Home / ڪرنٽ افيئر / ذوالفقار آباد:سنڌ کي برباد ڪرڻ جي رٿا
above article banner

ذوالفقار آباد:سنڌ کي برباد ڪرڻ جي رٿا

 

پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي اقتدار جي آخري سال ۾ جن چند ڪمن جي تڪميل لاءِ تمام گهڻي بيچين آهي ،تن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ کان سواءِ سنڌ جي ساحلي پٽي تي هڪ نئون شهر ذوالفقار آباد قائم ڪرڻ ان جي تڪڙين اوليتن ۾ شامل آهي. ساحلي پٽي سڄي دنيا۾ شهرن ۽ صنعتي علائقن جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سڀ کان بهترين ماڳ سمجهي ويندي آهي.هڪ اندازي موجب دنيا ۾ اٽڪل 3 ارب ماڻهو ساحلي پٽيءَ تي آباد شهرن ۾ رهن ٿاسياحت ،صنعت ۽ واپارلاءِ ساحلي پٽي سڀ کان موزون ماڳ هوندي آهي .دنيا جي سڀ کان وڏن 17 شهرن مان 14 ساحلي پٽي تي آباد آهن .پاڪستان ٺهڻ وقت ٻاهران آيل آبادي ۽ سندن اڳوڻن پاران باقي سڄي سنڌ کي ڇڏي ڪراچي کي مرڪز بنائڻ جو ڪارڻ به اهو ئي هئو ،جو ان وقت ننڊي کنڊ ۾ ڪراچي چند اسريل شهرن مان هڪ هو.ڪراچي اندر موجود سامونڊي ۽ هوائي اڏي سميت هن خطي جي واپار ۾ ڪراچي جو اهم ڪردار هئو.ان سڄي خطي ۾ ٺٽي جي ساحلي پٽي تي ذوالفقار آباد جي اڏاوت جو منصوبو معاشي اعتبار کان اهميت وارو آهي

آهن.اهڙي ڪمزور وڏي وزير جي سربراهي ۾ اٿارٽي سنڌ يا مقامي رهواسين جي مفاد جو ڪو تحفظ ڪري سگهي سا ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي.انهن سڀني کان به اهم معاملو ڏکڻ ايشيا جي سامونڊي سرحد اندر چين ،آمريڪا ۽ ڀارت جي عسڪري سياسي ۽معاشي مفادن جي شروع ٿيل نئين سرد جنگ آهي .چين هن وقت ڏاکڻي چيني سمنڊ ۽ هندي سمنڊ اندر اهم ساحلي مرڪزن تي پنهنجي پهچ وڌائي رهيو آهي.هرموز واري سامونڊي لنگهه (Stra of harmuz) ۽ ملاڪا واري سامونڊي لنگهه (Strait of Mala ka) چيني ۽ هندي سمنڊ کان وٺي ايراني تار واري سموري ساحلي پٽي تي چين پنهنجا پر پکيڙي رهيو آهي.پاڪستان ۾گوادر پورٽ،بنگلاديش ۾ چٽهاگانگ پورٽ ۽ سريلنڪا ۾ همينتو تا جي بندر جي اڏاوت ۾ چين جي مالي ۽ فني مدو جي پٺيان در حقيقت ان سامونڊي پٽي تي پنهنجو اثررسوخ قائم ڪرڻ جي نيت آهي.اهوئي سبب آهي جو ذوالفقارآباد جي اڏوات ۾ چين خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي.چيني سيڙپڪارن جو وفد صدر زرداري سان ان ڏس ۾ خصوصي ملاقاتون ڪندا رهيا آهن.گوادر ۾ پير کوڙڻ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ چين جي ڪوشش آهي ته ذوالفقار آباد رٿا وسيلي هڪ نئين پورٽ سٽي کي پنهنجي اثر هيٺ رکي هن خطي ۾ آمريڪي عسڪري مفادن کي روڪي ۽ ساڳي وقت ڀارتي سرحد لڳ هن شهر۾ موجو دگي وسيلي ڀارت تي به نفسياتي دٻاءُ وڌائي .گوادر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب اتي ته چين جا مفاد ڪمزور ٿي چڪا آهن .هاڻي ڏسجي ته ذوالفقاآباد ۾ ڪهڙي راند ٿي ٿئي.هن وقت جڏهن پاڪستان جا آمريڪا سان سفارتي ۽ فوجي ناتا سخت ڇڪتاڻ جي مرحلي ۾ آهن ته پاڪستان سرڪار خطي اندر ايران،چين ۽ روس سان سفارتي ۽ معاشي ناتا وڌائي آمريڪا مٿان سياسي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي سخت مخالفت جي باوجود پاڪستان ،ايران سان گئس پائيپ لائين جي ر ٿان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي.ذوالفقار آباد ۾ چين جي خاص دلچسپي جو اهم ڪارڻ به خطي اندر عسڪري ۽ معاشي سرد جنگ ۾ سندس آمريڪا سان ٽڪراءُ آهي.

پر اهو ذهن ۾ رکڻ گهر جي ته جيڪڏهن آمريڪا گوادر پورٽ جي رٿا کي ڌڪ رسائي سگهي ٿو ته ذوالفقار آباد ۾ به اهو سڀ ڪجهه ورجائي سگهي ٿو.بلوچستان جيان سنڌ ۾ به عام ماڻهو توڙي قومپرست ڌريون هن رٿا جي سخت خلاف آهن. جيئن بلوچن کي اهو شڪ هئو ته گوادر ۾ ڌاريا آباد ڪري کين پنهنجي ئي ڌرتي تي ٿورائي ۾ بدلايو ويندو.ايئن سنڌ واسي به ڪراچي واري تجربن کان پوءِ ان خوف جو شڪار آهن ته ذوالفقار آباد ۾ کين ڌاريا آباد ڪري سندن وجود ميسارڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي. وجود ميسارجڻ جو اهو خوف هر لحاظ کان حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ جيڪڏهن سنڌين مٿان سندن مرضي جي ابتڙ اهو شهر مڙهيو ويو ته ان جا نتيجا به سنگين نڪري سگهن ٿا.بد قسمتي جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ واسين جي پٺي ۾ اهو ڇرو سندن چونڊيل هر دلعزيز پيپلزپارٽي جي حڪومت ئي هڻي رهي آهي.حڪومت ۾ شامل اهي ماڻهو جيڪي ذوالفقار آباد جي اڏاوت واري رٿا مان ارب پتي ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن،اهي هن رٿا جي ڊگهي مدي وارن خطرناڪ نتيجن کان اکيون ٻوٽي ان رٿاجي حمايت ۾ ابتا سبتا دليل ڏئي رهيا آهن.پيپلز پارٽي جي قيادت گذريل چئن سالن ۾ سنڌ جي برباديي “ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ۽ ذوالفقارآباد به سندس ان ئي رويي جو تسلسل آهي.هن وقت جڏهن مجموعي طور سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين وارا اسرندڙ علائقا مڪمل بربادي جو شڪار آهن.حڪومت اربين رپيا هڪ اهڙي رٿا ۾ ٻوڙڻ لاءِ تيار آهي،جيڪا سنڌ ۾ سنڌين کي ريڊانڊين بنائڻ وارو ڪم ڪندي .هڪ پاسي حڪومت وٽ گذريل ٻن ٻوڏن هٿان برباد ٿيل سنڌ واسين جي بحالي لاءِ وسيلا ناهن،ٻهراڙين جا روڊ رستا ٺاهڻ لاءِ پئسو ناهي لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار هجڻ جي باوجود ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ماڻهن کي پيڻ جو صاف پاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ وسيلا ناهن،اسڪولن ۽ صحت مرڪزن لاءِ فنڊ ناهن،پر ذوالفقار آباد لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ لاءِ موجو د آهن.ملڪي معيشت جي بربادي واري هن دور ۾ جڏهن معاشي ترقي جو هڪ به هدف شاصل نه پيو ٿيئ،هن،غير ضروري رٿا لاءِ اربين رپيا ڪٿان ايندا اهو خود هڪ سوال آهي. ظاهر آهي ته ان رٿا لاءِ ناڻو چين جي سيڙپڪارن،بيئنڪون ۽ سرڪار وٺان ايندو ته پوءِ ان جي پٺيان مفاد به ايڏا ئي گهرا هندا.حڪومتي چڱن مڙسن کي ان سڄي گيم مان اربين رپين جي آمدني جو آسرو آهي پر هو اهو وساري ويٺا آهن ته ذوالفقار آباد جيڪڏهن سچ پچ به آباد ٿيو ته سيڙپڪار طبقي ۽ شهري هنرن سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهربل انگ ۾ موجود به هئڻ سبب نئين شهر اندر نه سنڌي ملڪيتون وٺي سگهندا ۽ نه ان جي مارڪيٽ ۾ پير رکي سگهندا.نتيجي ۾ ڪراچي جيان هڪ ٻيو اهڙو عالمي يتيم خانو سنڌ ۾ قائم ٿيندو جتي ملڪ جي ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن مان مالدار ماڻهن جا انبوهه داخل ٿيندا ۽ ڪجهه ئي سالن اندر سنڌي پنهنجي ڌرتي تي هڪ حقير ٿورائي ۾ تبديل ٿي ويندا.هن وقت جڏهن سنڌ جي ڏاکڻي ساحلي پٽي کي سنڌ کان الڳ ڪري جدا صوبي ٺاهڻ واري تحريڪ کي زور وٺرايو پيو وڃي .ذوالفقارآباد جي شروعات کان پوءِ انهن قوتن کي پرائي پئسي تي هڪ ٻيو اڀرندڙ جديد شهر به نظر ايندو جيڪو الڳ صوبي واري سندن لالچ ۾ اضافو ڪندو .ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي پٽي جا بي زبان ۽ ڪمزور مهاڻا اجگر جيڏين انهن مافيائن جي مزاحمت ڪري نه سگهندا.جن جو ڪم ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي ان تي والار ڪرڻ آهي.جڏهن باقي سڄي سنڌ جا ماڻهو ان قسم جي رٿائن وسيلي پنهنجو آئيندو برباد ٿيندي ڏسندا ته انهن جو رد عمل ٿي سگهي ٿو حڪومت ۽ نئين شهر جي انتظامي عملدارن جي اندازي کان وڌيڪ اوکو هجي ،هن وقت سنڌين کي خطي ۾ هلندڙ ان سردجنگ جو نئون مرڪز بنائن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ ۾ اڳي ئي چچريل لاشن ملڻ ،شهرن کي الڳ ڪرڻ وارين تحريڪن ۽ دهشتگردي وارن واقعن سبب شدت پسندي وارا لاڙا پيدا ٿيڻ لڳا آهن.جيڪي اڳتي هلي بلوچستان جهڙي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا.ان قسم جي گهرو ويڙهه ۽ تشدد کي هاڻي هي ملڪ وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهندو . تنهن ڪري ذوالفقار آباد جهڙين رٿائن وسيلي ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ وارين پاليسن کان پاسو ڪرڻ ۾ سڀني جو ڀلو آهي.

جيڪڏهن حڪومت سنڌ ۾ ماڻهن جي زندگين جو معيار بهتر ڪرڻ گهري ٿي ته ان لاءِ نوان شهر ٺاهڻ جي پٺيان اربين رپيا ٻوڙڻ بجاءِ سنڌ جي برباد حال وچولن ۽ اسرندڙ شهرن جي انفرا اسٽريڪچر ۽ سروسز کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪا ڳانڍاپيل رٿا بندي ڪرڻ گهرجي .توانائي،پاڻي ،روزگار ۽ سٺي حڪمراني کان محروم هن صوبي کي نون شهرن جي ڪابه ضرورت ناهي.سڀني کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ذوالفقار آباد جهڙا ٽڪساٽ سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪري سندن ڌرتي ۽ وسيلا غير مقامي ماڻهن ۽ پرڏيهي طاقتن جي حوالي ڪرڻ جو سامان آهي.

nmemon2004@yahoo.com

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو