Home / افيئر / روهڙي ڪينال کي گهارو :جيڪي مون ڏٺو
above article banner

روهڙي ڪينال کي گهارو :جيڪي مون ڏٺو

 

2010 وارو دريائي ٻوڏ جڏهن سنڌ ڏانهن تيزي سان وڌي رهي هئي ته ڪنهن صحافي سنڌ جي وڏي وزير کان پڇيو ته توهان ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن ؟ ته جيڪو جواب مليو اهو تاريخي هيو. جيڪو ڪڏهن نه ڪنهن ٻڌو ۽ نه ڪنهن انهي تي سوچيو درياءُ باد شاهه آهي . جتان مرضي ڪندو گس ٺاهي. ۽ پوءِ سڄي سنڌ بلڪ سموري دنيا ڏٺو ته ڪيئن لکين ماڻهو دربدر ٿيا.اربين رپين جو نقصان ٿيو .ڪيئي تاريخي ماڳ ۽ شهر انهي پاڻي جي زد ۾ ايندا ويا.ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا بچائيندي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ دربدر ٿيندا رهيا . اثر رسوخ وارا  پنهنجو ن زمينون بچائيندي  غريبن کي ٻوڙيندو رهيا،.اهو دريائي سيلاب سوين ڪهاڻيون ،سبق ۽ تجربا انهن ماڻهن لاءِ ڇڏي ويو جيڪي انتهائي بي وس ۽ لاچار آهن .

2011 ۾ جڏهن طوفاني برساتن تباهي ڪرڻ شروع ڪئي ته چيو ويو ته حڪومت وقت وٽ هر آفت کي منهن ڏيڻ جي تياري آهي.ماڻهو فڪر نه ڪن. برساتون معمول مطابق آهن ۽ جلد ختم ٿي وينديون .هر روز ٽن ڏينهن جي پيشن گوئي ڪئي ويندي هئي. معمول وارين برساتن  اهڙي تباهي ڪئي جو نه صرف حڪومت بلڪه بينالاقومي ادارا به ڪوششن باوجود به اهو ڪاٿو نه لڳائي سگهيا ته اها تباهي ڪيتري هئي .اسان وا را  ادارا انتهائي نا اهل آهن جو تقريبن 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي اڃا به بيٺل آهي.جڏهن برساتون پنهنجي انتهاکي پهتيون ته چيو ويو ته قدرتي آفتون آهن. قدرت جي اڳيان انسان ڪجهه نٿو ڪري سگهي .پر منهنجي ذاتي راءِ  انهن بيانن جي بلڪل مختلف آهي ته اسان حڪومت اڳيان بي وس آهيون .اسان انهن ڪامورن ،وزيرن ،مشيرن ۽ آڙيڪاپ ادارن اڳيان به بي وس آهيو ن جيڪي ماڻهن جي درد،ڏک ،تڪليف،تباهي ۽ موت مان فائداوٺنداآهن ،اسان بي وس آهيون انهن اجلاسن ۽ حڪمت عملين آڏو جيڪي اي سي هالن مان شروع ٿي اُتي ئي ختم ٿي وينديون آهن .

2011 وارين برساتن کان پوءِ اها اڳڪٿي ڪئي وئي ته اهي برساتون سايندڙ پنج کان ڇهه سالن تائين ايتري ئي شدت سان پونديون رهنديون .ٻن سالن جي تباهي مان حڪومتي ادارا ڇاسکيا ؟ انهي جو اندازو ۽ ايندڙ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وياآهن ؟ جو ڪاٿو 13 مئي 2012 جي شام مان لڳائي سگهوٿا.جڏهن روهڙي ڪينال ۾ گهارو لڳو .هي سنڌ جو سڀ کان وڏو ڪينال آهي جتان لازمي آهي ته پاڻي جو وهڪرو به وڏوئي گذرندو هوندو .صوبي جو وڏو ڪينال آهي ته انهي جا بند به لازمي طور مضبوط ۽ پهري هيٺ هئڻ گهرجن انهن بندن ۽ پاڻي جي وهڪري تي ماهر انجنيئر نظررکن ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهن .خاص طور 2011جي برساتن کان پوءِ ته ايئن ئي هوندو .ڪروڙن جافنڊ مختص هوندا. انتهائي ماهر ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندا هوندا پر شايد صرف فائلن ۾ ٿي سگهي ٿو !ته آبپاشي جا اعليٰ عملدار ڏوهي نه هجن انهي بند تي اوچتو دٻاءُ وڌي ويو هجي شايد ڪنهن سازش تحت اهو گهارو لڳو هجي شايد هر ڪو انهن عملدارن ۽ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندو هجي پر جيڪو مون اکين سان ڏٺو انه کي ڇاچوان ۽ لکان ؟

شام چار کان پنج جي وچ ۾  لڳل ڏهه کان ٻارنهن فوٽ گهارو  رات جو تقريبن 9 لڳي تائين 150 فوٽ کان به وڏو ٿي ويو.نيو سعيدآباد کان تقريبن 10 ڪلو ميٽر اوڀر مان ايندڙ پاڻي جي خوف هن شهر کي به لوڏي ڇڏيو . ڳوٺ بکر جمالي ،ڀلي ڏنو ڪاڪا،بيگو ڪاڪا سميت ننڍا وڏا 30 کان وڏيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ  اچي  چڪاهئا.رات ۾ خوف اڃابه وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي ئي صورتحال پنج مورو سميت نيوسعيد آباد ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ ڏسڻ  ۾ آئي.جيڪي ڳوٺ جلد ئي پاڻي جي لپيٽ  ۾ آيا .اتان جي ڳوٺاڻن صرف پنهنجون جانيون بچايون ۽ رڙيو ن ڪندا محفوظ جاين ڏانهن رخ ڪيائون. انهن جي او چتي رڙين سڄي علائقي کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.هر ماڻهو ننڍي يا وڏي گاڏي ڪاهيندو ٻار ٻچا ۽ ڪجهه قيمتي سامان کڻندو ۽ جوءِ ڇڏيندو نظر ٿي آيو.ڪنهن ٿي چيو ته پاڻي اٺ ڪلو ميٽر پري آهي ته ڪنهن ٿي چيو ته صرف ٻه ڪلو ميٽر کن ڪنهن ٿي چيو ته ڪلاڪ کن ۾ نيو سعيد آباد ۾داخل ٿي ويندو.ته ڪنهن خبر ئي ٻي ڪئي .خوف ۾ مبتلا ماڻهو مال ملڪيت جي پرواهه ڪرڻ بغير گاڏين جي بندوبدست ۾ رڌل نظر ٿي آيا. عورتن ۽ ٻارن کي ڳوٺن مان منتقل ڪرڻ ئي هر هڪ جي تر جيح ٿي لڳي.موٽر سائيڪل چنگچي کان ٽرڪ تائين نيشنل هاءِ  وي کان وڌيڪ گاڏين جي پيهه بکر جمالي ڏانهن ۽ ڀرپاسي وارن لنڪ روڊن تي ٿي نظر آئي . نه هئي ته صرف انتظاميا ! تقريبن 10 لڳي ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي نظر آئي پر اها لڏپلاڻ صبح تائين جاري رهي .

هزارين ماڻهو متاثر ٿيا، ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. انهي نقصان ۽ خوف کي گهٽ ڪري پيو سگهجي ۽ انهن سوين ڳوٺن جي رهواسين کي لڏپلاڻ کان بڇائي پيو سگهجي.جيڪڏهن ادارا پنهنجي ذميواري وقت سر نڀائن هاته اهو سڀ ڪجهه  ڇو نه ٿي سگهي ها ؟ جو مٿان ڪنهن نوٽيس ئي نه ورتو.پاڪستان ۾ ادارا موجود آهن .تن کان گهڻا وزير ۽ مشيربه موجود آهن ،پر اختيار صرف صدر زرداري وٽ آهن .هو جنهن جو به نوٽيس وٺي ته اصل ٽٻڙڪو مچيو وڃي .سڀ وزير ۽ اعليٰ عملدار منٽن ۾  پهچيو وڃن ۽ انهي لاءِ صرف ٽي وي تي ٽڪرس هلڻ جي دير آهي . منهنجو اندازو آهي ته سڀ ڪامورا ۽ خاص ڪري وزير سمهن ،اٿن کائن ،پيئن به صدر زرداري جي مرضي سان .جيڪڏهن آئون غلط آهيان ته پوءِ  ڇونه بر وقت اپاءَ ورتاوڃن ؟ ڇو تباهي کي دعوت ٿي ڏني وڃي ؟ڇو ماڻهن کي دربدر ٿو ڪيو وڃي ؟2010 ۽ 2011 جيان مون روهڙي ڪينال جي گهاري کان پوءِ

هزارين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 5000 خيما ڏنا ويا.30 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ آيا ۽ صرف هڪ ڪئمپ نيو سيد آباد ۾ ڏنو ويو باقي انڪوائري جو آرڊر ڏني وئي. 2011 جي برساتن جو پاڻي اڃا به انهن ڳوٺن ۾ بيٺل هيو جيڪي وري پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن .انڪوائري ڇاجي؟ حڪومت پاڻ کي عقلِ ڪُل ۽ عوام کي بيوقوف سمجهي ٿي. نوٽس ورتو ۽ انڪوائري جو آرڊر ڏنو. حڪومت هميشه بي ترتيب ڪم ڪرڻ جي عادي آهي. انهي جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ڪا اها ناهل آهي بلڪ اها ئي ته اهليت آهي جو اهڙي عمل سان وڌيڪ کانچا نڪرن ٿا.بجاءِ انهي جي ته بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي مان ڻهن کي ڪئمپن ۾ رهايو ٿو وڃي انهن کي راشن پهچائي عادتون خراب ڪيون ٿيون وڃن .انب ،ڪيلا،ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل تباهه ٿي ويا.ڇا حڪومت انهي جو ازالو ڪندي ؟ ڇا ايندڙ برساتن کان  اڳ پاڻي نڪري سگهندو؟جيڪو آگسٽ 2011 کان پوءِ به انهن ڳوٺن ۾  ٻه کان ٽي فوٽ  پاڻي بيٺل هيو .ڇا حڪومت ٿيندڙ فصلن کي ممڪن بنائڻ ۾ زميندارن جو ساٿ ڏيندي ؟

اسان جا ادارا ڪيئن ٺيڪ ٿيندا؟ ادارا سياستدانن کان ٿا سکن ياسياستدان ادارن کان ؟ غلط حڪمت عملين جو نتيجهو نڪرڻ شروع ٿي چڪو آهي.۽ حڪومتي سنجيدگي منظر عام تي اچي چڪي آهي ته 2012 جون امڪاني طوفاني برساتون ڪيڏي وڏي تباهي آڻي سگهن ٿيون.۽ ڪهڙي ريت حڪومت ۽ انهي جا ادارا ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن .هڪ دريا بادشاهه جي تباهي هئي ته ٻي قدرتي . روهڙي ڪينال جي تباهي کي ڪهڙو نالو ڏنو ويندو؟ يقينن ڪاسازش يا کڻي هڪ ٻه انجنيئر معطل يا بدلي ڪياويندا.نقصان بهرحال ماڻهن جو ٿيوآهي ۽ حڪومت کي نيوسعيد آباد جي ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪرڻ گهرجي بلڪه ناقص انتظاميان ۽ غلط حڪمت عملين لا پرواهين ۽ نااهلي جي به معافي وٺڻ گهرجي.ايئن ڪرڻ سان شايد ايندڙ وقت ۾ سڀ فرض شناسي کان ڪم وٺندي  ڪجهه ڪن جو عام ماڻهو جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي.

آبپاشي کاتي جو ڪم ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ؟ سادن لفظن ۾ ته پاڻي سان ٻوڙي نه مارڻ ۽ سوڪهڙي جاسبب نه پيداڪري.کنڊ پوڻ سان نه صرف هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿين ٿا بلڪه تمام گهڻو پاڻي ضايع ٿيڻ ڪري هيٺين علائقن ۾ پاڻي نٿو پهچي تنهن ڪري هڪ کنڊ پوڻ سان صرف هڪ علائقو متاثر نٿو ٿئي بلڪه سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪافي علائقا به سخت متاثر ٿين ٿا. بلڪه تمام گهڻو پاڻي ضايع ٿيڻ ڪري هيٺين علائقن ۾ پاڻي نٿو پهچي.تنهن ڪري ياته فصل پاڇا ٽاٿين يا مند ئي هٿن مان نڪري وڃي .جنهن ڪري هڪ کنڊ پوڻ سان صرف هڪ علائقو متاثر نٿو ٿئي بلڪه سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪافي علائقا به سخت متاثر ٿين ٿا.۽ انهي جو سڌو سنئون اثر آبپاشي کاتي جي ساک تي ٿو پوي.اگر کنڊ ڪو ننڍو ۽ ڪنهن ننڍي ڪينال يا واهه ۾ پوي ته ڪو ايڏو نقصان نٿو ٿئي مگر ڳالهه جڏهن روهڙي ڪينال جي هجي ۽ کنڊ 150 فوٽ کان مٿي هجي ته ڪيئي شڪ جنم وٺن ٿا.ته  ڪيئن هي ادارو پنهنجي ساک وڃائيندو ٿو وڃي.

آبپاشي کاتي سان گڏوگڏ ضلعي ۽ صوبائي حڪومت جي به ڪاذميواري آهي ته اهڙين حالتن ۾ Pressure وڌائڻ بجاءِ ترت اهڙا اپاءُ وٺڻ گهر جن جن سان ادارن جي ساک خراب نه ٿئي.پر اسان وٽ اهڙين حالتن ۾ به سياست ٿيندي آهي . بروقت ۽ جٽادار اپاءَ ورتا وڃن ها ته شايد ايترو نقصان نه ٿئي ها. هيوي مشينون پهچايون وڃن ها۽ هزارن جي تعداد ۾ موجود ڳوٺاڻن کان ڪم ورتو وڃي ها.مختلف طريقن سان هر هڪ ڳوٺ ۾ پل پل جي خبر پهچائي وڃي هاته متبادل بندوبست ڪيو وڃي ها ته جيئن ماڻهو اهڙين حالتن ۾ پاڻ کي ننڌڻ ڪوڪو نه سمجهن ۽ قانون پنهنجي هٿن ۾ نه کڻن.

روهڙي ڪينال ۾ گهاري کان پوءِ ادارن کي متحرڪ نه ڪيو ويو يا ڪاجامع حڪمت عملي ترتيب نه ڏني وئي ته جولاءِ کان پوءِ سنڌ ۾ حالتون ويتر خراب ٿي وينديون .ايئن به ممڪن آهي ته روهڙي ڪينال کي لڳل کنڊ گذريل سال جي برساتن جونتيجوهجي ياانهي وقت گذرندڙ 13000 ڪيوسڪ پاڻي جو دٻاءُ هجي. ٻنهي صورتن ۾ ايندڙ برساتون وڏي تباهي آڻي سگهن ٿيون.هي صرف آر ڊي 724 جي ڳالهه ناهي جنهن يونين ڪائونسل ڀلي ڏنو  ڪاڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر هر اهايونين ڪائونسل جيڪا روهڙي ڪينال سان گڏوگڏ آهي اها پاڻ کي غير محفوظ سمجهي. نه صرف روهڙي ڪينال بلڪه ننڍن ۽ وڏن واهن جي بندن جي چڪاس ٿيڻ گهرجي جو ٻن سالن جي دٻاءَ ڪري هاڻ اهي مضبوط ناهن رهيا.هنگامي بنيادن تي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي .

نه حڪومت ٿي نظر اچي نه ئي انهي جا ادار اتحرڪ ۾ آهن.هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪن شڪايت ڪئي. پڇيومانس ته توهان روڊ تي بيهي ڇاپياڪيو ؟ وڃو ماڻهن جي  مدد ڪيو .همراهه گم ٿي ويو اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جو رويو ناهي .اسان هر مسئلي جو ذميوار حڪومت کي سمجهندا آهيون ۽ پاڻ کي آجو سمجهندا آهيون .بغير ڪنهن پلاننگ جي ڳوٺ ڇڏي ڏينداآهيون ۽ ايئن ڪرڻ سان پنهنجو ئي نقصان ڪري وجهون ٿا.روهڙي ڪينال کنڊ جا نقصان ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ سامهون اچي ويندا جڏهن اهو پاڻي نڪري نه سگهندو ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي نه سگهندا ۽ 2012 جو ن برساتون شروع ٿي چڪيون هونديون .

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو