Home / افيئر / شليندر: هندي فلمن جو لازوال شاعر
above article banner

شليندر: هندي فلمن جو لازوال شاعر

نغمه نگار شيلندر جو جنم راولپنڊي ۾ 30 آگسٽ 1930 ۾ ٿيو . هن جي ذات سنگهه هئي پر سندس ڪٽنب پنهنجي نالي سان سنگهه لفظ کي نسبت نه ڏني .هو راولپنڊيءَ مان لڏي اتر پرديش جي شهر ماٿو را ۾ وڃي رهڻ لڳو،سندس والدين کي ڪيسر لعل شيلندر ۽ پروتي ڪيوي کي چئن پٽن جو اولاد هو جن مان شيلندر سڀ کان وڏو هئو، هن جو پورو نالو شنڪر شيلندرهو.

شيلندر اڃا ننڍو هو، ته هن جي ماءُ گذاري وئي ۽ سندس وڇوڙي شيلندر کي هڪ تمام وڏو صدموڏنو جنهن سان هن جي ماءُ کان سواءِ زندگي جي غير محفوظ هجڻ جو فڪر به وڌي ويو ۽ هميشه ان فڪر سان واڳيل سوال ڪندو رهندو هو.

43 ورهين جي مختصر ڄمار ۾ هن اها شاعري ڪئي جيڪا بالي ووڊ جي شاهڪار شاعري ليکي وڃي ٿي.پنهنجي شروعاتي زندگي جي دردن هن جي احساسن تي جيڪي نقش ڇڏيا انهن جو عڪس چٽيءَ طرح هن جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو .ان وقت ۾ لکيل هزارين گانن ۾ شيلندر جو هي گانو بيشڪ هڪ  شاهڪار گانو آهي جنهن جا ٻول آهن “ڪسي ڪي  مسڪراهٽون پي هو نثار” (فلم اناڙي )يا ڪهان جارهاهي تو، اي جاني والي (فلم سيما) هن هزار کن گيت لکيا جن ۾ ڪوبه اهڙو گيت نه هو جنهن ٻڌندڙ جي دل کي نه ڇُهيو هجي.

شيلندر اليڪٽريڪل اينڊ مڪنيڪل ۾ ڊپلو ما ڪيو ۽ اپلائيزشن ڪرڻ کان پوءِ ريلوي ۾ بي گريڊ جي نوڪري حاصل ڪيائين پر ٻين نوجوانن وانگر هن جو سمورو ڌيان پنهنجي ملڪ ۾ جاري آزاديءَ جي تحريڪ ڏانهن هليو ويو. هو به ان تحريڪ دوران جيل هليو ويو .جيل ۾ رهڻ دوران نوجوان شيلندر غلامي ،پيڙا ۽ محرومي کي شدت سان محسوس ڪيو .هن جي شاعريءَ ۾ اڪثر اهڙن احساسن جا نشان ملن ٿا جن جي ملاوٽ سان سندس ڪيل شاعريءَکيس هندستاني فلمي دنيا جو اڻ مٽ شاعر بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن راج ڪپور پنهنجي فلم داغ لاءِ شاعري ڳولي پيو تڏهن هن کي شيلندر کي هڪ محفل ۾ “جلتا هي پنجاب ” جي عنوان سان شاعري ڪندي ٻڌندو .هو ان مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي فلم جي لاءِ گانا لکڻ لاءِ چيو پر شيلندر کيس جواب ڏيندي چيو ته “ نه مهرباني” پر اڳئين سال جڏهن هن شادي ڪئي ته هن جا خرچ به وڌيا ۽ هو پاڻ راج ڪپور ڏانهن ويو ته هو ان کان پنهنجي فلم لاءِ گانا لکرايا، راج ڪپور 500 رپين جي معاوضي عيوض هن کان فلمي دنيا لاءِ پهريان ٻه گانا لکرايا ۽ اهي گانا هئا1 “برسات مين هن سي ملي تم سجن” 2 “پتلي ڪمر هي ترڇي نظر هي ” انهن گانن جي رليز ٿيڻ سان ئي اهي سپر هٽ ٿي ويا ۽ شيلندر بي ڪلاس ميڪنڪ مان اي ڪلاس نغمه نگار بڻجي ويو.

هن پنهنجو فني سفر راجا ڪپور جي فلمي اداري آر ڪي فلمز جي بينر هيٺ جاري رکيو جنهن ۾ حسرت جئه پوري جهڙو ڀلو شاعر ۽ شنڪر جئه ڪشن جي انمول موسيقار جوڙي به هئي . هي چار ڄڻا راج ڪپور جهڙي موسيقي سان چاهه رکندڙ راج ڪپور جي مدد سان ڌنن جا راج بڻجي ويا . شيلندر شنڪر سان ۽ حسرت جئه ڪشن سان وڌيڪ ڪم ڪيو.

شنڪر سان گڏ ڪم ڪندڙ ڳائڻي شاردا تنهن وقت کي ياد ڪندي ٻڌائي ٿي ته مون کي ياد آهي جڏهن شيلندر سگريٽ پيئندي شنڪر جي ڌن ۾ ٻڏي ويندو هو ته جيئن ان تي شاعري تخليق ڪري سگهي جيئن ڪوٽوٻو سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي ۽ جڏهن واپس اچي هٿ ۾ خزانو هجي. شيلندر جا لفظ موتي هئا جيڪي موسيقي جي ريشمي ڌاڳي ۾ پرويل هوندا هئا.هي لفظ موسيقي ۾ جذب ٿي ويندا هئا،

موسيقار شاعري تي ڌنون ٺاهيندا آهن پر شيلندر جي شاعري تي جتي ڌنون ٺهيون اتي شيلندر ڌنن تي به شاعري ڪئي.هن جو چوڻ  هو ته موسيقي خود هڪ ٻولي آهي جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ لهجا آهن .شيلندر شنڪر جئه ڪشن سان گڏ آر ڪي فلمز کان ٻاهر به ڪم ڪيو جيئن آس ڪا پنڇي ،هريالي اور راسته ۽ پروفيسر وغيره .هن عظيم موسيقار ايس ڊي برمن سان گڏ  انسان جاگ اٺا،  ڪالا بازار ،ابندني ۽ گائيڊ فلم لاءِ ڪم ڪيو.ان کان سواءِ هن سليل چوڌري سان ايڪ گائون ڪي ڪهاني،اس ني ڪها ٿا ۽ مڌو مستي لاءِ ڪم ڪيو .

وڌيڪ ڪاميابيون وڌيڪ خوشيون ۽ آسائش کڻي آيون .هاڻي شيلندر ايئر ڪنڊيشبد بنگلي ۽ آسٽن جهڙي قيمتي گاڏين جا مزا ماڻڻ شروع ڪري ڏنا.هاڻي هو هڪ نغمه نگار کان به اڳتي لاءِ سوچڻ لڳو .هو نغمه نگاري بجاءِ فلم پروڊڪشن لاءِ پرسوئڻ لڳو ۽ اهو ئي هن جي زندگي جو هڪ وڏو غلط فيصلو هئو.هن جنهن فلم کي ٺاهڻ شروع ڪيو ان جو نالو “تيسري قسم“هو ان فلم ٺهڻ ۾ چار سال لڳا .شيلندر پاڻ دهليءَ ۾ ٿيندڙ ان فلم جي پريمئر ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيو.هن جي صحت تيزي سان ڪرڻ لڳي هئي ۽ هو جگر جي عارضي جي ڪري نارٿ ڪورٽ نرسنگ هوم ممبئي ۾ وڃي داخل ٿيو جتي هو ٻئي ڏينهن گذاري ويو.هو جنهن ڏينهن گذاري ويو اهو14 ڊسمبر 1966ع هو ۽ اهو ڏينهن راج ڪپور جو جنم ڏينهن به هو.شيلندر راج ڪپور کي ان جي جنم ڏينهن تي هڪ ڏکوئيندڙ تحفو ڏنو هو پر رڳو ايترو ئي نه هن راج ڪپو ر لاءِ هڪ ٻيو به تحفو ڇڏيو هو اهو هو هن جي زندگي جو آخري تحفو “جينا يهان هي ”اهو گانو آهي جيڪو ميرا نام جوڪر ۾ راج ڪپور تي فلمايو ويو ۽ اڄ ڪيئي ماڻهو راج ڪپور کي ان نالي سان ياد ڪندا آهن. شيلندر ان گاني جو فقط مکڙو لکيو هو ۽ ان جي وفات کان پوءِ راج ڪپو ر ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حسرت ،جئه پوري ،انديور ۽ نيرج نا نالا سو چيا هئا پر ان موقعي تي شيلندر جي نوجوان پٽ شيلي راج ڪپور کي درخواست ڪئي ته نغمي جا باقي ٻول ان کي لکڻ جي اجازت ڏني وڃي.راج ڪپور کي ڏاڍو پسند آيو .ميرانام جوڪرشيلندر جي وفات جي چئن سالن کان پوءِ رليز ٿي.هن گاني جو ٻيو حصو به ميرانام جوڪر جي پارٽ ٽو ۾ اچي هاپر بدقسمتي سان اها فلم بري طرح فلاپ وئي ۽ شيلي به وڃي موسيقاربڻيو. اڄ ڪيئي سال گذرڻ باوجود شيلندر خوبصورت شاعري سبب موسيقي جي قدر دانن جي دلين ۾ زنده آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو