Home / ڪور افيئر / سنڌ ڪارڊ: نواز شريف جي سنڌ ياترا ۽ پ پ
above article banner

سنڌ ڪارڊ: نواز شريف جي سنڌ ياترا ۽ پ پ

هاڻي ته مهاجر صوبي جي ٻِلي به ٿيلهي مان نڪري پئي آهي، سنڌ جي وحدت تي امڪاني وارَ ٿيڻ جي خدشي باوجود ڀُٽن جي شهادتن جي طويل نوحي ۽ حڪومت پاران ڏنل نوڪرين جو سحر ڪهڙو جادو ڏيکاريندو؟ اڄوڪن ڏينهن جو وڏو سوال اهو آهي يا نوازشريف پاران سنڌي وڏيرن کي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري سنڌ جي ڏکن تي اَرمان ڪرڻ کي اهم ڳالهه تصور ڪري ان وِٿ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ پيپلزپارٽيءَ جي ڪاڄ ۾ هڪ دفعو ٻيهر بيگاني جيان نچندي يا پري کان

بيهي تماشو ڏسندي! ايندڙ اليڪشن کان اڳ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي اگر عمل ڪيو وڃي ته چئني صوبائي حڪومتن کي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻيون پونديون. پر جنهن سوال سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به راهه ۾ رولي ڇڏيو آهي، سو هي ته ووٽر لسٽون تيار ناهن، ووٽر لسٽن کانسواءِ مڪاني چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ ڪيڏو نه عجيب اتحاد هلندو رهيو آهي، متحده قومي موومينٽ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي ٽيڪ ڏيڻ واري مضبوط ٽَنگ به آهي ته ان اتحاد جي وجود جي جڏائپ به ان ڄنگهه ۾ آهي. ايم ڪيو ايم سرائيڪي صوبي جي آڙ ۾ مهاجر صوبي جي شرارت به ڪري پئي ۽ چاهي پئي ته عام چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن جي چونڊ به ٿئي ته سندن ڀلو ٿي پوندو. مڪاني چونڊن کان اڳ ته سنڌ ۾ اهو به طئي ٿيڻو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪهڙو نظام لاڳو ڪجي ۽ باقي سنڌ کي ڪهڙي لَٺ سان هڪلجي؟ آغا سراج درانيءَ جي حڪمن تي سنڌ اندر سوين نوجوانن کي تعلقه ميونسپل ايڊمسٽريشنز اندر نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. اهي ڀرتيون به ٿي سگهي ٿو ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ (اگر سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت هن سال جي آخر ۾ منعقد ڪيون ويون ته) ڪنهن “ڪم” اچي وڃن ۽ عام چونڊن لاءِ به هڪ نعري طور ڪتب اچن. متحده قومي موومينٽ کي ناراض ڪري پيپلزپارٽي سنڌ تي سنڌين جي خواهشن موجب حڪومت ڪري سگهي ٿي پر پوءِ وفاق ۾ سندن دردن جو درمان انتهائي مهانگو ٿي پوندو ۽ اهو به ته نه وسارڻ گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن صرف سنڌين جي خوشيءَ کي هضم ڪيو آهي. ته پوءِ پيپلزپارٽيءَ کي بس صرف ان ڪري اقتدار کان الڳ ٿيڻ گهرجي ته سنڌين جي خواهشن جو پورائو نه ڪري سگهڻ سندن سياست جو موت آهي! آصف علي زرداريءَ جي حڪمت چوي ٿي ته ايم ڪيو ايم سان سندن اتحاد وقت جي ضرورت آهي ان کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي. باقي سنڌ جي وحدت متعلق خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ في الحال اهڙن بيانن جو سهارو ورتو وڃي ته “سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ڪَٽي ٽڪرا ٽڪرا ڪجي”.

 


ڪنهن دوست جي ڳالهه انتهائي گِهري هئي ته ايندڙ عام يا مڪاني چونڊون ملڪ جي موجوده ميڊيا لاءِ به هڪ وڏي سمجهاڻي هونديون، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب 2008 وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ کي جيتريون سيٽون مليون، اهي توقع کان وڌيڪ هيون، هاڻي چئن سالن کان وڌيڪ (يا پنج ساله مدو پورو ڪري) جڏهن به پيپلزپارٽي ووٽ وٺڻ لاءِ سَين هڻندي ته سنڌ جي عوام کي اهي منظر جيڪي سنڌ ۾ دريائي ٻوڏ ۽ بعد ۾ برساتي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ٽي وي چينلز ڏيکاريا ته ڪيئن نه پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ ڪارڊ جي جان سمجهيا ويندڙ سنڌ جا ماڻهو دَر دَر جي ٺوڪرن حوالي ٿيا يا راشن جي ڊگهين قطارن ۽ وطن ڪارڊ جي پيسن پٺيان لٺيون کائيندا رهيا، ته ڇا سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي بي گهر ٿيا، جن لٺيون کاڌيون يا جن کي اڃا به ٻوڏن پاران ڊاٿل گهر جُڙي ناهن مليا سي تير تي ئي ٺپو هڻندا يا ٽيليويزن ۽ شينهن کي متبادل طور مينڊيٽ ڏيندا؟ سڄي سنڌ هڪ ٽٽل ڦٽل ڳوٺ ڀاسي ٿو، جڏهن به هڪ شهر کان ٻئي شهر جي سفر ۾ شامل ٿجي ٿو ته روڊن جي تباهي ڄڻ سنڌ جي مينڊيٽ جي بي عزتي محسوس ٿئي ٿي، اها بي عزتي ڪجهه ڪلاڪن تائين سنڌي هر هفتي يا هر مهيني حيدرآباد کان لاڙڪاڻي، نوابشاهه کان شڪارپور يا گهوٽڪي کان جيڪب آباد تائين سفر ڪرڻ وقت محسوس ڪندو هوندو. سياسي پارٽين کي ووٽ ڏئي اقتدار جو ڌڻي ڪرڻ جو مطلب اهو صرف سنڌ ۾ آهي ته حڪمران پنهنجي بينڪ بيلنس جي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي عيش ڪن ۽ ترقياتي عمل کان لاتعلق ٿي وڃن. روڊن ۽ مواصلات جي ٻين ذريعن جي خراب ڪارڪردگي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ مهڻو آهي ته هڪ محرومي به آهي. ارڙهين ترميم وسيلي انڌي منڊي صوبائي خودمختياري توڙي اين ايف سي ايوارڊ وسيلي ڪجهه وڌيڪ مالي وسيلا وٺڻ باوجود پيپلزپارٽي سنڌ جي اڏاوت ناهي ڪري سگهي. سنڌ جي ووٽرن کي ترقيءَ کان محروم ڪرڻ جو طعنو پيپلزپارٽيءَ کي ايندڙ چونڊن ۾ ضرور ڏيڻ کپي. ٽي وي چينلز جا اهي منظر جن ۾ عام عوام پوليس هٿان لٺيون کائيندي نظر پيو اچي، مهاجر صوبي جي حق ۾ لڳندڙ نعرا ۽ نواز شريف جا سنڌين سان گِهري ڀائپيءَ وارا بيان سنڌ جي ووٽر کي ڪيڏانهن وٺي ويندا، ان تي پير کوڙي ڳالهه ڪرڻ هرگز درست قدم نه هوندو. سياست ڏهاڙيءَ جي بنياد تي ڪمائي ويندي آهي، هر نئون ڏينهن نئين سياسي اشوءَ کي سامهون آڻي ٿو. ڪڏهن سرائيڪي صوبي جو وجود پچي راس ٿيڻ وارو هوندو آهي ته ڪڏهن مهاجر صوبي جي نعري وسيلي پيپلزپارٽيءَ جي رستي روڪ ڪرڻ جي ٽَل ٽَلي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن ته اهو به ٿيو ته وزيراعظم کي عدالت ان قانون تحت ڏوهي قرار ڏنو جيڪو پرويز مشرف ٺاهيو، اها ساڳي عدالت پرويز مشرف جي هر قانون کي ڪارو قانون قرار ڏئي چڪي آهي پر پ پ جي وزيراعظم کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاري قانون جو به سهارو ورتو ويو. ان فيصلي پيپلزپارٽيءَ کي عوامي شعور اندر ڪيترو مظلوم ڪيو آهي ان جو صحيح اندازو اڃا ناهي ٿي سگهيو. پر پيپلزپارٽيءَ جي ته خواهش هئي ته اهڙو ئي فيصلو اچي  جيئن هو هميشه جيان مظلوميت ۽ شهادت جي سهاري عوام جي حمايت کي پاڻ وٽ قيد ڪندا رهن. ميڊيا، منصفن ۽ مولوين (تحريڪ انصاف، دفاع پاڪستان اتحاد ۽ جماعت اسلامي) گذريل چئن سالن ۾ پيپلزپارٽيءَ سان گهٽ ناهي ڪئي، جيالن جي هر ننڍي خامي عظيم ڏوهه ڪري پيش ڪئي وئي آهي ۽ سندن ساراهڻ جوڳن فيصلن کي به طنز جي وَر چاڙهيو ويو آهي يا ٻين جي کاتي ۾ لکيو ويو آهي. اهو به سِڪي جو هڪ رخ آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ بنا پيپلزپارٽيءَ تي جهُل نه ٿي ڪري سگهجي.

اڃا تائين اهڙي ڳالهه ناهي ٿي سگهي جنهن مان اهڙو مقصد ڪڍي سگهجي ته هي سال چونڊن جو سال آهي، جيالا حڪومت جا بخيلا وزير توڙي جو هاڻي بخيليءَ جي انتها تي پهچي چڪا آهن پر ماڻهن کي اهو آسرو ڏئي ويٺا آهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي تمام گهڻا مالي فائدا ڏنا ويندا، مهانگائي، بيروزگاريءَ کي گهٽايو ويندو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو. اهي سڀ ڪم ٻڌڻ جي حد تائين ته خوش ڪري ٿا وجهن. ملڪ جي بينڪن حڪومت کي قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته حڪومت نوٽ ڇاپي معيشت هلائي آهي ۽ قرض کڻي ڪم ٽپايو آهي. آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ آمريڪا پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٽيڪسن جي اوڳاڙي جو ٽارگيٽ پورو ٿيندي نظر نه ٿو اچي. ته پوءِ ايندڙ مالي سال دوران ملازمن جون پگهارون وڌائڻ، بجلي پيدا ڪرڻ ۽ پيٽرول توڙي بجلي سستي ڪرڻ ۽ عام شين جا اگهه گهٽائڻ ڪيئن ممڪن ٿيندو. اهو ٿي سگهي ٿو ته حڪومت نيٽو سپلاءِ واري معاملي تي آمريڪا کي خوش ڪري آءِ ايم ايف کان قرض وٺي يا آمريڪا کان امداد ته اهو ممڪن آهي. جيڪا ڳالهه عمل ۾ اچڻ جوڳي لڳي ٿي ته عسڪري ڌر ۽ حڪومت ان ڳالهه تي متفق ٿي چڪا آهن ته آمريڪا سان لاڳاپا ٺيڪ ڪجن. نيٽو سپلاءِ، اگر بحال ڪئي وئي ته پوءِ اها ڌمڪي ڪيڏانهن غائب ڪري سگهبي جيڪا دفاع پاڪستان اتحاد ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان ڏني آهي ته اسان نيٽو سپلاءِ توڙي حڪومت ۽ فورسز تي وري خودڪش حملا ڪنداسين. خودڪش حملن جي سيريز اگر ٻيهر شروع ٿي ته ان جو مطلب اهو سمجهيو ويندو ته اهي صرف اي اين پي، پيپلزپارٽي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ وارن خلاف هوندا. خودڪش حملن جو ڊپ کڻي اي اين پي ۽ پي پي ڪيترا اليڪشني جلسا ڪري سگهنديون ۽ ڪيترا اڳواڻ بچائي سگهنديون ان پريشانيءَ کان بچڻ جي رٿابندي به حڪومت کي هاڻي ئي ڪرڻي پوندي ڇو ته هي سال ڀلي چونڊن جو نه هجي پر هي چونڊن جي تياريءَ جو سال ضرور آهي.

رحمان ملڪ پاران نوازشريف خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا ڪيس کولرائڻ سان نواز شريف کي خوف محسوس ٿئي ٿو يا نه، اها خبر نواز شريف کي باقي شير پنجاب کي به معصوميت جو راڳ آلاپڻ جي هڪ وِٿ ضرور ملي پوندي. سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم کي توهين عدالت جو ڏوهي قرار ڏيارڻ کانپوءِ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ لانگ مارچ جو دڙڪو ڏئي نوازشريف ڏهيسر سنڌ وٽ اچي پناهه ورتي جنهن اهو اعلان ڪري پاڻ تي خلق کلائي ته “مان ته قومپرست آهيان ئي ڪو نه، قومپرست ته جيئي سنڌ وارا آهن ۽ مون پاڻ کي ڪڏهن ڏهيسر ناهي چيو” اهڙي ڪمزور پناهه جي سهاري نوازشريف سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پيپلزپارٽيءَ کي ڪيئن سوڙهو ڪندو!! نواز ليگ جي لانگ مارچ جو دڙڪو شايد چوڌري نثار جو ضد هو، جنهن کي نوازشريف ٺلهو اعلان ڪري پورو ڪيو. باقي ان اعلان جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه، جنهن خلاف اڄ تائين هڪ به سنجيده تنقيدي ايس ايم ايس ناهي هليو (شاهه صاحب خلاف اجائي پروپيگنڊه تحت هڪ نشي جو عادي هجڻ جا ايس ايم ايس هر روز جُڙن ٿا) ڪمون شهيد ۾ جيالن جي هڪ وڏي انگ کي پنجاب جي بارڊر تي نواز ليگ خلاف بيهاري پيپلزپارٽيءَ متعلق ٿيندڙ بحث ۾ اها وضاحت ضرور ڪئي آهي ته پي پي سنڌ ۾ ايڏي ڪمزور ناهي جيتري تجزيا نگارن ۽ نواز شريف جي خواهش آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ به نواز ليگ کي اگر اهي وڏيرا جوائن ڪندا جيڪي پنهنجون روايتي سيٽون هميشه کٽيندا رهندا آهن ته سنڌ ۾ سندن نانءُ کڻڻ وارا چند ايم پي ايز ٺهي پوندا، پر اگر گهوٽڪيءَ جا مهر، نوشهرو فيروز ۽ شڪارپورجا جتوئي، قمبر شهدادڪوٽ جا چانڊيا، ملڪ اسد سڪندر ۽ ارباب گروپ سندن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ کان انڪار ڪندا ته ان ٻيڙيءَ کي سنڌ ۾ پتڻ ڪٿي ملندو؟ دادوءَ جو جتوئي ٻڌايو وڃي ٿو ته اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر جيان سياست ۽ عوامي موٽ مان مايوس ٿي غائب ٿي چڪو آهي، ڪشمور جو مزاري ۽ نوابشاهه جا سيد پيپلزپارٽيءَ ۾ اچي ويا آهن. ۽ ٻيا اهڙا وڏيرا يا پير جيڪي ووٽن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا سندن واسطو اصلي حاڪمن سان آهن اهڙن سياستدانن کي راضي ڪرڻ لاءِ فريال ٽالپر ڀاءُ جي مشوري تي ڏينهن رات لابنگ ڪري رهي آهي. ڇو ته هن ڀيري پ پ وارن وٽ اڃا ڪو شهيد ناهي ۽ کين اندازو آهي ته کين ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ يا ته ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملندا يا وري وڏيرن جي مجمعي کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪري. پيپلزپارٽيءَ نوڪرين ڏيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيل نوجوانن کي پوليس ۾ سپاهي، مڪاني ادارن ۾ آڪٽراءِ ڪلارڪ يا تعليم کاتي ۾ ماستر جي نوڪري ڏئي ووٽ وٺڻ واري تجربي کي ورجايو پيو وڃي. ان ڪم ۾ پيپلزپارٽيءَ کي وڏي مهارت حاصل آهي. وطن ڪارڊ، بينظير انڪم سپورٽ، ٽريڪٽر اسڪيم، سنڌ بينڪ جي زرعي قرضن ۽ ٻين پروگرامن مان پيسا وٺندڙ سنڌ جو ووٽر ڏسجي ته ايندڙ اليڪشن دوران ووٽ جي پرچيءَ تي ٺپي هڻڻ وقت “تبديلي پسندن” جي ڏسيل راهه جو راهي ٿئي ٿو يا ڳڙهي خدا بخش وارن جي سنڌ ڪارڊ جو حصو ٿئي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو