Home / افيئر / سياست بازي
above article banner

سياست بازي

اکر مٿان اکر چپڻ جي بدران چڱائي انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ٿلهي ليکي ڳالهه ڪري اڳتي لنگهي وڃجي. ڀلا جي کڻي ڪنهن جو حوالو به کڻي ڏجي ته انهيءَ کي ڊيگهه ۾ وجهڻ جي بدران مختصر ڪرڻ گهرجي. انگريزي ادب جي استادن مان هڪ استاد ناول نگار وليم فاڪنر جو چوڻ آهي ته ويهين صديءَ ۾ جيڪي ٻئي عظيم جنگيون لڳيون ، اهي ٻئي ڪنهن نه ، پر پنجاهي ورهين کان چڙهيل سياستدان  ئي  خلقت تي مڙهي خلقت جا  تڏا اٿاري ڇڏيا. اهو ته ٿيو آمريڪي ليکڪ جنهن جي صحت تي جنگين جو ڪو به اثر ڪو نه پيو، پر ٻين جا زخم ته ڳڻائڻا پوندا ئي آهن.

 

آمريڪا جي ئي ٻئي حال حيات ليکڪ پال ٿيرو جو لکڻ آهي ته “ آءُسياستدانن کان ونءُ ويندو آهيان .ڇاڪاڻ ته توهان جيترو به ڪنهن سياستدان جي ويجهو ويندئو، اوتروئي ذهني مونجهاري جو شڪار ٿيندا ويندئو. ڀارت جي ٻهڳڻ ليکڪ جو ڊگهو ۽ ڇڪ ڇڪان وارو ناول Asuitable boyپڙهڻ به ڏکيو، ته ڳڙڪائڻ به ڏکيو. وڏو مٿو ٿو هڻڻو پوي ، پر جيڪڏهن انهي ناول کي پڙهڻ جي همٿ ڌاربي ته سڄي ناول کي هڪ سٽ ۾ اڏائيندي اهو چئي سگهجي ٿو ته“ ماڻهو الائي ڇو اڻ ڏٺي ڀڳو ان کي پوڄڻ جي بدران ڏٺن وائٺن ۽ پرکيل سياستدانن کي پوڄينداآهن؟” نائيجيريا جي نوبل  لاريٽ ۽ کاٻي ڌر جي ليکڪ  ڏاڏ ي جو چوڻ آهي ته ” تقريرن ڪرڻ ۽ ڄاڙي هڻڻ جا مزا سياستدان وٺندا آهن” چين جو نوبل لاريٽ ليکڪ گائو شن جيان پنهنجو پاڻ کي سياست جو مقتول ٿو چوي. سنڌي زبان جي اوڙاهه شاعر شيخ اياز جو چوڻ آهي ته“ عوام هوندو آهي ڪاٺ جا بنڊ، جن کي رات جو  سيءِ ۾ باهه ڏيئي سياستدان پنهنجا هٿ پير به سيڪيندو آهي ۽ باهه جي روشني ۾ سندس شڪل به چٽي ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ سندس ڪنڌ مٿي هوندو آهي” اهڙيون ڳالهيون ته ڳچ آهن، پر ٿوري لکئي کي گهڻو سمجهندا ، خدانه خواسته اهي ڳالهيون ڪنهن چي گويرا جهڙي سياستدان جي باري ۾ ڪو نه لکيون ويون آهن. پر اهڙن سياستدانن، جيڪي ڪرسيءَ سان نڪاح پڙهڻ جي چڪر ۾ هڪ ٻئي جا  کنڌا کڻندا آهن ۽ هر وقت سانن وانگر وڙهندي ٻوڙن کي لتاڙڻ ۾ پورا هوندا آهن، هتي اسان کي اهڙن ئي سياسي ليڊرن جا منهن ڳڻڻا آهن.

ڪو به سياسي اڳواڻ جڏهين پنهنجي منهن ويهي سوچيندو آهي ته سندن من ۾ هڪڙي ڳالهه هوندي آهي پر جڏهن اهو ئي ليڊر  گهر ڀاتين  سان گڏ هوندو آهي ته ساڳي ئي ڳالهه کي ڦيرائي، انهيءَ ڳالهه جو ٻيو ور(VERSION )ٻڌائيندو آهي. اهوئي سياسي سرواڻ جڏهن ڪنهن ڪچن ڪئبينيٽ  سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڳالهه ڪندو آهي ته اهو ساڳي ڳالهه کي ڦيرائي نئين رنگ ڍنگ ۾ ڪندو آهي، اهوئي همراهه جڏهن وري سينٽرل ڪميٽي جي صدارت ڪندو آهي ته انهيءَ ميٽنگ ۾ وچان ئي چوٿون سُر وٺائيندو آهي ۽ اصل ڳالهه لڪائي ڇڏيندو آهي، اهو ساڳيو ليڊر جڏهن پنهنجي اتحادي ڌر سان رهندو آهي ته اڳيون پٺيون ڳالهيون ڇپر ۾  رکي وچائين پنهنجي ڳالهه کي هٿي وٺرائيندو آهي ، اڃا به اڳتي هلي ڪري اهو سياسي سرواڻ عام سياسي ورڪرن جي وچ ۾ گهيريل هوندو آهي ته ڇهين ڳالهه تي وڃي تان ٽوڙيندو آهي. اهوئي سڄڻ سائين جڏهن عوامي جلسي کي خطاب ڪندو آهي ته  وڃي ستين تان هڻندو آهي. پر مزيدار ڳالهه اها آهي ته اهو ساڳيو ئي ليڊر جڏهين غير ملڪي اخبار، رسالي يا ٽي وي کي انٽرويو ڏيندو آهي تڏهين وڃي اٺين ڳالهه مٿان ٽٽندو آهي ۽ جڏهن ملڪي ميڊيا سان ڳالهه ڪندو آهي ته وچان ئي گُهت هڻي نائين واٽ تي وڃي پوندو آهي. اهوئي سڄڻ سائين جڏهن ذاتي سنگت ساٿ ۾ ويهندو آهي ته يارن پيارن جي اڳيان ڏهون ٻٽاڪ هڻندو آهي. ٻين اکرن ۾ ايئن کڻي چئون ته سياسي سرواڻ هڪڙي ئي ڳالهه جا ڌار ڌار ڏهه وراڪا ((VERSION ) بيان ڪندو آهي. مطلب ته اقتدار جو بکيو، ڪرسيءَ جو موالي سياستدان ڏهه منهين بلا ٿيندو آهي، اهڙين بلائن کي گروگورکناٿ به پڪڙي نه سگهندو آهي. هت اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته اها ڳالهه  ڪنهن  اڌ پارٽي جي ليڊر تي نه ٿي پوي ، پر سڀ رڍون ڪارٻوٿيون هونديون آهن

 

هڪڙي ئي ڳالهه جي اهڙن ڏهن وڪڙنVERSIONS)) کي اقتداري سياسي دنيا ۾ حڪمت عملي سڏيندي غسل ڏيئي پاڪ ڪيو ويندو آهي، ڳوٺاڻا ماڻهو انهيءَ حڪمت عملي کي “شاست” چوندا آهن . ڪي ماڻهو وري ساڳي شيءَ کي “ سياسي مجبوري” جو نالو ڏيندا آهن! ڪي سمجهه ڀريا ماڻهو  وري انهيءَ شئي کي وري پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي ڪيفيت نيرن جو ڪرسيءَ جو سهارو ڪامورا به وٺندا آهن، پر انهن کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته سٺ ورهين جي ڄمار کي پهچڻ کان پوءِ يا ته ڪرسي ڇڏڻي پوندي يا ڪرسي مٿان مري مٿو ڏبو. ٻنهين صورتن ۾ ڪامورو سياستدان کي بيوقوف بڻائي يا حصيدار بڻجي به مال پاڻي ڪمائي ته وٺندا آهن.سياستدان به مال پاڻي ڪمائي وٺندا آهن پر کين اها سُرت ڪو نه هوندي آهي ته اوچتوئي اوچتو سندن ڪرسي کين ڌڪ پٽي ڇڏيندي، انهيءَ بي سرتائي جي ڪري سياستدانن جا ٻه درجا ٿيندا آهن. هڪڙن کيESTABLISHMENT چيو ويندو آهي ۽ ٻين کي ESTABLISHMENT OF ANTI ESTABLISHMENT چيو ويندو آهي. سياستدان جڏهن اڃا پاور ۾ نه هوندا آهن ته ڪامورا شاهي کي ڏند ڪرٽي گاريون ڏيندا آهن، پر جڏهن پاور ۾ ايندا آهن ته ڏند ٽيڙي ڪامورا شاهي کي ڀاڪر پائي پنهنجو حصو پتي رکي ڇڏيندا آهن ۽ سونن فائيلن تي صحيح ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن، باقي بکين فائيلن کي ايستائين پاسي تي رکي ڇڏيندا آهن جيستائين وڃي سندن اقتدار جو خاتمو اچي. شراب جي نشي ۾ ماڻهو يا ته ڪنهن کي پر پٺ گاريون ڏيندو آهي يا ٻين موالين کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندو آهي يا وري چپ جي بيماري ۾ وٺجي ويندو آهي. چرس جي نشي ۾ ماڻهو SEXY بڻجي ويندو آهي، پوءِ يا ته پيو ذر ذر اکيون ٽمڪائيندو آهي يا وري نرڙ تي هٿ پيو ڦيريندو آهي. پوءِ سمن جون ساريون ٻڏن يا نه ٻڏن، موالي جو مڙئي خير هوندو آهي. ڀنگ جي نشي ۾ موالي کي وقت يا فاصلي جي ڪا به خبر نه پوندي آهي. پر هيروئن جي نشي ۾ ماڻهو کان سڀ واڪائون هليون وينديون آهن ۽ موالي پنهنجو پاڻ کي جنت ۾ محسوس ڪندو آهي، تنهن ڪري مرڻ ۾ دير ڪو نه ڪندو آهي، پر انهن سڀني نشن کان زور آور نشو سياسي ڪرسيءَ ۾ هوندو آهي جو ويهڻ ساڻ گهر جي ڪڪڙن تي سياستدان گوليون هلائڻ شروع ڪندو آهي ۽ چوڌاري ڊز ڊز لڳي پئي هوندي آهي.ايئن سياستدان ٻين جا ٿڏا پٽيندو آهي ۽ پنهنجا کنڌا به کڻي ڇڏيندو آهي، يا فقير چٽ يا سارنگي چٽ. سياسي نشي ۾ اچي ماڻهو ايئن چپٽين تي نچندو آهي ۽ پنهنجي پرائي کي به نچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تان جو همراهه ڪرسيءَتان ڦهه ڪري اچي ڪرسيءَ تان هيٺ ڪري. سياستدان مرڻ کان اڳ ۾ وصيت به ڇڏي ويندو آهي ته کيس مرڻ کان پوءِ کٽ تي سمهارڻ جي بدران ڪرسيءَ تي سندس لاش کڻي پوريو وڃي، کيس تابوت جي نه، پر ڪرسيءَ جي ضرورت هوندي آهي.

 

ريل ۾ چڙهڻ کان اڳ ۾ سياستدان جيل جا مزا به وٺندو آهي، جتي ٻين قيدين کي ته کولين ۾ رکيو ويندو آهي ، پر سياستدان کي ”A“ ڪلاس ڏئي ايئر ڪنڊيشنڊ ۾ سهوليت به ڏني ويندي آهي ۽ گڏوگڏ ڪجهه بي گناهه قيدي خادمن طور مقرر  ڪيا ويندا آهن، جيڪي هر وقت سياستدان جي خدمت لاءِ تڪيا تڪرا حاضر هوندا آهن. پاڻ هڪڙو ٽي وي ناٽڪ سيريل  لکيو هو “ سيڙهيان ” انهيءَ جو هڪ مک ڪردار قمرو گڏهه گاڏي وارو هوندو آهي جيڪو لياري واسي هوندو آهي. لياري جو اهو گڏهه گاڏي وارو مڪراني ظلم جي جانڊه ۾ پيسجڻ کان “مرتا کيا نه ڪرتا”  جي اصول تحت مصيبت ۾ ڦاسڻ کان پوءِ پنهنجو بچاءُ ڪندي خون ڪري وجهندو آهي ۽ کيس  ڦاسي جي سزا ملندي آهي، پر جيل ۾ سٺي چال چلت جي ڪري قمرو کي ڪجهه قيدي سياستدانن جو خادم مقرر ڪيو ويندو آهي، جتي هو سياستدانن کي ٻوڙ پلائون کائيندي موجون ڪندي ڏسندو آهي. ته کيس حيرت به ٿيندي آهي ۽ ڪجهه شڪ به پوندو آهي ته الائي کيس ڪٿي موڪليو ويو آهي . سو سوچي سوچي نيٺ پنهنجي ساٿي خادم کان پڇندو آهي ته “ ڇا واقعي هي جيل آهي؟ ڇا اهي همراهه واقعي قيدي آهن ۽ جيل ۾ ئي آهن؟“  اها ڳالهه ٻڌي مڪراني سوچي چوندو آهي“ يار، جي مون کي خبر هجي ها ته جيل ۾ ههڙا مزا لڳا پيا آهن ته ڪر آءُ هڪڙي خون ڪرڻ جي بدران ٽي چار ٻيا به خون ڪري اچان ها “ ايئن سياستدان لاءِ جيل جا مزا ريل جي مزن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، پٽ جا مزا ڇٽ جا مزا بڻجي ويندا آهن.

سياستدانن جا ڪجهه آف شوٽ به ٿيندا آهن جن کي عرف عام ۾ ميڊيا وارا همراهه يا سياسي مبصر چيو ويندو آهي، انهن جي پڇ ۾ يا ته صاحب اقتدار يا وري منتظر اقتدار گهنڊڻي ٻڌي ڇڏيندا آهن، جيڪا اٿي ويٺي ۽ ستي ستي يا پاسو ورائيندي پيئي وڄندي آهي، جنهن سان توهان ڀل کڻي ASTRONOUTS ( سارن سيارن جا راهي)  تي ڳالهائيو، پر اهي ڦري گهري اوهان کي گهمريون ڏيئي اهڙي قسم جي جمهوريت  ڏانهن وٺي ايندا آهن، جنهن تي عمل ڪرڻ ته ڇا، پر اسان جي سياستدانن وٽ تصور به نه هوندو آهي ۽ جڏهين  ڪٿان ٿوري به مخالفت ٿيندي آهي ته انهيءُ تي گوڏا ڏيئي چڙهي ويندا آهن. وٽن جمهوريت جي معنيٰ آهي “ دشمني” اسان جا سياسي مبصر وري اوڏانهن ريلو کائيندا آهن ، جيڏانهن کين ڀت سُجهندي هجي ۽ سڄي ميڊيا اوڏانهن رخ رکندي آهي، جيڪي سياستدان کين پلاٽ الاٽ ڪري يا اشتهار ڏيئي پنهنجو ٻولڙيو بڻائي وٺندا آهن. اسان جو سفيد پوش طبقو ڏاڍو ترڪڻو ٿيندو آهي ۽ ڪنهن جي پيرن ۾ ڪرندي دير نه ڪندو آهي، پوءِ سياستدان جا پير اگهاڙا هجن ۽ گند ۾ ڀريل هجن يا وري ڀلي کڻي دڦر پير هجن. ڪن کي مال پاڻي ملي ويندو آهي ، ڪي وري مال پاڻيءَ لاءِ  پيا واجها ئيندا آهن، هڪڙا ڪمائي دنگ ڪندا آهن ته وري ٻين جو وارو شروع ٿي ويندو آهي، باقي اها وائي  وات هوندي اٿن ته انقلاب هميشه سفيد پوش طبقو آڻيندو آهي، اهي مبصر انقلاب جو گهونگهٽ پائي پوءِ نچندا آهن ،نچي نچي ساڻو ٿيڻ کان پوءِ کين ڪنهن سياسي ڌر طرفان ڪجهه ناهي ملندو ته پوءِ انهيءَ سياسي ڌر جي گلا ۾ شروع ٿي ويندا آهن ۽ کين عوام جو ڏک اچي کڻندو آهي.باقي ٽڪر وات ۾ هوندو اٿن ته وات بند هئڻ جي ڪري ڪڇي نه سگهندا آهن ، جي ٽڪر ڳڙڪائي به وٺندا آهن ته وات ۾ مڱ وجهي ويهي رهندا آهن. هتان جون سياسي ڌريون اسان جي انهن مبصرن سان خوش هونديون آهن. ڪي ڪي مبصر ته ڪانءَ کان به وڌيڪ چالاڪ هوندا آهن ۽ وچ وٺي هلندا آهن، اهي مبصر ڪنهن اهڙي ڪمري وانگيان هوندا آهن جنهن جا چار دروازا هوندا آهن ته جيئن ڀڄي جند ڇڏائڻ ۾ آساني ٿئي ۽  هڪڙي سياسي ڌر وٽان ” يا ڦٻئون ڪري ٻي ڌر جا پير وڃي جهلجن، هتي هميشه شارٽ ڪٽ ڪامياب حڪمت عملي هوندي آهي گهت هڻو ۽ نڪري وڃو، پاڻ خوش رهو ۽ سياستدانن کي به خوش رکو. اهي ٿيا اسان جا اوپينين ميڪر.

غريب ماڻهو کي ته ايترو ستايو ويو آهي جو موچڙا کائي کائي بک جي رڻ ۾ رلي رلي پنهنجو حافظو وڃائي ويٺو آهي. ساڻن جيڪا جٺ ٿيندي آهي، اها وساري ويهي رهندو آهي. سياستدان يا ڀوتارڳالهه مڙوئي ساڳي ڀلي کڻي ماري مڃ ڪري ، پر پوءِ به سکڻن نعرن جي پويان لڳي هرکجي وري به ووٽ جو ٺپو انهن مٿان هڻندا آهن، جن کين وڌ ۾ وڌ ستايو هجي ، وڌ ۾ وڌ حق ڦريا هجن ۽ وڌ ۾ وڌ اگهه چاڙهي سندن نڙيءَ تي لت ڏني هجي.

Catchy نعرا هڻو ۽ ووٽ وٺو، هونئينش به ڀلا اوهان عام ماڻهو کان سوشلزم جي معنيٰ پڇندئو ته ٿوري گهڻي ٻڌائي ويندو ته “ جيڪو کيڙي سو کائي” پر جي ساڳئي ماڻهو کان جمهوريت جي معنيٰ پڇندئو ته پهرين ته اهو منجهي پوندو ته اهو الائي ڪهڙي بلا جو نالو آهي، پر پوءِ ٿورو گهڻو سوچي صرف ايترو چئي سگهندو ته“ ووٽن وارو ڀت” کائڻ کي جمهوريت چئبو آهي، جڏهن اسان جو سياستدان ئي جمهوريت جي معنيٰ کان بي خبر آهي ته ويچاري موچڙن جي ماريل مسڪين ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر ته اها ڇا آهي.

اليڪشن جو ڀت کائو، اوڳرائي ڏيو ۽ ٽوال ڇنڊي روانا ٿي وڃو، ڪوڙن آسرن تي لڳو ۽ بک ، بيماري بدامني جو شڪار ٿي وڃو، سياست بازي کي سمجهڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

يا وري اسان جي نام نهاد سول سوسائٽي جي ماڻهن وانگر ويندڙ حاڪم کي پويان ڀونڊو ڏيو ۽ ايندڙ حاڪم جون جتيون کڻو. ٻيا وڃي ٿيا ست خير

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو