Home / پروفائيل / بين بيلا: عرب دنيا جو ڪاسترو
above article banner

بين بيلا: عرب دنيا جو ڪاسترو

عام خلق جي اٻوجهائي ۽ معروضيت. اهڙن اصطلاحن جي ڊگهي تشريح ڪندڙ ڏاهن جي سنڌ ۾ کوٽ ناهي. فطرت کين ڊگهي زبان ڏني آهي. هُو ضرور ڪاوڙبا. جون 1991ع جو آرهڙ. الجزائر ۾ عام چونڊون. مُلڪ کي فرانس جي چنبي مان آجپو ڏياريندڙ بِن بيلا جي پارٽي رڳو ٻه سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ٿي! نه وسارڻ کپي ته هُو لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا جيل جهڙي گهرو نظربندي ۽ جلاوطني بعد وٽن اچي ٿو. چيو اهو ويو ته پرڳڻي جي ستر سيڪڙو آبادي ٽيهن سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي مشتمل هئي.عجب ان تي ته اُتر آفريڪا جي اها رياست فقط ٽيهن ورهين ۾ انقلاب ۽ تنهن خاطر پتوڙيندڙ ارواحن کي وساري ويٺي. اسان وٽ ڪجهه آتم اهڙا به جن جي مَنَ ۾ آيو ته ڇو نه فرانز فينن، ڪاميو ۽ ساتري جي ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏجي. عالم جيڪي الجزائر جي آزاديءَ ڪارڻي پنهنجي ئي وطن خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ڏتڙيل لوڪ منجهه اخلاقيات جا نڪور نمونا نهاريائون. دروهي ۽ بغاوت تي ٿيسز ڇا پرايائون.

الجزائر ڄائي فرئنچ ليکڪ البرٽ ڪاميو، يورپ جي شهرين جي حياتيءَ ڏانهن روش کان نراس هئڻ باوجود بغاءَ جي موضوع تي تفصيلي مضمون لکيا. صحافي پڻ رهيو. پڪ سان جنم ڀومي عرب بيٺڪيت منجهه بيچيني، مثالي تحرڪ طور مشاهدي هيٺ هوندس. احمد بِن بيلا سندس وقت جو هيرو رهيو. الجزائري عوام جي هلچل جو حمايتي ڪاميو، گهڻو وقت جيئرو نه رهي سگهيو. بِن بيلا کي پنهنجي ئي ديس واسين ڪيئن گهُٽا ڏنا- اهو ڏسي پَڪ سان “باغي” نالي سَندي تحرير کي ٻيهر لکي ها. 1962ع ۾ ملڪ کي فرانس جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ نايڪ کي ايندڙ ٽن سالن اندر اقتدار تان هٽائي، 13 ورهين تائين قيد نما نظربنديءَ ۾ رکيو ويو. ميڊيا جي ڪنهن به حصي ۾ بِن بيلا جو نالو وٺڻ تي پابندي رهي. هُن جي ذات، وجود  جي مڪمل نفي ڪئي وئي. اها سرڪار جي چال هئي. آزاد الجزائر ۾ اک کوليندڙ نسل وري پوئتي نهارڻ ايئن ڇڏيو جو ڌرتيءَ جي مُربي، محسن بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪيائيون. کيس وسارڻ ۾ چڱائي محسوس ٿين. تاريخ احمد بن بيلا جهڙا پٽ ورلي ڄڻيندي آهي. بَدُو هُن وانگر آتمائن سان بُري سلوڪ تي صديون ماتم ڪندا.


منجهس جياپي جي زبردست سگهه هئي. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ فرانس پاران سپاهي طور حصو ورتائين. شاندار ويڙهه وڙهيو. هڪڙي محاذ تي ڪارنامو سرانجام ڏنائين. فرئنچ اعزاز حاصل ڪيائين. ميڊل ڏيڻ وقت صدر ڊيگال پيار وچان سندس ڳَلَ چُمي ڏنا. نهايت ٿورڙي سمئه کانپوءِ ساڳيو صدر، بِن بيلا جي جان گهُري رهيو هو. کيس مارڻ لاءِ سموري فرئنچ سيڪيورٽي سرگرم ٿي وئي. هن دفعي پاڻ دروهي هو. ديش جي آجپي لاءِ جوٽيندڙ باغي. ٻئي طرف اڏامندڙ جهاز گهيري، هيٺ لاهي احمد بن بيلا کي ڪجهه ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو ته فرانس جي ئي فوجي آفيسر رڙ ڪري چيو-گهوڙا! غلطي ٿي وئي. ٻڌئونس نه ها. ماري ڇڏيونس ها. جيل مان ڀڄي قاهره وڃي ويٺو. اُتان وطن جي آجپي جي تحريڪ هلائيندو رهيو. سندس هي جملو  مشهور ٿيو- شيطان کان مدد وٺڻي پئي ته وٺنداسين.

ساڻيهه جي آزاديءَ بعد، پنهنجي ئي جنم ڀوميءَ تي، هم زبان انسانن ساڻس ڪلور ڪيا. ايترا جو بن بيلا جي، اپريل 2012ع تائين، 95 سال ڄمار ماڻڻ معجزي کان گهٽ ناهي. ڪجهه ڏهاڙا اڳ خاموشيءَ سان هن جهان مان هليو ويو. دنيا ڏاڍي ڪٺور آهي. الجزائر جا رهواسي کيس ڪيئن سولائيءَ سان وساري ويٺا! بغاوت جي سائنس جي اَبَي ڪاميو جي آتما پڻ تڙپي رهي هوندي.

سماجواد جڳ جي نايڪ احمد بن بيلا جي اهنجن جي سڀ کان وڏي ذميوار جو نالو هِتي چَڙَ سبب نه ٿو لکجي. الجزائر جي آزاد رياست طور قائم ٿيڻ بعد هُو صاحب بن بيلا جي سرڪار ۾ بچاءَ وارو وزير هئو. تنهن کان اڳ ڇوٽڪاري واري تحريڪ ۾ ساٿي هئس. خبر هئس ته کيس اقتدار تان هٽائڻ جي ڪوششن ۾ اڳڀرو آهي. ڪيترا ڀيرا ٽوڪيندو به هئس. تيز دماغ هئڻ باوجود پنهنجي صدارت نه بچائي سگهيو ۽ پورا 47 سال ڏولاون ۾ رهيو. بن بيلا جي تختي اونڌي ڪرڻ واري عمل کي رَد-انقلاب ڪوٺيو ويو. تبديلي ۽ اُن جو ٽوڙ. سامراج جو اصطلاح هاڻ ڍُونڍ ٿي چڪو آهي. بغاءَ کان ڊنل ناڻي واد ادارن جي کوٽ ناهي. هُو جهان منجهه اسٽيٽس ڪَو ٿا چاهين. انقلاب ۽ سڌاري جي واٽ روڪڻ ڄاڻين ٿا. هنن جي تنهن طرح جي آپريشنز کي رَد-انقلاب جو نانءُ ڏنو ويو. کاٻي ڌر جو هڪ اهم اڳواڻ ۽ نئين آزاد ٿيل الجزائر جو صد احمد بن بيلا 1965ع ۾ اهڙي ئي لقاءَ جو شڪار ٿيو. سِتم اهو ته سندس عوام کيس وساري ڇڏڻ ۾ ويرم نه لڳائي. هُن جي دليريءَ ڀريل داستان ۾ الاهي سبق آهن. پِرائجن ته چڱو ٿيندو.

سنڌ اندر سَتَ وال ڊگهي ڄِڀَ رکندڙ دانشورن جي ديڳ آهي. پبلڪ جي سادگي، معصوميت جا وڪيل ته معروضيت معروضيت جو پاٺ پڙهندڙ پنڊت. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، بِن بيلا جنهن قوم جي آجپي لاءِ حياتي داوَ تي لڳائي سي ماڻهو ئي سندس ذات، وجود جا انڪاري ٿي بيٺا. قيد ۽ جلاوطني بعد پنهنجي وطن ۾ وري به معافي وٺي اچڻو پيس. الجزائر ۾ داخل ٿيو ته صورتحال مختلف ڏٺائين. جنهن ديس جي آزاديءَ جي هلچل جي سرواڻي ڪري چُڪو اُتي وسندڙ خلق کيس سڃاڻڻ کان نابري واري. اليڪشن ۾ شرمندو ٿيو. 1997ع ۾ پارٽي تي بندش پيس ۽ چُپڙي ڪري موت جو انتظار ڪندو رهيو.

فوٽ بال جو بهترين رانديگر احمد بن بيلا ويهين صديءَ جي انقلابي اڳواڻن جي پَود جي آخري چند ماڻهن مان هئو. اُهي انسان جن جي ڌرتيءَ تي هُوند ئي استحصالي، ڦرلٽ ڪندڙ قوتن ڪاڻ وڏو انديشو هئو. هُن کي عرب دنيا جو ڪاسترو پڻ سڏيو ويو. سندس ڀيٽ ۾ ننڍي کنڊ جي سڀاش چندر بوس جو نانءُ کڻي سگهجي ٿو. دروهه جي راهه هلندڙ اِهو ڪڙم پورو ٿي رهيو آهي. مائرن هاڻ، اُسامه، مُلا عُمر ۽ حافظ سعيد جهڙا پُٽ ڄڻڻ شروع ڪيا آهن. ڏاها پڻ جيڪي رڇ جي دشمناءَ ۾ تَازيءَ سان ڀاڪر پائڻ خاطر آتا آهن.

پڙهندڙ ورجاءَ کي پسند نه ڪندو. وري ٿو لکجي ته بِن بيلا سان الجزائري عرب عوام جو ورتاءُ اتهاس ۾ اونداهو فصل رهندو. اهو ائين آهي جيئن ستن ڏهاڪن جو عذر ڄاڻائي اسان سورهيه بادشاهه کي وساري ڇڏيون. دولهه دريا خان ويندي سائين جي ايم سيد ڪاڻ پُڇئون ته اهي ڪير هئا. بني اسرائيل جي زماني کان عربن، ڪٺورتا ڏٺي ۽ پالي آهي. بِن بيلا جي معاملي ۾ تاريخ کي پُٺي ڏيڻ جي روش جو مثالي لقاءُ آهي، جيڪو اسان سڀني کي نظر اچي ٿو. ڪالهوڪي بيٺڪيت ۽ اڄوڪي آزاد الجزائري رياست جي خلق کي تنهن طرح جي هَلت جي بَهَا ڏيڻي پوندي. اڄ نه ته، صُبحاڻ يا پرينهن. عظيم انسان تاريخ جا پَيرَ، مُرا هوندا آهن. سماجي زندگيءَ ۾ وقت کانئن سواءِ اڳتي ناهي سِرڪندو. لوڪ جي وڏي انگ ڪاڻ سهنجاين خاطر ڪيل بِن بيلا جي پتوڙ جو اعتراف نه فقط سندس ديس واسين کي ڪرڻو پوندو، باقي جڳ پڻ هُن جو قرضي آهي. هيرو-نايڪ جي حياتي ڪيڏي نه مشڪلاتن جو شڪار ٿي رهي!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو