Home / افيئر / بشير قريشي جي شهادت جي پسمن
above article banner

بشير قريشي جي شهادت جي پسمن

ڪا بيک نه آهي آزادي:

هو مُور نه سوچي ڪانڌيءَ جو

اي يارو نياپو گانڌيءَ جو

اڄ آپگهات کان بدتر آ،

جا ننڊ اسان جي گهر گهر آ. (اياز)

ڪنهن يوناني ليکڪ لکيو آهي ته : “مان ‘آزادي’ جي خطرناڪ لفظ کي ڏنگين ليڪن ۾ وجهان ٿو، جيئن ڪنهن وحشي جانور کي سڱن کان جهلبو آهي.” آزاديءَ جي سوچ ۽ احساس سان ئي ماڻهوءَ جو من فضائن ۾ اڏامندو آهي، پر سنڌ ۾ انهن اڏامن کي قيد ڪرڻ ۽ ان کي سڱن کان جهلڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجا دلال به ٻٽ رهيا آهن. آزاد قومن جي تاريخ اهڙن سرفروش جوڌن سان ڀري پئي آهي جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، پر ساڳئي وقت گناهه جيان گهمندڙ غدارن تي به ملامت جو ذڪر ضروري آهي.


اهي قومون فخر لائق ۽ عظيم آهن، جن پنهنجن سورمن ۽ سرويچن کي ساهه ۾ سانڍي، انهن جي ياد ۾ مينار ۽ يادگار جوڙائي،جتي آزاديءَ جي متوالن کي اتساهيو آهي اتي قومن غدارن کي ايندڙ نسلن لاءِ قابل نفرت ۽ نشان عبرت به بڻايو آهي!

ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان

ويس مٽائي ورڻو آهيان:

تون به چنيسر جو ڪجهه چاهين،

مون کان اڳ ۾ ورڻو آهين.

نانوَ نئين سان، ويس بدل سان،

تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان،

جاري آهي، جاري رهندي

جاري آهي، جاري رهندي. (اياز)

هونئن ته صدين کان سنڌ جي سيني ۽ پٺيءَ ۾ بروٽس وارا خنجر کوڙيا ويا آهن، پر اڄ سنڌ جنهن ڪرب ۽ پيڙا مان گذري رهي آهي ان جو احساس ۽ درد هر آزادي پسند سنڌي روح تائين محسوس ڪري ٿو، غلام قومون اڻٿڪ جدوجهد ۽ ويڙهه کان پوءِ جڏهن ڪا قيادت پيدا ڪن ٿيون ته نائون مل ۽ چنيسر جا وارث ويرين سان ملي، دڳ تي ئي هميشه لاءِ ان کي ابدي ننڊ سمهاري ٿا ڇڏين.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ايوب کهڙي ۽ پير الاهي بخش جهڙا جعفر ۽ صادق جا پوئلڳ سنڌ سان ويساهه گهاتي نه ڪن ها ته اڄ سنڌ ايئن پنهنجي وجود ۽ سلامتيءَ لاءِ پريشان نه هجي ها.

اسان جي اها بدقسمتي ۽ بزدلي آهي ته اسان ڪڏهن به قومي مجرمن ۽غدارن جي رستا روڪ نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي رضا قصوري وانگر منهن تي ڪارنهن هڻي شرمايو آهي.

هي راءِ بهادر ها ها ها!

هي خان بهادر آ ها ها!

هي ويهي روز فرنگيءَ سان

سڀ ڪارا ڀوري ڀنگيءَ سان

ڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهن ٿا

ڇا سوچن ٿا، ڇا چاهن ٿا،

جي پنهنجا ڄار وڇائن ٿا

۽ ديس سڄو ڦاسائن ٿا. (اياز)

حيرت ته اها آهي ته جيڪو ماڻهو وڏي واڪي چوندو رهيو ته پنڊي وارن جو پگهاردار آهيان اهو به بغير احتساب ۽ پڇاڻي جي روانو ٿي ويو. منهنجي راءِ ۾ ان ڪلچر ۽ روين جي ڪري اڄ سنڌ قومي غدارن جي لحاظ کان زرخيز زمين بڻجي وئي آهي. سنڌي ڪاموري کان وٺي صحافي، اڳواڻ، اديب، سياسي سماجي ڪارڪن ۽ عام ماڻهوءَ تائين جنهن کي جتي دنگو ملي ٿعو ته وسان ڪو نه ٿو گهٽائي.

هت گهر گهر مُنگهڻ جيئن ٿا،

۽ ماڻهوءَ جو رت پيئن ٿا.

ٿا پڳ پڳ ڪارا نانگ پلن،

۽ هيڊا ڪارا نانگ پلن،

پر تن تي جو ڪو وار ڪري

۽ وهه تي اتياچار ڪري،

هو جنم جنم اپراڌي آ،

ڪيئن ديس سڄي چپ ساڌي آهي. (اياز)

بلوچستان جي قومي ويڙهه ۾ رازق بگٽيءَ جيان ته ڪنهن کي جرئت نه ٿئي، پر سنڌ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جهڙا بهادر پٽ پنهنجن جي مهربانيءَ سان پورا ٿيندا رهندا!! جيڪڏهن اسان غدارن جو گهر تائين پيڇو ڪيون ها ته اڄ ائين ايڏي سولائي سان سنڌ جو ارڏو اڳواڻ اسان کان جدا نه ٿئي ها.

اڃا به وقت ويو ڪونهي، اچو ته قومي غيرت ۽ ٻڌي سان سنڌ کي غدارن کان پاڪ ڪيون ۽ قومي مجرمن سان سماجي ناتا ۽ رشتا ختم ڪري رستا روڪ ڪريون. مان يقين سان چوان ٿو ته اهڙن ڪجهه مثالن سان سنڌ جي سورن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ايندي.

ڇا به چنيسر سمجهي هاڻ،

مون جيئن هن کي ڪو نه سڃاڻي

جنهن جي ڏور پرائي وس آ،

ناچ ڪندي ڪيڏو بيوس آ. (اياز)

سنڌ سان پيپلز پارٽي جي ويساهه گهاتين جي ڪهاڻي ته تمام طويل آهي، جنهن جو حساب سنڌ جا ماڻهو ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور وٺندا، پر سنڌ ۾ هڪ ٻهروپي ڪردرا نوشاد شيخ ادا ڪري رهيو آهي. هو نه صرف گورنر جو گهڻگهرو ٿي سنڌ جي تعليم ۽ تدريس کي تباهه ڪرڻ جي سازش ۾ شريڪ بڻجي، سنڌ جي ساڃاهه وندن جا پيرا کڻي مالڪن کي خوش ڪري وائيس چانسلري سان گڏ گورنر جي سيڪريٽري جا فرض به پورا ڪري رهيو آهي!!

ڪانئر جي هر سوچ به ڪوڙي،

لاڀ به ڪوڙي، لوچ به ڪوڙي

ريت به ڪوڙي، پريت به ڪوڙي

ڄڻ هو ڪائي ڪچي چُوڙي،

پَرَ جي هٿ ڪڙي سمجهي ٿو!

۽ شايد هُو هي سمجهي ٿو،

ڪو به ڪئي جو ڪيتو ناهي

سڀ ڪجهه کاڌو پيتو آهي. (اياز)

سنڌ اندر قومي غدارن جو احتساب ڀلي اهو سماجي بائيڪاٽ جي صورت ۾ ڇو نه ٿئي، پر ٿيڻ ضرور کپي ۽ اهو بحث سنڌ جي ادبي ۽ سياسي حلقي کي کري انداز سان اڳتي وڌائڻ کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو