Home / ويندي ويندي / اقرار به آ ، انڪار به آ
above article banner

اقرار به آ ، انڪار به آ

کڻي “غيرت برگيڊ” جي غيرت اها حقيقت مڃڻ گوارا نه ٿي ڪري ته اسان ڏوڪڙ وٺي وڙهڻ وارا ماڻهو آهيون، جنهن لاءِ انگريزي ۾ ڏاڍو اڻ وڻندڙ لفظ Mercenary استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڊان اخبار جي 4 جون واري ايڊيشن جي فرنٽ پيج تي واشنگٽن مان اخبار جي نمائندي انور اقبال جيڪا خبر ڇپرائي آهي ان ۾ ته “غيرت برگيڊ” جي غيرت جون ڌڄيون اڏائڻ لاءِ وڏو سامان موجود آهي. اخبار لکي ٿي ته آمريڪا پاڪستان کي 1.18 بلين ڊالر ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. اها رقم پاڪستان پاران آمريڪا کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار عيوض موڪليل بلن جي مد ۾ ادا ڪئي پئي وڃي. آمريڪا گذريل سال کان پاڪستان جا بل روڪيو ويٺو هو پر هاڻ آمريڪا نيٺ ڀاڙي ٿيو آهي ۽ پاڪستان کي جنگ ۾ سهڪار عيوض Coalition Support Fund جي اڪائونٽ مان ڏوڪڙ جاري ٿيڻ وري شروع ٿيا آهن. پر اوهان کي ياد هجي ته پاڪستان کي اربين ڊالر ان کان اڳ ملي چڪا آهن. 2001ع ۾ جڏهن آمريڪا ۽ القائده جي لڙائي شروع ٿي ته ان وقت پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڻ کي فرنٽ لائن اسٽيٽ ڪوٺي، جنگ ۾ ڪاهي پيو. جنرل پرويز مشرف تي جنرل ضيا وانگر ڊالرن جي برسات ٿيڻ لڳي. هي جيڪو پرويز مشرف لنڊن ۽ دبئي ۾ فائيو اسٽار زندگي گذاري رهيو آهي اها هڪ جنرل جي پينشن مان ممڪن ٿي سگهي ٿي ڇا؟

افغان جهاد مان کوڙ “فاتح” فيض ياب ٿيا هئا پر جيترا فيضياب جنرل ضيا ۽ جنرل اختر عبدالرحمٰڻ جا اولاد ٿيا اوترا ته محمود غزنوي جا پونيئر به سومنات جي مندر جي لٽ مار مان نه ٿيا ٻنهي جنرلن جو اولاد اڄڪلهه سياست ۾ ڏوڪڙ جي مستي سان ڪاهي پيل آهي.

خير، اسان جو ڇا وڃي اڳين ڳالهين سان، حالانڪه ڳالهه ۾ هڪجهڙائي آهي ته اڳي جهادين کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊالر ورتا ويا، هاڻ کين پڪڙڻ مارڻ لاءِ ڏوڪڙ ورتا پيا وڃن. پر هڪ ڳالهه مڃبي. جنرل ضيا ۽ سندس همنوا غازين ۽ فاتحن مليل ڪم روح سان، دل و جان سان ڪيو. جنرل پرويز مشرف ۽ همنوائن جهادين ۽ القائدن کي چٿڻ لاءِ بل ته موڪليا پر ڪم دل سان نه ڪيو. آمريڪين ته تنگ ٿي اهي الزام هڻڻ شروع ڪيا ته اوهان “ڊبل گيم” کيڏي رهيا آهيو. اسان سان ياري جو ڀرم هڻو ٿا، خرچ پکو وٺو ٿا لڪ ڇپ ۾ طالبان جي به پٺ ٺپ ڪيو ٿا.

هاڻ اها ڊيل گيم ايتري ته بدنام ٿي وئي آهي جو آمريڪي ڪانگريس ۾ ٻئين ٽئين مهيني اهڙي قسم جا بل پيش ٿيڻ لڳا آهن جن ۾ پاڪستان تي ڊبل گيم سبب پابنديون مڙهڻ جي گهر ڪئي ٿي وڃي.

اسان به چئون ٿا ته هاڻ هڪ هڪاڻي ٿيڻ گهرجي. آمريڪا اسان کي ڪو نه ٿو وڻي. اسان به اڳي سُرخا رهي چڪا آهيون ۽ آمريڪي سامراج کي مرده باد چوندي بس نه ٿيندا هئاسين. غيرت برگيڊ وارن جي چوڻ تي غيرت جي ڪوڙي گوري کائي آمريڪا امداد کي ٿُڏڻ کپي. يا پوءِ ايماندار ٿي نوڪري ڪرڻ کپي.

ڇا چوندا آهن انڊين فلمن جا ولن ته “بي ايماني جو ڪم به هتي ايمانداري سان ڪرڻو پوندو آهي.” آمريڪا نه ٿو وڻي ته ان جو ڊالر به نه وڻڻ کپي. ڊالر سان دوستي ۽ جهادين سان ڀائپي هڪ ئي مياڻ ۾ نه ٿيون رهي سگهن. دنيا ايتري به سادي ڪانهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو