Home / ڪور افيئر / ڇا بشير قريشي جو خون به لڙهي ويندو
above article banner

ڇا بشير قريشي جو خون به لڙهي ويندو

 

23 مارچ 2012 تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين جو گڏجڻ، سو به بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي، هڪ اهڙي قومپرست ڌر جي پٺيان جنهن وٽ نه ته ڪنهن ملازمت جو آسرو هجي ۽ نه اقتدار اختيار جو، بس ان ڌر وٽ آهي ته آزادي ۽ خوشحاليءَ جو خواب. سنڌ جي ويجهڙ جي سياسي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو ڇال هو. ڇو ته هيلتائين اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڌرين وٽ سنڌ جي قومپرستن لاءِ اها منفي راءِ رهي آهي ته اهي هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نٿا کٽي سگهن، پر هي تبت سينٽر کان وٺي نمائش چورنگيءَ تائين ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ انهن سڀني ڌرين لاءِ پيغام هو ته سنڌ جي قومپرست جهدوجهد هاڻي عوام سان ڳنڍجي چڪي آهي. ايئن اهو پيغام سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ته سنڌي مظلوم قوم آهن ۽ هن ملڪ اندر سندن حق غضب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي شهر جيڪو سنڌ جي راڄڌاني پڻ آهي، ان تي مالڪي جي دعويدارن کي به احساس ٿيڻ لڳو ته نه ٻيلي اسانجي مالڪي اجائي آهي، اصل ڌڻي ميدان تي اچي چڪا آهن.

ڌرتي ڌڻين کي وارثي ۽ مالڪيءَ جو اهو احساس ته سائين جي ايم سيد ڏياري ويو هو، ليڪن ان جي فڪر جي روشني ۾ ان کي عوام سان عملي طرح جوڙيندڙ ۽ ڳنڍيندڙ بشير قريشي هو، جنهن هميشھ ڀٽائي کي پنهنجو سونهون سمجهيو ۽ هو ڀٽ ڌڻي جي هنن سٽن جو مظهر هو:

 

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.

سو بشير قريشي جو عوام سان جڙجڻ، قومي تحريڪ جو عوامي رنگ سامهون اچڻ يقيني طور تي اقتداري ايوانن، رياستي ادارن ۽ سنڌ دشمن قوتن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. ايئن انهن اُن مارچ کان ترت پوءِ ٽڪساٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو اَنت لامحاله بشير قريشي جي اچانڪ شهادت تي اچي ٿيو.

پاڻ جيڪڏهن هن ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اها دوکن، دولابن، ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ تشدد سان ڀري پئي آهي. هتي نه رڳو عوام سان هميشھ ويساهه گهاتيون ڪيون پئي ويون آهن پر اهڙا ليڊر جن هن ملڪ کي ٺاهيو، ملڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، هر ممڪن وفاداريون نڀايون، انهن کي پڻ ڪنهن نه ڪنهن سازش وسيلي صفحه هستي تان مٽايو ويو. پاڻ انهي بحث ۾ نٿا پئون ته وفاقي سطح جي سوچ رکندڙ اهي سياستدان ڪهڙي سوچ رکندڙ هئا يا انهن جو سنڌ جي مفادن سان ڪيترو سروڪار هو، پر سياستدان هجڻ ڪري اهي به اَڏيءَ تي قربان ڪيا ويا. لڳ ڀڳ اهڙن قتلن جا هيلتائين نشان ۽ شاهديون ملڻ باوجود اهي انصاف خاطر ٻاڏائي رهيا آهن.

هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندا هلون ته تاريخ ۾ هڪڙا سياسي قتل سڌي ريت ڪيا ويندا آهن ۽ ٻيا اڻسڌي ريت. بدقسمتي چئجي ته هن ملڪ اندر هيلتائين جيڪي سڌي ريت سياسي قتل ڪيا ويا آهن، انهن کي به انصاف پلئه نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته اڻسڌي ريت قتل ته اختيار ڌڻين جي ڄڻ ته ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آهن. جيئن ملڪ جي بانيڪار محمد علي جناح جو موت به اڻسڌو سياسي قتل هو، پر ان جي پرده پوشي ڪندي ان کي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي ڪيو ويو. ايئن لياقت علي خان، حسين شهيد سهروردي، (کيس زهر ڏئي ماريو ويو هو) فاطمه جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد نذير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا قتل به سياسي قتل هئا. پر اهي سمورا قتل دينا داستي هجڻ باوجود انصاف جي ادارن وٽان انصاف نه ماڻي سگهيا آهن. جڏهن ته انهن سمورن سياسي قتلن بابت ارباب اختيار هميشھ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

جيڪڏهن ويجهڙ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اسانکي نقطئه نظر جي اختلاف، ڌرتي ۽ پنهنجي عوام لاءِ آزادي وارو حق حاصل ڪرڻ خاطر جهدوجهد ڪرڻ جي الزام ۾ بلوچ اڳواڻن نوروز خان، شهيد اڪبر بگٽي ۽ شهيد بالاچ مري جا به سياسي قتل سڌي ريت ٿيل ملن ٿا، جن ۾ ڪير ملوث آهي، اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي.

ان کانپوءِ اڻ سڌي ريت پاڪستان جي ويجهڙ جي تاريخ ۾ جيڪي قتل ڪيا ويا آهن اهي پڻ اڃا تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهن. جيئن شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو، اصغر خان جي پٽ عمر اصغر خان جي موت بابت خودڪشي جو ناٽڪ رچايو ويو، جنرل آصف نواز جنجوعه کي زهر ڏئي مارايو ويو. سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي پراسرار نموني باهه ڏئي ماريو ويو. اهي سمورا قتل ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هن ملڪ ۾ جتي عام ماڻهو محفوظ ناهي، اتي سياسي ماڻهو ته بنهه ٽارگيٽ تي هجن ٿا. سو به اها سياست جيڪڏهن عوام جي آجپي ۽ خوشحالي جي هجي ته پوءِ اها قيادت آخر ٽارگيٽ تي ڇو نه هوندي؟ ان ڪري پڪ ڄاڻو ته سنڌ اندر قومپرست تحريڪ جي سگهاري قيادت ڪندڙ بشير قريشي به گهڻي عرصي کان سنڌ دشمن قوتن جي اک ۾ هو، ۽ انهن سندس جان وٺڻ جو ٽارگيٽ اڻسڌي ريت حاصل ڪيو.

جيتوڻيڪ بشير قريشي جو پوسٽ مارٽم به ٿيو، جسم جا حصا به ورتا ويا پر انهن کي هي سٽون لکڻ تائين ڪڏهن روهڙي، ڪڏهن ڪراچي جي سروسز اسپتال ته ڪڏهن آغا خان رُلايو پئي ويو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي صحت وارو سيڪريٽري، جنهن جو تعلق هڪ لساني ڌر سان آهي اهو رت جي جزن جي آغا خان مان ٽيسٽون ڪرائڻ بابت اين او سي ڏيڻ کان انڪاري آهي. جڏهن کان “ڊان” ٽي وي چئنل تي بشير قريشي کي زهر ڏئي مارڻ واري ڳالهه جو ڀانڊو ڦاٽو آهي تڏهن کان لاڳاپيل ادارا ۽ ڌريون الرٽ ٿي ويون آهن ۽ اهي ڪنهن ساک واري اداري کان ڪيميڪل ٽيسٽون ڪرائڻ بدران نٽ نٽاءُ کان ڪم وٺي رهيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن تي پڻ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جڏهن ته جسقم جي مرڪزي اڳواڻن آصف بالادي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين حڪومت، اختيار ڌڻين جي اهڙي روش سبب حڪومتي ادارن تي جاچ رپورٽن جي سلسلي ۾ عدم اعتماد جو اظهار ڪندي 11 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو، جيڪا ويجهي تاريخ جي تاريخي هڙتال هئي. ان کانسواءِ سنڌ جي سياسي اڳواڻن سائين جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالواحد آريسر، خالق جوڻيجو ۽ ٻين جو پڻ اهو موقف سامهون آيو آهي ته رت جي جزن جي چڪاس ۾ حڪومتي ادارن طرفان نٽ نٽاءُ ڪرڻ سبب شڪ شبها وڌي رهيا آهن، ان ڪري فوري طور ڪنهن ساکائتي اداري کان اهي جزا چڪاسيا وڃن، جيئن هڪ قومپرست اڳواڻ جو خون تري سگهي.

هي خون ڪو عام ناهي، هي خون ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو ڄائو به ڌرتي لاءِ هو ته شهيد به ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ٿيو آهي، جنهن جو آواز 23 مارچ تي رمپا پلازا ڪراچي واري پل تان هيئن گونجيو هو:

عمر يست ڪه آواز منصور ڪهن شد

من از سرنو جلوه دهم دارو رَسن را

ترجمو: “عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو”

بروبر منصور جو اهو آواز ظالم قوتن في الحال ته خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي، پر اها ڪڙي حقيقت ظالم قوتن کي نه وسارڻ گهرجي ته تاريخ سَنڍ نه ٿيندي آهي، اها پنهنجي ڪک مان هزارين منصور وري جنم ڏئي سگهي ٿي. مٿي ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جو هي قافلو جنهن جي منزل اڻانگي ۽ پنڌ پري آهي، اهو يقين ڄاڻو ته روان دوان رهڻو آهي ۽ روان دوان رهندو.

جيتوڻيڪ بشير قريشي جي جسم مان ورتل Viscera چڪاسڻ لاءِ سرڪار طرفان 15 ڄڻن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ ويهاريو ويو آهي پر جنهن ملڪ ۾ صدر ۽ وزير اعظم ئي بااختيار ۽ آزاد نه هجن اتي اهو بورڊ ڪيتري غير جانبدار راءِ ڏئي سگهندو. ان تي به سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ عام زهرن جي چڪاس ئي چڱي نموني ٿيڻ مشڪل هوندي آهي ان ڪري جديد زهرن جي تهه تائين پهچڻ هتي بنهه ڏکيو آهي. سنڌ ۾ ميڊيڪو ليگل جو ماهر سمجهيو ويندڙ ۽ 200 کان مٿي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جي راءِ آهي ته “هتي ڪنوينشنل زهر جي ئي مشڪل سان چڪاس ممڪن ٿي سگهندي آهي،ان ڪري اَن ڪنوينشنل زهر چڪاسڻ لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان رجوع ڪرڻ گهرجي، جتي اهڙي قسم جي سهولت موجود آهي”. اهڙي ماهراڻي راءِ کانپوءِ ٿيڻ ته ايئن کپي ته سرڪار پاڻ ئي بشير قريشي جي جسم مان ورتل حصن جي چڪاس اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جديد ليبارٽرين مان ڪرائي، سندس ڪٽنب ۽ سنڌي عوام کي مطمئن ڪري جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته پوءِ هتان وارين رپورٽن تي شايد ئي ڪو ڀروسو ڪري.

باقي جيئن پاڻ مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته هن ملڪ ۾ ملڪ جي بانيڪار کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين جيڪي به سياسي قتل ڪيا يا ڪرايا ويا آهن ان بابت ارباب اختيار حقيقتون خلق خدا کان نه رڳو لڪايون آهن بلڪه قاتلن تي ڪک پڻ رکيا آهن. اڃا به ايئن چئجي ته درست ٿيندو ته سگهارن ملڪي ادارن کي اهي خون ڦٻي ويا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آيا ماضيءَ جي سياسي قتلن وانگر سنڌ جي قومپرست اڳواڻ بشير قريشي جو خون به اهي کائي ويندا؟ ان جو جواب هائوڪار/نهڪار ٻنهيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ارباب اختيار ۽ انهن ادارن وٽ ماڻهو مارڻ/مارائڻ جي جديد فني مهارت به آهي ته شاهديون ميسارڻ جي به. ان ڪري خدشو آهي ته ڪٿي بشير قريشي جي خون جون شاهديون به ميساريون نه وڃن. باوجود انهن سمورن خدشن ۽ امڪانن جي هن ڏک ۽ سانحي جي گهڙيءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي Nation Hood وارو ڪردار نڀائڻو آهي، اهي جتي به آهن، جنهن به پوزيشن تي آهن، اهو قومي خون تارڻ لاءِ جيترو به ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ جيڪڏهن اهي هٿ هٿ ڪندا، عالمي ادارن تائين دانهين ٿيندا ته سنڌ جو هي قومي خون ظالم قوتون ڳڙڪائي نه سگهنديون.

hamsafargadehi@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو