Home / افيئر / بلوچستان: هزاره قبيلي جي ٽارگيٽ ڪلنگ-دال ۾ ڪارو
above article banner

بلوچستان: هزاره قبيلي جي ٽارگيٽ ڪلنگ-دال ۾ ڪارو

گذريل ڪجهه مهينن دوران بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ شيعا هزاره برادري تي حملن ۾ تيزي اچي وئي آهي. بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا، مستونگ ۽ بولان ۾ فرقيواراڻي دهشتگردي جي واقعن ۾ هينئر تائين هزاره قبيلي سان تعلق رکندڙ ست سو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ هزارن ۾ آهي. انهن واقعن خلاف ٿيندڙ احتجاج، ساڙ ٻاڙ ۽ ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي تسلسل هر شهري کي عدم تحفظ جي احساس ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. باوجود ان جي اختيار ڌڻين جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري.


فرقيواراڻي دهشتگردي ۾ لاڳيتو مبتلا هزاره برادري جي عورتن جي ڪجهه ڏهاڙا اڳ بلوچستان اسيمبلي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي کي نه رڳو مايوس ڪندڙ قرار ڏنو بلڪه سندن نااهلي ۽ بيوسي تي نفرت جو اظهار ڪندي چوڙيون لاهي اسيمبليءَ جي گيٽ سان ٻڌي ڇڏيون.

13 اپريل تي هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان فرقيواراڻي دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ هزاره قبيلي جي نسل ڪشي جي لڳاتار واقعن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي شاهراهه زرغون پهتي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن گورنر ۽ وزير اعظم هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رڪاوٽون وجهي کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو، ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهن  ٽي اينڊ ٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. صوبائي وزيرن علي مدد جتڪ ۽ امين عمراڻي، صوبائي گهرو سيڪريٽري نصيب الله بازئي ۽ ڪوئيٽا جو ڪمشنر مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتا ته انهن ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چيئرمين عبدالخالق هزاره خطاب ڪندي چيو ته حڪومت کي عوام جي مسئلن سان ڪو سروڪار ناهي. حڪمران رڳو پنهنجي ذاتي مقصدن جي حاصلات ۾ مصروف آهي. آئي ڏينهن هزاره قبيلي جي ماڻهن کي سرعام گولين جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪيو پيو وڃي. چئن ڏينهن ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن. انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته حڪمرانن ۽ انتظاميا طرفان انهن واقعن جو ازالو ڪرڻ بدران اسان کي 
ٺلهيون تسليون ڏنيون پيون وڃن. دهشتگرد کليل طور هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن ۽ ماڻهو ماري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان جي ابتڙ اسانجا ادارا کين گرفتار ڪرڻ بدران خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا  آهن، جنهن جو واضح مثال آهي ته چئن ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا شهر جي مصروف ترين شاهراهه تي ٿيا آهن. هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور دهشتگردي جي مرڪزن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار مگسي به فرقيواراڻي دهشتگردي ۾ ماڻهن جي مارجڻ تي افسوس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي وفد سان ملاقات ۾ نواب ذوالفقار مگسي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته فرقيواراڻي دهشتگردي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل ماڻهن جي مائٽن، هزاره پارٽي سان مونکي همدردي آهي. هن جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت پنهنجي ذميواري صحيح نموني نه پئي نڀائي جنهن ڪري ماڻهن کي لاش کڻڻا پئجي رهيا آهن. هن وفد ۾ شامل صوبائي وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت آخر ڇا ڪري رهي آهي. حڪومت ايئن ناهي هلندي جيئن هلائي پئي وڃي. 50 وزير آهن جيڪي هميشھ هڪٻئي تي تنقيد ڪندا رهن ٿا. عجيب ڪابينا آهي. هن وفد کي پڪ ڏياري ته هو بلوچستان جي وڏي وزير سان ان حوالي سا ن ڳالهائيندو ۽ چوندو ته فرقيواريت خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.

13 اپريل تي بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار مگسي جي پڪ ڏيارڻ ۽ هزار برادري جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت کي اڃا 24 ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته 14 اپريل جي صبح جو بروري روڊ ۽ سبزل روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن هزاره برادري سان تعلق رکندڙ اٺن ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ شهر ۾ هنگاما ۽ ساڙ ٻاڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڇڪتاڻ وڌي وئي. شهر ۾ حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جون 10 اضافي پلٽون گهرايون ويون. مختلف شيعا تنطيمن هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ انهن واقعن کي صوبائي حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ فوري طور گورنر راڄ لاڳو ڪري عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي.

صوبائي گهرو وزير مير ظفر زهري هزاره برادري خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو ته نه رڳو صوبائي حڪمت هزاره براداري سان گڏ آهي بلڪه انهن ڪارواين ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم به رکي ٿي. صوبي ۾ آباد سموريون قومون بلوچ ۽ پشتون قبيلا هزاره قبيلي سان مڪمل ڀائيچارو ۽ يڪجهتي رکن ٿا ۽ سندن ٽارگيٽ ڪلنگ تي رنجيده آهن. هن اهو پڻ چيو ته اسان ٽارگيٽ ڪلنگ روڪڻ ۽ امن امان بحال ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

فرقيواريت، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ 12 ارب روپين جو گرانڊ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 12 ارب روپيا وفاقي حڪومت مهيا ڪندي، جنهن ۾ هڪ ارب ليويز ۽ هڪ ارب پوليس جڏهن ته 10 ارب صوبائي حڪومت مهيا ڪندي. هن ٻڌايو ته شهر جي اندروني ۽ ٻاهرين رستن تي سخت ناڪابندي ڪري چيڪنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

بلوچ قومپرست حلقن طرفان به نه رڳو فرقيواراڻي دهشتگردي جي مذمت ڪئي پئي وڃي بلڪه قوم پرست جماعتن جو خيال آهي ته عالمي سطح تي بلوچستان جي حق ۾ اٿندڙ آواز کي دٻائڻ لاءِ ۽ عالمي برادري جو ڌيان بلوچستان تان هٽائڻ  لاءِ فرقيواريت کي هوا ڏني پئي وڃي. بلوچ ري پبلڪن پارٽي جي ترجمان محمد بگٽي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي ماڻهن جي مارجڻ تي اسان کي افسوس آهي. ڏک جي گهڙي ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. هن الزام مڙهيو ته رياستي ادارن ڀنگ لاءِ اغوا کي نفعي بخش ڪاروبار بڻائي هندو برادري کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچ قومپرست جماعت نيشنل پارٽي جي صوبائي ترجمان منان آزاد جو چوڻ آهي ته رياستي مشنري ۾ ملڪ جي اصل حاڪم قوتن بلوچستان جي پرامن ۽ سياسي معاشري کي سياسي ۽ فڪري طرح مفلوج ڪرڻ لاءِ تشدد جا لاڙا وڌايا پيا وڃن، جنهن جا انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو