين عدالت ۾ موجود رهڻ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڪورٽ پاڻ وزير اعظم کي نااهليءَ کان بچائڻ لاءِ اها سڄي لکت ڏني پر قومي ميڊيا وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيئي ڇڏيو. اردوءَ جي هڪ صحافيءَ جو چوڻ هو ته “جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان ڌر ٿي بيهي رهجي ته اهو ميڊيا جي پروفيشن ۾ اخلاقي طور جائز آهي!”

سماجي سائنسن ۾ اسان گروپ سائيڪالاجي ۽ گروپ مائنڊ جي باري ۾ پڙهيو آهي. اجتماعي سوچ يقينا ڪا شيءَ ٿيندي آهي، پر شايد هتي ڳالهه ان کان گهڻو چڙهيل آهي. پنجابين ۾ شايد ڪو بنا تند تار جي گڏيل پيغام رسانيءَ جو ڪو نظام موجود آهي. ڀلي اوهين برطانيه جي شهر ڪارڊف يا مانچسٽر ۾ پنجابين سان ملو يا ملتان جي پنجابين سان ڪچهري ڪريو، ڪوئٽا جي سيٽلر پنجابين سان ملاقات ڪريو ۽ ڳوٺ اچي پنهنجي پراڻن ڪلاس فيلو پنجابي دوستن سان خبرون ڪريو. سڀ هڪ ئي نڪتي تي بيٺل نظر ايندا. سندن قومي ايڪو ٻين قومن جي ته ٻيڙي ٻوڙي چڪو آهي پر خبر ناهي ته انهن مان ڪي ان ڳالهه تي به سوچين ٿا يا نه ته خيالن ۾ ايڏي هڪجهڙائي به نهايت خطرناڪ هوندي آهي. اهڙي هڪجهڙائي سياسي ۽ نظرياتي طور هن سڄي قوم جي سڌرڻ ۾ رڪاوٽ ته آهي ئي پرجيڪڏهن اها ان کي ريل جي انجڻ وانگر هڪڙي سڌ ۾ هلائيندي رهي ته اها ريل گاڏي ڪنهن نظرياتي يا سياسي کاهيءَ جو کاڄ ٿي سگهي ٿي. پر هن هڪ ئي  سوچ جي پٽڙيءَ تي ڊوڙندڙ ريل گاڏيءَ جو انتظام سندن محبوب آب پاره وارن وٽ آهي.

جنهن ڏينهن گيلانيءَ کي سزا آئي، ته پنڊي پوٺوهار جي ماڻهن جي وات تي رڳو اها ڳالهه هئي. “بالآخر ڪڇ تو انصاف هوا!”صاف محسوس ٿي رهيو هو ته مس مس وڃي سندن هانءُ تي ڪو ڇنڊو پيو آهي.

پنجاب جي محب وطن ماڻهن ۽ انهن ماڻهن هٿان هلندڙ محب وطن ادارن کي اهڙي سياسي سرڪار سان ڪهڙي همدردي جنهن کي گهڻي کان گهڻا ووٽ غير محب وطن ماڻهن ڏنا هجن؟ جيڪڏهن اوهان پنجاب جا محب وطن ماڻهو آهيو ته ظاهر آهي ته توهان اهو ئي چوندا ته “بس انصاف هونا چاهئي!” ان جملي جو مطلب “عدالت هجڻ گهرجي” ته آهي ئي پر ان جو ضرور به ضرور اهو به مطلب آهي ته ”پارليامينٽ نه هجڻ گهرجي.“ جيڪڏهن اڃا به گهرائيءَ ۾ وڃي ڏسجي ته ان جو اهو به مطلب آهي ته ”پارليامينٽ صرف تڏهن هجڻ گهرجي جڏهن اسان جا انوکا لاڏلا اليڪشنون چورائي اچي تخت تي ويهن.“ ويچاري ڊان اخبار کي گيلانيءَ جي فيصلي اچڻ جي ٻئي ڏينهن ايڊيٽوريل لکي چوڻو پيو ته ”ڏاها ٿيو، توهان کي انصاف سان دلچسپي آهي ته اها چڱي ڳالهه آهي پر اهو ڇو ٿا وساريو ته اوهان کي جمهوريت جي به ضرورت آهي!“ ڏهه سال پنجاب ۾ گذارڻ کان پوءِ آئون ته نٿو چئي سگهان ته هنن ماڻهن کي جمهوريت جي ڪا خاص ضرورت آهي.

هاڻي کل جهڙيون حرڪتون ٿي رهيون آهن. خدا جا شان آهن، عمران خان جنهن کي هن سيٽ اپ کي روانو ڪرڻ جي سڀنيءَ کان گهڻي تڪڙ رهندي آئي آهي سو گيلانيءَ کي مهلت ڏيڻ لاءِ چئي رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته گيلانيءَ خلاف تحريڪ هلائڻ کان اڳ ۾ انتظار ڪجي ته جيئن تفصيلي فيصلو اچي، پوءِ ان تي اپيل داخل ٿئي، ان اپيل تي به فيصلو اچي ۽ پوءِ نظرثاني جي درخواست داخل ٿئي ۽ اها به جڏهن رد ٿئي ته پوءِ بيشڪ تحريڪ هلائڻ گهرجي. هوڏانهن ميان برادران واءُ مينهن ڪندا پيا اچن ته تحريڪ اڄ هلايو ۽ بس هاڻي هلايو. هي تحريڪ  جا چتاءُ گهٽ ۽ پريشر ٽيڪٽڪس وڌيڪ آهن.

جوابي ٽيڪٽڪس کيڏندي، پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ سرائيڪي صوبي جي لاءِ ٺهراءُ آڻي ميان ليگ کي سياسي طور اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ميان ليگ نه سرائيڪي صوبي جي حمايت ڪري سگهي ٿي ۽ نه مخالفت. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ان پنج نوان صوبا ٺاهڻ جي رٿ پيش ڪئي آهي. جيڪڏهن ميان ليگ سرائيڪي صوبي جي سڌي مخالفت ڪئي ته ان جو سياسي اثر رسوخ اوڪاڙه ضلعي وٽ پنهنجي سرحد ٺاهيندو. اڳ ئي ليگ ملتان مان صوبائي اسيمبليءَ جي پنهنجي پڪي سيٽ پ پ جي هڪ ورڪر اميدوار هٿان وڃائي آهي جيڪو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته سرائيڪي وسيب مان ان جي تڏاويڙهه ٿي سگهي ٿي. پارٽيءَ کي مستقبل ۾ هن علائقي ۾ جيڪڏهن سياسي بزنس ڪرڻو آهي ته پوءِ اها ماڻهن سان ڦٽائيندي ڪانه. لڳي ايئن پيو ته اڳتي هلي ڪنهن مرحلي تي اها سرائيڪي صوبي جي بلڪل ايئن حمايت ڪندي جيئن ان بحثن مباحثن کان پوءِ خيبر جو کنڀ لڳائي پختونخواه جي نئين نالي جي حمايت ڪئي هئي.مستقبل ۾ ليگ ان موقف سان سرائيڪي عوام وٽ وڃي سگهندي ته پ پ ته رڳو ڳالهيون ٿي ڪيون، اسين جيڪڏهن حمايت نه ڪريون ها ته ڪو ڌار صوبو ٺهي ها، ان ڪري ڌار صوبي ٺهڻ جو ڪريڊٽ اسان ڏانهن وڃي ٿو.

قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪرايل اهڙي ٺهراءُ سان سرائيڪي صوبو ڪونه ٺهي ويندو پر اهو ٺهراءُ هڪ لحاظ کان ٽيسٽ ڪيس هو. نواز ليگ جون واٽون ويهه ٿي ويون ۽ مجبور ٿي اها پنجن صوبن وارو ٺهراءُ کڻي آئي. ساڳي ڪار پنجاب اسيمبليءَ ۾ به ٿي سگهي ٿي جنهن مان ٻه ڀاڱي ٽي منظوريءَ سان صوبي جو ٺهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ليکو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبليءَ ۾ اهڙو ٺهراءُ آندو ته ٿورڙي محنت ۽ ڪجهه اينگرو يوريا سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ويجهو ضرور پهچي سگهجي ٿو. ڪيترائي ماڻهو نواز ليگ ۾ هوندي به حق ۾ ووٽ ڏيندا ۽ ٿوري ٻي گيهل گيهلان سان اسڪور چيس ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن ليگ جي مخالفت جي باوجود اهڙو ٺهراءُ منظور ٿي وڃي ته اهو شهباز شريف جي سرڪار خلاف عدم اعتماد وانگر هوندو. بلڪل ايئن جيئن بجيٽ جو رد ٿيڻ عدم اعتماد جي برابر هوندو آهي. هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا شهباز شريف جي سرڪار کي ڊاهي نٿو سگهجي؟ جواب آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ واقعي انصاف هجي ته اها سرڪار هڪ ٽنگ تي گهڻو عرضو ڪانه بيهي سگهي ها. شهباز سرڪار جيڪا اڪثريت گڏ ڪئي سا سڄي ميمبرن جي خريداريءَ سان ٿيل آهي. ملڪ ۾ هارس ٽريڊنگ خلاف قانون موجود آهي پر جيڪڏهن ٻن اکين وارو انصاف هجي ها ته ان هارس ٽريڊنگ خلاف رڳو هڪڙي درخواست تي ئي شهباز سرڪار وڃي ڪياڙيءَ ڀر ڪري ها پر موجوده صورتحال بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

تجزيو اهو به آهي ته نواز ليگ جي مخالفت کي هڪڙي limit ۾ رکڻ لاءِ صدر زرداري هر شيءَ جو وزن توري تڪي استعمال ڪندو رهيو آهي. صدر زرداري جيڪڏهن شهباز سرڪار کي ڊاهڻ جي قابل به هجي ته به ان کي ڪونه ڊاهيندو ته جيئن ميان ليگ جي مخالفت وارو ٽيمپريچر گهربل حد واري نشان  کان مٿي نه وڃي. ماضيءَ ۾ اهو تجربو ٿي چڪو آهي ته پنجاب ۾ پنهنجي سرڪار ڊهڻ سان ليگ ڇتي ٿي پئي هئي. ڪيترن کي مغالطو آهي ته ليگ وارو مشهور “گجرانواله مارڪه” لانگ مارچ جج بحال ڪرائڻ لاءِ هو. اهو مارچ دراصل ليگ جي حڪومت بحال ڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. صدر زرداري چاهي ٿو ته ليگ کي اهڙي لانگ مارچ ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، باقي تقريرون جيتريون وڻين، ڪري وٺن. ان ڪري ان جي صوبائي سرڪار پنهنجو وقت پورو ڪندي.

گيلانيءَ کي سزا ست ججن ڏني هئي جنهن خلاف اپيل داخل ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ججن تي ٻڌل بينچ ٺاهڻ پوندي. اڃا اپيل داخل ئي ڪانه ٿي آهي ته چيف صاحب چوڻ شروع ڪيو آهي ته اپيل ٻڌڻ لاءِ جيڪا بينچ جوڙي ويندي تنهن  ۾ ٽي جج پنهنجي سببن جي ڪري شامل ٿي نٿا سگهن سو هڪ جج هاءِ ڪورٽ مان پروموٽ ڪيو ويندو باقي ٻه نوان ايڊهاڪ جج مقرر ڪيا وڃن جيئن ججن جو ڪورم پورو ٿي سگهي. هڪ ته اصل تفصيلي فيصلو اڃا پينڊنگ آهي جنهن ڪري  اپيل ۾ پيون ديرون ٿين، مٿان وري جج صاحبن جو تعداد پورو ڪونهي. مطلب ته معاملو گهربل کان وڌيڪ وقت وٺندو.

ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته موقعو وٺي وڏو صاحب ٻن ويجهن ريٽائرڊ ججن، جسٽس جيلاني ۽ جسٽس رحمت جعفريءَ کي ايڊهاڪ ججن طور واپس آڻڻ چاهي ٿو.نوان جج  ۽ سي به ايڊهاڪ جج ڀرتي ڪرڻ جي تجويز تي سپريم ڪورٽ بار کي شديد اعتراض آهن. هن کان اڳ به پسند جي جج جسٽس رمدي کي ايڊهاڪ جج رکائڻ لاءِ ججن ”گڏيل ٺهراءُ“ منظور ڪيو هو جنهن تي عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته ججن جي مقرريءَ جو هڪ آئيني طريقي ڪار موجود آهي. ٺهراءُ ايئن منظورڪيو ويو آهي ڄڻ جج صاحبن جي ڪا ٽريڊ يونين هجي جيڪا ايمپلائيرز مٿان پريشر وجهي رهي هجي.

جيڪڏهن ڏسجي ته حڪومت کي ٻن هڪٻئي جي ابتڙ شخصيت رکندڙ ماڻهن عاصمه جهانگير ۽ بابر اعواڻ ڏاڍو فائدو ڏنو آهي. بابر اعواڻ جا مخالف پ پ مان سندس تڏاويڙهه تي خوش ته ٿيا آهن پر سڀ اهو مڃن ٿا ته بابر اعواڻ ڏوڪڙن وارو بريف ڪيس کڻي جيڪڏهن سڄي ملڪ جي بار ايسوسي ايشنز جا چڪر نه ڪاٽي ها ته سپريم ڪورٽ بار ۾ وڏي صاحب جي حمايت يافته اميدوارن کي لاڳيتو ٻه ڀيرا شڪست ڪانه ملي ها. اتي حامد خان جهڙيون بلائون ويٺيون هيون پر انهن جي ڪانه هلي. رڳو ٻن جائين  (ايبٽ آباد ۽ راولپنڊيءَ) کي ڇڏي هر جاءِ تي وڏي صاحب جي همراهن کي شڪست ملي. مخالف چون ٿا ته بابر اعواڻ کي حڪومت “ڪم نڪتو ڪاغذ ڦاٽو” وانگر استعمال ڪيو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان کي “ڦاٽو” بدران “لڙهي ويو” پڙهڻ گهرجي.

ٻئي طرف عاصمه اڪيلي سر سموري جيالا برگيڊ کان وڌيڪ وڙهي آهي. ڄاڻو ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن ميمو معاملي ۾ شروعات وارا ڏکيا ڏينهن مائي ڪلهو نه ڏئي ها ته همراهن مان ڪنهن نه ڪنهن مٿان شارٽ آرڊر اچي نازل ٿئي ها. پر عاصمه ان ڪيس کي سٺي شروعات ڏيئي، ڪيس جو زهر ڪڍي پوءِ هلي وئي جنهن ڪري ڪجهه آساني ٿي آهي. تازو حسين حقاني هڪ هڪاڻي ڪري ڇڏي آهي ته هو نڪو ايندو ۽ نه بيان ڏيندو، نه ئي وري ڪي پراڻا بليڪ بيري فون پيش ڪندو. معنيٰ معاملو ويو ڊيگهه ۾ “ڪار جهان دراز هي اب ميرا انتظار ڪر.”

هر شيءَ ٺيڪ آهي يا ٺيڪ ٿي سگهي ٿي، پر جيڪا شيءَ پيپلز پارٽيءَ کي هاڻي ٻيهر ڪانه ملندي سا آهي لياري. لياريءَ جي ديوارن تي پيپلز پارٽيءَ جيobituary لکجي رهي آهي. پيپلن لياريءَ کي ڏکي زندگي گذاريندڙ انسانن جي هڪ ڪميونٽي سمجهڻ بدران رڳو اسيمبليءَ جون ٻه سيٽون سمجهيو. هاڻي لياري پيپلز پارٽيءَ لاءِ لال مسجد بڻجڻ واري آهي. جهڙي ريت همراهه اتي وڙهي رهيا آهن ۽ جنهن طاقتور ڌر جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا آهن، تنهن مان صاف لڳي ٿو ته هنن جي مٿي تي ماما هٿ ڦيرائي رهيا آهن. جيڪڏهن ڌرين جو پاڻ ۾ پريم وڌيو ته اهو بلڪل ممڪن آهي ته پڪي قلعي آپريشن مهل دادوءََ جي پوليس اٽالن وانگر رحمان ملڪ وارا پوليس اهلڪار اوچتو پاڻ کي ڪنهن ٻي فورس جي گهيري ۾ ڏسي ماٺڙي ڪري واپس هليا اچن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو