Home / افيئر / بشيرقريشي جو چاليهو سنڌ جي وحدت جي حق ۾ لکين سنڌين جو آواز
above article banner

بشيرقريشي جو چاليهو سنڌ جي وحدت جي حق ۾ لکين سنڌين جو آواز

20 مئي جي نٽهڻ اس جتي ڪانوَ جي اک پئي نڪري ۽ سج سوا نيزي تي هو اتي وري هزارن جي تعداد ۾ قومي ڪارڪن رتيديري جي باءِ باس وٽ پنهنجي محبوب اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي جي چاليهي تي لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا، ٽاڪ منجهند جو ئي اسٽيج جي چوڌاري شهيد بشير خان قريشي جي زندگي تي آيل ڪتابن ۽ آڊيو سي ڊيز جا اسٽال لڳي چڪا هئا، جن جي چوڌاري ماڻهن جا انبوهه بيٺل پئي نظر آيا. ڪنهن کي گرمي جي ڪا به شدت محسوس ٿيندي نظر نه ٿي آئي. صبح کان ئي ماڻهن جي آمد جوسلسلو شام ستين وڳي تائين جاري رهيو هڪ اندازي موجب  هن قومي ميڙ ۾ سوا لک ماڻهن جو انگ موجود هو، جسقم طرفان  چاليهي ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم کي به دعوت مليل هئي جنهن ڪري ايس ٽي پي وارا دوست ڪاوڙيل هئا ۽ انهن شرڪت نه ڪئي، تقريبن شام جا ساڍا ست ٿيا هئا.ايم ڪيو ايم جو وفد رتيديري جي چاندني چوڪ جي سامهون ايم ڪيو ايم جي آفيس مان نڪري جلسي طرف وڃي رهيو هو ته ايس ٽي پي جي هڪ مقامي ڪامريڊ انهن جي گاڏي مٿان هوائي فائرنگ ڪري نفرت جو هڪ انوکو اظهار ڪيو جنهن جي رد عمل ۾ اتي بيٺل ماڻهن متحده خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ياد رهي ته ماضي ۾ به مختلف وقتن تي عزيز آباد جا آدمي رتيديري سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ڏانهن ايندا رهيا آهن پر انهن جي آجيان اهڙي نفرت واري انداز ۾ ڪڏهن به نه ٿي. هن ڀيري مهاجر صوبي جو شوشو ڇڏڻ ۽ بشير خان قريشي جي شهادت کان پوءِ ماڻهن  جا جذبا ڪروڌ ورتل ٿي نظر آيا جنهن ڪري انهن متحدا سان ڀرپور نفرت جو اظهار ٿي ڪيو.

چاليهي جي موقعي تي شهيد بشير خان قريشي جي زندگي تي لڳ ڀڳ 6 ڪتاب اچي چڪا هئا جن جي وڪري لاءِ اتي ئي اسٽال لڳايا ويا هئا ۽ هن ڀيري ماڻهن ۾ هڪ تبديلي نظر آئي ته اڪثر انهن جي هٿن ۾ ڪتاب هئا ۽ جلسو شروع ٿيڻ جي انتظار ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي انهن ڪتابن جو جائزو وٺي رهيا هئا. هڪ اندازي موجب شهيد بشير خان قريشي جي زندگي تي آيل ڪتابن جو تقريبن گهٽ ۾ گهٽ چئن کان 5 هزارن تائين وڪرو ٿيو هوندو.

شهيد بشير خان قريشي جي چاليهي جي ڪارروائي جي شروعات ۾ قومي ڪارڪن مرحوم سرڪش سنڌي جي نياڻي ناياب سرڪش، بشير خان قريشي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ نظم پيش ڪيو جنهن ماڻهن کي اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو،جلسي ۾ جسقم جي مرڪزي قيادت سميت ٻين قومپرست جماعتن جي سربراهن به شرڪت ڪئي.  جلسي ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم ايم جو وفد شرڪت لاءِ پهتو ته ان جي انوکي آجيان ڏسڻ وٽان آئي، وفد جي اڳواڻي ڪندڙ صوبائي وزير عبدالحسيب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته “ هنن هزار ڀيرا چيو آهي ته هو سنڌي آهن، جڏهن عبدالحسيب اها دعويٰ ڪئي ته هنن سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ به پنهنجي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، تڏهن پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو جذباتي ٿي ويا ۽ شيم – شيم جا نعرا هڻڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيا جنهن ڪري پنڊال ۾ گوڙ ٿي ويو ۽ سوين ڪارڪنن اسٽيج جو گهيراءُ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر انهن کي سيڪيورٽي تي بيٺل ڪارڪنن روڪي ورتو جنهن ڪري متحدا اڳواڻ کي پنهنجي تقرير اڌ ۾ ئي ختم ڪرڻي پئي پر ڪارڪن پوءِ به خاموش نه ويٺا جن کي چپ ڪرائڻ لاءِ شهيد بشير قريشي جا قسم ڏنا ويا  پر ان باوجود هو ڀرپور جذبي ۾ هئا ۽ هو ايم ڪيو ايم خلاف سخت نفرت جوا ظهار ڪندا رهيا  بعد ۾ مقصود قريشي ۽ ساگر حنيف بڙدي کين بشير قريشي جي تڏي ۽ چمين ۽ ڀاڪرن جو جا واسطا ڏئي چپ ڪرايو، اهڙي صورتحال سامهون اچڻ کان پوءِ  ايم ڪيو ايم جي وفد کي سخت سڪيورٽي سان واپس روانو ڪيو ويو.


جلسي کي جسقم جي وقتي چئيرمين ڊاڪٽر نيازڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته “سنڌ جي وحدت جي حوالي سان اسان لاپرواهه ناهيون اسان سنڌ جا ڌڻي آهيون ۽ اردو ڳالهائندڙن کي چئون ٿا ته سنڌ کي ماءُ ۽ پنهنجو وطن سمجهن ان ۾ ئي انهن جو ڀلو آهي، هن چيو ته جسقم شهيد بشير قريشي جي امانت آهي جنهن کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو” جقسم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي جو چوڻ هو ته“ سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جسقم کي جنهن سطح تي بشير خان قريشي پهچايو اسان ساڳي ريت منظم ۽ مضبوط آهيون”، جسقم آريسر جي اڳواڻ ڊاڪٽر مير عالم مري چيو ته قومي ٻڌي جي جيڪا اڄ ضرورت آهي ان جي مستقبل ۾ به اڃا وڌيڪ ضرورت پوندي تنهن ڪري بشير خان قريشي جي شهادت واري غم کي طاقت ۾ تبديل ڪيو وڃي” جلسي کي خطاب ڪندي  بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ جهانزيب چيو ته “ بشير خان قريشي جي جدوجهد ۽ قرباني ايندڙ وقت ۾ سنڌي قوم لاءِ ڪهڙو رنگ لائيندي ان جو فيصلو ته تاريخ ڪندي  پر هتي جيڪا تاريخ ٺهندي ڏسي رهيو آهيان اهو سنڌي قوم جو اهڙو تاريخي فيصلو آهي جنهن نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ اندر نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، هن چيو ته ڌرتي سان اها ڪمينٽمنٽ ڏسي چوان ٿو ته اڄ سنڌ جي سياست باقاعدا سنجيدگي جو رخ ورتو آهي. رياض چانڊئي چيو ته جئيري کان وڌيڪ شهيد ٿيل بشير خان قريشي دشمنن لاءِ خطرو آهي، سندس شهادت خوف نه پر اتساهه ڏنو آهي” ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته  کين سنڌ جي وجود کان وڌيڪ ڪا به شئي ناهي ۽ هو سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي ناڪام بڻائيندا، تقريب کي نامياري اديب تاج جوئي، قوپرست اڳواڻ سرور سهتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو